تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

آئوٽ آف ڪورس پيپر ڇو ڏنو اٿوَ؟سعيد آباد پي ٽي سي ۾ اپر ڪورس لاءِ امتحان ڏيندڙ سب انسپيڪٽرز آپي مان نڪري ويا: جهيڙو، سي سي ٽي فٽيجز وائرل

جهيڙي ۽ امتحاني پيپرز ڦاڙڻ وارا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا

اپر ڪورس6مهينن جو هوندو آهي،11مهينن ۾ ڪورس مان ڪجهه نه پڙهايو ويو:اميدوار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سعيد آباد ٽريننگ سينٽر ۾ سنڌ پوليس ۾ اپر ڪورس لاءِ امتحان ڏيندڙ سب انسپيڪٽرز ڪورس کان ٻاهران سوال اچڻ تي آپي مان نڪري ويا. جهيڙي ۽ امتحاني پيپرز ڦاڙڻ وارا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا. اميدوارن جو چوڻ آهي ته رولز موجب اپر ڪورس 6 مهينن جو هوندو آهي، پر 11 مهينا گذرڻ باوجود ڪورس جَي حوالي سان ڪجهه نه پڙهايو ويو، اهڙي صورتحال ۾ امتحان ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. هنن چيو ته اعليٰ آفيسرن جِي غلط پاليسين سبب مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي.

Bookmark the permalink.