تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

آءِ جي کي شئير ناهي ملندو ته پوءِ ڪارروائيون ڇو نٿيون ٿين (سنڌ هاءِ ڪورٽ ناراض) گُٽڪي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

معاملو ايف آءِ اي ۽ نيب ڏانهن موڪليون ٿا، پوليس اهلڪارن جي اثاثن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي

آءِ جي سنڌ کي ڪيترو شيئر ملندو آهي؟ شيئر نٿو ملي ته پوءِ ڪارروائيون ڇو نٿيون ٿين؟ اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي ذهنيت به ساڳي آهي: عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گُٽڪا ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙڻ خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته آءِ جي کي شيئر نه ملندو آهي ته پوءِ ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ پوليس اهلڪارن جي اثاثن جي به جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون ٿا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي وڪري توڙي واهپي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت گُٽڪي جي واهپي خلاف ڪارروائيون نه ڪرڻ تي پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته گُٽڪا ۽ مين پُڙيون ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، آءِ جي سنڌ کي ڪيترو شيئر ملندو آهي؟ جيڪڏهن شيئر نٿو ملي ته پوءِ ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟
معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي حوالي ڪريون ٿا
عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هاڻي ئي هي معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون ٿا، پوليس اهلڪارن جي اثاثن جي به جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، غريب ماڻهو پڙهي لکي آفيسر ٿئي ٿو ته اُهو به وڏو ٿيڻ جي چڪر ۾ ساڳيو ڪم ڪري ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته جاگيردارن کي بدنام ڪريو ٿا، اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي ذهنيت به ساڳي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس لکي ڏئي ته ٻيون قوتون به اِن ڪاروبار ۾ ملوث آهن. عدالت گُٽڪا ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.