تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالرز نئون قرض وٺڻ جو فيصلو: پيٽرول وڌيڪ سستو ڪنداسين: حفيظ شيخ

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالرز نئون قرض وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ کان فوري طور تي 35 ڪروڙ ڊالر ۽ ان بعد جون ۾ 90 ڪروڙ ڊالر جو قرض وٺڻ سميت ورلڊ بينڪ کان 1 ارب ڊالر جو قرض ورتو ويندو، ايندڙ ٽن مهينن ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌيڪ گهٽايا ويندا. وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ وپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سڌ سماءَ بابت خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ، اقتصادي رابطن جي وزير حماد اظهر ۽ پيٽروليم بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون نديم بابر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم جو معاشي پيڪيج سوا کرب جو آهي، وفاقي حڪومت هر قسم جي صنعتن جي قرضن جي ٽن کان ڇهن مهينن تائين ادائگي ملتوي ڪرڻ سان گڏ ايندڙ ٽن مهينن تائين پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪندي. هنن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ملڪي معيشت سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي هئي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب کان گهٽ ٿي 3 ارب تي پهتو، ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو ۽ هن حڪومت 4 هزار ارب جا قرض واپس ڪيا، گذريل 8 مهينن ۾ ٽيڪس وصوليون ايتريون ٿيون جيتريون تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيون، گذريل سال جي 8 مهينن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي 8 مهينن ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصوليون ٿيون، صوبن کي به تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم فراهم ٿي، اسٽيٽ بينڪ وٽ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ به 5 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو، دنيا ۾ پاڪستان جي معيشت جي مضبوط ٿيڻ جي ساراهه ڪئي پئي وئي پر ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب ملڪي معيشت تي برا اثر پوڻ جو خدشو آهي، جن ملڪن ۾ اسان ايڪسپورٽ ڪندا آهيون، انهن ملڪن جي معيشت ڪمزور ٿي وئي آهي، اسان جي ايڪسپورٽ به گهٽ ٿيندي، سعودي، يو اي اي، آمريڪا سوڌو جن ملڪن ۾ پاڪستاني ڪمائي پئسا موڪلين ٿا ان رقم جي آمد ۾ به گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، ملڪي اقتصادي سرگرمين ۾ گهٽتائي ايندي ته ٽيڪس وصوليون به گهٽ ٿينديون. هن چيو ته ڪورونا جي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت سوا کرب رپين جو مجموعي طور تي پيڪيج ڏئي رهي آهي، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ جيڪي مزدور پنهنجو روزگار ۽ ملازمتون وڃائي متاثر ٿيندا انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ 2 سو ارب رپيا رکيا آهن، اهي پئسا ڪاروباري برادري ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڏينداسين. هن چيو ته موجوده صورتحال سبب متاثر ٿيندڙ مزدورن لاءِ 2 سو ارب رپين جو پيڪيج خالص وفاق ڏئي رهيو آهي، صوبائي حڪومتون به ان حوالي سان رليف ڏيڻ چاهين ته اهو رليف ان کان ڌار هوندو، هن چيو ته ايڪسپورٽ صنعت لاءِ خواهش آهي ته انهن وٽ پئسا پهچن، جنهن ڪري فيصلو ڪيو آهي ته ايڪسپورٽ صنعت کي 100 ارب رپين جا ٽيڪس ري فنڊ فوري طور تي ڏينداسين ته جيئن انهن جو ڪم نه رڪجي. هن چيو ته زراعت ۽ ننڍن ڪاروبارن جي شعبي لاءِ به 100 ارب رپين جو پيڪيج ڏئي رهيا آهيون، زراعت لاءِ ڪوشش هوندي ته کاڌ جي قيمتن کي وڌيڪ گهٽ ڪيو وڃي ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ ورتل قرض تي وياج جي ادائگي ۾ وقفو ۽ کين آسان قسطن تي نوان قرض فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته اقتصادي طور تي ڪمزور 1 ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي ماهوار 3 هزار رپيا مالي مدد ڏني ويندي، جنهن لاءِ مجموعي طور تي ڏيڍ سو ارب رپيا رکيا آهن، ان پروگرام ۾ پناهه گاهن کي وڌائڻ جو به پروگرام شامل آهي. ان حوالي سان فنڊ وڌيڪ وڌائڻا پيا ته وڌايا ويندا، اٽو، گيهه، کنڊ، داليون ۽ چانور مارڪيٽ کان گهٽ اگهه تي ماڻهن لاءِ دستياب ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽور کي 50 ارب رپين جو پيڪيج ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته حڪومت 82 لک ٽن ڪڻڪ هارين کان خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي 280 ارب رپيا خرچ ايندا. هن چيو ته گيس ۽ بجلي جي صارفين کي به بلن جي ادائگي ۾ مهلت ڏني پئي وڃي، جيڪي ٽن مهينن جي قسطن ۾ رقم ادا ڪرڻ جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، هيلٿ ورڪرن جي يونين فارم ۽ ٻين اوزارن جي خريداري لاءِ 50 ارب رپيا رکيا آهن، جڏهن ته عام واهپي جي شين تي ٽيڪسون يا ته مڪمل طور تي ختم ڪيون پيا يا انهن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي. اين ڊي ايم اي کي ڪورونا وائرس جي حوالي سان ضرورت جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ 25 ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون جيڪڏهن وڌيڪ ضرورت پئي ته ان رقم ۾ اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته 100 ارب رپين جي ماليت سان هڪ فنڊ به قائم ڪري رهيا آهيون، جنهن رقم ذريعي ڪاروباري برادري جا ٻيا جيڪي مطالبا ايندا، ان فنڊ مان انهن جي مدد ڪئي ويندي. ناڻي صلاحڪار حفيظ شيخ چيو ته پاليسي ريٽ يعني وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن اندر مجموعي طور تي 2.25 سيڪڙو وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته جن صنعتڪارن ڏانهن وياج توڙي قرض جي رقم رهيل هوندي انهن سمورن بزنس سيڪٽرن کي قرضن جي ادائگي 3 کان 6 مهينا دير سان ڪرڻ جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقياتي پروگرام تيزي سان هلندو رهي، هن چيو ته حڪومت ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس (سي وي ٽي) کي ختم ڪري رهي آهي، عالمي بينڪ سان ڪورونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 1 ارب ڊالر جو قرض حاصل ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 35 ڪروڙ ڊالر هاڻي ۽ 90 ڪروڙ ڊالر جون ۾ وٺنداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف کان به 1.4 ارب ڊالرز (هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالرز) جو اضافي قرض حاصل ڪرڻ لاءِ فاسٽ ٽريڪ تي ڳالهيون هلي رهيون آهن. آءِ ايم ايف کان قرض ساڳن شرطن تحت نئون قرض وٺنداسين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب جيڪا ليبر متاثر ٿيندي ان کي ڏيڻ لاءِ جيڪي 200 ارب رپيا رکيا آهن ان رقم جي فراهمي لاءِ طريقيڪار طئي ڪيو پيو وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته اها رقم متاثرن کي ئي ملي. هن چيو ته احساس پروگرام لاءِ 192 ارب رپيا رکيا آهن، ان مان هن وقت تائين 50 ارب رپيا خرچ ٿيا هوندا، باقي موجود رقم استعمال ڪئي ويندي، جيڪڏهن وڌيڪ ضرورت پئي ته اضافي رقم به ڏينداسين. ناڻي صلاحڪار چيو ته لاڪ ڊائون جي هر ڪو حق ۾ آهي، سڀني جو فيصلو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ هلندي رهي، ايڪسپورٽ جي سامان ۾ لاڪ ڊائون سبب مسئلو آيو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان پوندڙ اضافي بار طئه ٿيل شرطن تي اثرانداز نه ٿيندو، بجلي ۽ گيس جي بلن جي رقم قسطن ۾ وٺڻ واري فيصلي سبب بلن ۾ ليٽ سرچارج لاڳو نه ٿيندو، قسطن جي صورت ۾ ٻي مهيني ۾ وڌيڪ رليف ملندو، صورتحال کي ڏسي ان ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي، ڪوشش آهي ته لاڪ ڊائون ۾ گهڻيون اقتصادي سرگرميون بحال رکيون وڃن.

Bookmark the permalink.