تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

Motivation Note … ڏيڏر وانگر نه مرو !

ڏيڏر کي هڪ فرائي پان ۾ وڌو وڃي، جنهن ۾ پاڻي هجي ۽ پوءِ هيٺان باهه ٻاري وڃي ته پاڻي گرم ٿي ويندو، جيتوڻيڪ ڏيڏر ۾ اها هڪ وڏي خاصيت آهي ته اهو پنهنجو ٽيمپريچر پاڻي جي ٽيمريچر جي حساب سان ميچ ڪري وٺندو آهي، اوهان جيئن جيئن باهه تيز ڪندا ويندا ٽيپمريچر وڌندو ويندو، ڏيڏر به ايڊجسٽ ڪندو ويندو، ايتري تائين جو گرم پاڻي جڏهن اٻرڻ لڳندو ۽ ان مان بڙ بڙا نڪرڻ لڳندا ته ڏيڏر ان کي انجواءِ به ڪرڻ لڳندو، پر جڏهن اوهان باهه صفا وڌائي ڇڏيندا ته هاڻي ڏيڏر جي حالت خراب ٿيندي ويندي، پوءِ ان وقت ڏيڏر اهو سوچڻ لڳندو ته هاڻي مون کي ٽپو ڏئي ٻاهر نڪرڻ گهرجي، پر جڏهن هو ان وقت ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ته وٽس اهڙي صلاحيت ئي نه رهي هوندي جو ٽپو ڏئي فرائي پان مان ٻاهر نڪري سگهي ۽ نتيجي ۾ ڏيڏر مري ويندو، پر هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڏيڏر کي گرم پاڻي ماريو؟ جڏهن ته کيس ٽپو ڏئي پنهنجي جان بچائي سگهيو پئي، وٽس صلاحيت به هئي پر هن ٽپو نه ڏنو اهڙي عمل کيس مارائي وڌو ڇو ته جڏهن کيس ٽپو ڏيڻو هيو ته ان وقت هو ايڊجسٽ ڪري رهيو هو. سو پنهنجي سماج جو قصو به انهي ڏيڏر جهڙو آهي جتي ماڻهو روز پاڻ کي ايڊجسٽ ڪندي ڪندي پاڻ کي مالي ۽ جاني طور ماري رهيا آهن.
Selection by: Mansoor Nisar

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *