تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

Motivation Note خوف موت جي شروعات آهي !

ڪنهن ملڪ ۾ هڪ جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي، انهي دوران اتان جا ڊاڪٽر هڪ تجربو ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا هئا جنهن لاءِ انهي ڦاهي جي سزا واري جوابدار جي چونڊ ڪئي، ڊاڪٽرن جي ٽيم ان جوابدار سان ملي ڪري کيس چيو ته اهو ته طئي ٿي چڪو آهي ته فلاڻي ڏينهن توکي ڦاهي ايندي، جيڪڏهن تون اجازت ڏين ته اسان توتي هڪ تجربو ڪرڻ چاهيون ٿا. جوابدار ڊاڪٽرن کي چيو ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟ جنهن تي هڪ ڊاڪٽر جوابدار کي چيو ته تون ڦاهي تي ٽنگيو ويندين، تنهنجو مڻڪو ڀڄندو، توکي وڏي تڪليف ٿيندي، گهٽ ۾ گهٽ 15-20 سيڪنڊ يا هڪ منٽ تائين شديد تڪليف ٿيندي، سو اسان توکي هڪ چوائس ڏئي رهيا آهيون، جوابدار چيو ته اها ڪهڙي چوائس آهي؟ ڊاڪٽر کيس چيو ته اسان توکي هڪ نانگ کان ڏنگ هڻايون ٿا، هڪ سيڪنڊ ۾ تنهنجو موت ٿي ويندو، ڪو به درد نه ٿيندو، بس جيئن ڪول چڪ هڻندي آهي ايترو توکي سور ٿيندو ۽ تون مري ويندين هاڻي وڌيڪ جيڪا تنهنجي مرضي….جوابدار سوچيو ته مرڻو ته هونئن به آهي، سو هڪ منٽ به ڇو تڙپان، هن نانگ جي ڏنگ تي راضپو ڏيکاريو، جوابدار کي ڪرسي تي ويهاريو ويو، جوابدار ڏٺو ته هڪ شخص نانگ کڻي اچي رهيو آهي، اهو منظر ڏيکارڻ بعد جوابدار کان پڇيو ويو ته ڇا تون تيار آهين؟ جوابدار چيو ها آئون تيار آهيان، جوابدار جي منهن تي ڪارو ڪپڙو چاڙهيو ويو، جيڪو اهو ڏسي چڪو هو ته نانگ آندو پئي ويو، جلد ئي ڏنگ هڻايو ويندو، ايتري ۾ نانگ کڻي ايندڙ شخص هٽي ويو ۽ ٻيو شخص اچي ويو جنهن جي هٿ ۾ صرف نيڊل (سئي) هئي، جيڪا جوابدار جي هٿ ۾ چڀي ويندي آهي، سئي لڳڻ سان ئي جوابدار مري ويو، ڇو ته هو ذهن ۾ سوچي رهيو هو ته نانگ جو ڏنگ هڻايو ويندو، شايد اوهان کي حيرت ٿئي ته جوابدار جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ته جسم مان زهر مليو، مطلب جوابدار ذهن ۾ جيڪو سوچي رهيو ان موجب جسم پنهنجو پاڻ زهر پيدا ڪري رهيو، ڇو ته اها انساني نفسيات آهي، اهڙي ريت اسان وٽ به ماڻهن جي ذهنن ۾ خوف پيدا ڪري ذهني طور مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، سو ڪڏهن به سئي کي نانگ نه سمجهو، خوف ختم ڪري پنهنجي ذهن کي ايترو پختو ڪريو جو سئي کي نانگ جو ڏنگ سمجهڻ بدران نانگ جو ڏنگ به خالي سئي سمجهڻ لڳو ڇو ته خوف موت جي شروعات آهي.

Selection By: Mansoor Nisar

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *