تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

Motivation Note … تون ٺهيو ڇا لاءِ آهين ؟

پاڻي جو جهاز سدائين بندرگاهه تي محفوظ هوندو آهي پر اهو اتي رهڻ لاءِ ناهي ٺهيل هوندو، پوءِ ڪٿي رهڻ لاءِ ٺهيو آهي؟ يقينن سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ، ان لاءِ ٺهيو آهي ته اهو طوفانن سان وڙهي، لهرن سان وڙهي، وچ سمنڊ ۾ پاڻي کي چيريندي جتي وڻي وڃي، واپس اچي يا نه اچي پر جنهن ڪم لاءِ ٺهيو آهي ان لاءِ وڃي ته سهي، جڏهن ته اهو محفوظ ڪٿي آهي بندرگاهه تي… ! اهڙي ريت هوائي جهاز ڪٿي محفوظ هوندو آهي؟ يقينن ايئرپورٽ تي پر ڇا اتي رهڻ لاءِ ٺهيو هو؟ بلڪل به نه، ايئن کڻي چئجي ته جيڪڏهن ڪو جهاز ايئرپورٽ تي بيٺو هوندو ۽ ٻيا اڏامندا ويندا هوندا ته ضرور ان تي ٽوڪون ڪندا ويندا هوندا ته ڏس اسان وري اڏامياسين تون اتي ئي بيٺل رهجي وئين… ! ته کوڙ سارا ماڻهو اهڙا هوندا جيڪي اوهان جي سامهون ئي اڳتي نڪري ويندا جيڪڏهن اوهان ايئرپورٽ تان اڏام نه ڀري ته….! مطلب هڪ ڀيرو پاڻ سان مخاطب ٿيندي اهو ضرور پاڻ کان سوال ڪجو ته تون ٺهيو ڇو ۽ ڇا لاءِ آهين، ڇا جتي تون موجود آهين ان لاءِ ؟ جي نه ته پوءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو نٿا ڪريو؟ ڇا ٻيو ڪير ايندو ۽ اوهان جي زندگي تبديل ڪندو؟ بلڪل به نه… پر اوهان پاڻ ئي پنهنجي زندگي تبديل ڪري سگهو ٿا، بلڪل ايئن جيئن پير ۾ لڳل ڪنڊو فوري طور پهرين پاڻ کي ئي ڪڍڻو پوندو آهي، ڇو ته ان جي تڪليف ٻيو ڪير نه پر ماڻهو پاڻ ئي محسوس ڪندو آهي، جيڪڏهن اوهان پنهنجي تڪليف جو ازالو چاهيو ٿا ته پاڻ ئي ڪنڊن جي پرواهه ڪرڻ بنا ٻه قدم اڳتي وڌايو.
Selection by: Mansoor Nisar

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *