تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ٽنڊوغلام حيدر: باهه سبب 12 گهر سڙي رک ٿي ويا

تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي مويا شھر ڀرسان ڳوٺ الهداد رند ۾ لوڙھي مان ماکي لاھڻ لاءِ ڪيل دونهين مان باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ سردار علي رند، عبدالرسول رند، عبدالستار رند، رزاق رند، محمدجمن رند، حيدر علي رن،د احمدخان رند، ذوالفقار رند، لياقت رند سميت 12 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. انهن اندر پيل کٽون هنڌ بسترا ڪپڙا اناج سميت سمورو سامان 3 ٻڪريون ۽ پاليل ڪڪڙ سڙي خاڪ ٿي ويا، جڏھن ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئا ته ٽنڊوغلام حيدر مان فائر برگيڊ گاڏي پهچي باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهر سڙڻ کان بچائي ورتا. هوڏانهن گهر متاثرن اختيارين کي امداد جي اپيل ڪندي چيو ته اسان تمام مسڪين ماڻھو آهيون اسانجا ٻچا اجها سڙڻ بعد کليل آسمان ويٺل آھن، اسان جي واهر ڪئي وڃي. (رپورٽ: رانجهن لاشاري)

Bookmark the permalink.