تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

رپڙي: گرلس اسڪول ۾ ماسترياڻيون مقرر نه ٿيون!

رپڙي جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم کان محروم آهن ۽ سندن مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي. رپڙي جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر نه ٿيڻ سبب 150 کان وڌيڪ داخل شاگردياڻين جو مستقبل تباھ ٿيڻ لڳو آهي. ان سلسلي ۾ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسين روزانو پابندي سان اسڪول اچون ٿيون پر ڪوبه پڙھائڻ وارو ناھي، ان لاءِ اسين سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير، سنڌ جي سيڪريٽري، ڊي اي او خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد اسان جي اسڪول ۾ ماسترياڻيون مقرر ڪري مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.
(رپورٽ: خواجه نياز محمد)

Bookmark the permalink.