تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

Home-sickness……سنڌي سماج جو اجتماعي لاشعور…..احمد بخاري

اسان سنڌين لاءِ هڪ خاص تاثر ڏنو ويندو آهي ته اسان Home-sickness (گهر جي ياد اچڻ) جي ڪيفيت ۾ تمام گهڻو مبتلا هوندا آهيون. سڀ کان پھرين ته مٿين گڏيل لفظ جي مفھوم کي سمجهجي.
هوم سِڪنيس هڪ اهڙي نفسياتي يا ذهني حالت آهي جنھن ۾ ڪنهن گهر جو فرد جسماني طور پنھنجي گهر کان ٻاهر هئڻ ڪري پريشاني ۽ مايوسي جھڙي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃي. هاڻي ٿورو نفسياتي سائنسدانن جي طرفان ڏنل انساني ذهني حصن جي نظرين بابت سمجھجي.
جديد نفسيات جي باني ڊاڪٽر سگمنڊ فرائيڊ نفسيات جي علم ۾ “لاشعور” جو نظريو ڏنو، جنهن زندگي جي هر شعبي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. لاشعور انساني ذهن جو تمام وسيع خانو آهي، جنھن ۾ انسان هن سماج ۾ رهي پنھنجا ڏک، غم، خوشي، مثبت توڙي منفي يادون سڄي زندگي گڏ ڪندو رهندو آهي ۽ اهو طريقو لاشعوري هوندو آهي.
سگمنڊ فرائيڊ کانسواءِ هڪ ٻيو نفسياتي ماهر آهي ڊاڪٽر ڪارل جُنگ جنھن لاشعور جو هڪ ٻيو قسم به ٻڌايو آهي جنھن کي “اجتماعي يا گڏيل لاشعور” چئبو آهي.
ڪارل جُنگ تجزياتي نفسيات (Analytical Psychology) جو بانيڪار آهي. هن مطابق انساني شخصيت ۾ 2 لاشعور ٿيندا آهن، هڪ ذاتي لاشعور، جنھن بابت سگمنڊ فرائيڊ ٻڌائي ويو آهي، ٻيو اجتماعي يا گڏيل لاشعور آهي.
ذاتي لاشعور ۾ هڪ انسان پنھنجي سڄي عمر جيڪو ڪجهه محسوس ڪندو آهي يا ساڻس جيڪو ڪجهه ناخوشگوار گذرندو آهي، اهو لاشعوري طور تي پاڻمرادو سندس ذاتي لاشعور ڏانھن منتقل ٿيندو آهي. پر اجتماعي لاشعور مختلف آهي. هن ۾ خيال، سوچون، احساس، جذبا وغيره انسان پنھنجي سماج مان نه پر وڏن/ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ وٺندو آهي. اجتماعي يا گڏيل لاشعور کي نفسياتي موروثيت به چئي سگهجي ٿو.
هاڻي اسان ٿورو سنڌي سماج جي گڏيل لاشعور جو جائزو وٺون ته ان ۾ Home-Sickness جي موجودگي تاريخي طور ڪيئن مثبت آهي ۽ اها سنڌي قوم کي ورثي ۾ ڪھڙن سببن جي ڪري ملي آهي.
يقينن اسان سنڌي ماڻهو هن ڪيفيت جا شڪار آهيون پر ان جو به هڪ مثبت تاريخي سبب آهي. سنڌ ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌي ماڻهو هڪ هنڌ ٿانيڪا ٿي ويٺل هئا. انھن ۾ خانه بدوشي جو لاڙو نه هو، ان جو وڏو سبب اهو هو ته انهن وٽ ان دور جي مناسبت سان آسائشن جون سڀ سھولتون ميسر هيون. انهن کي ايرانين ۽ يونانين وانگر وڙھڻ جي جبلت نه هئي ۽ نه ئي وري آرين وانگر دربدر ٿيڻ جي ضرورت هئي. انهن ۾ مستقل مزاجي هئي. اهي پنھنجي گهرن ۽ اباڻن پٽن کان پري نه ويندا هئا. انهن وٽ سڀ شيون هيون، جيڪي انهن جون بنيادي ضرورتون ۽ آسائشون پوريون ڪري سگهن. اهو هڪ هنڌ پرسڪون ويھي رهڻ جو احساس ۽ پنھنجي گهر کان پري رهي اداس ٿيڻ جو احساس انهن جي ذاتي لاشعور ڏانھن منتقل ٿي چڪو هو.
ساڳيو ئي احساس جنھن کي Home-sickness چيو ٿو وڃي، اهو انھن اوائلي سنڌين ذريعي موجوده سنڌي قوم ۾ گڏيل يا اجتماعي لاشعور وسيلي منتقل ٿي چڪو آهي جنھن جو هڪ تاريخي سبب آهي.
دنيا جي ٻين قومن ۾ هن احساس جو گهٽ هئڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته دنيا جون ٻيون قومون خانه بدوش رهيون آهن. انھن ۾ ويڙهه جو احساس، ذاتي مفادن خاطر ٻين جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جو لاڙو ۽ وحشي پڻو وغيره شامل آهي.
   علم النسان جي ماهرن تاريخي طور اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي قوم ۾ هڪ هنڌ رهي تعميري زندگي کي عملي نموني بلند ڪرڻ جو لاڙو رهيو آهي، جيڪو سنڌي قوم کي دنيا جي ٻين سمورن قومن کان ڌار مزاج ۽ اخلاق جي بلندي جي حوالي سان ممتاز ڪري ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *