ڪراچي آرٽس ڪائونسل جنگ جو ميدان: پ پ ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن آمهون سامهون: پٿراءُ: رينجرز طلب

جُون 15, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي آرٽس ڪائونسل جنگ جو ميدان بڻجي ويو،  پ پ ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿيڻ بعد هڪ ٻئي تي  پٿراءُ ڪرڻ لڳا جنهن سبب صورتحال ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري وئي جڏهن ته انتظاميا  رينجرز کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ دوران پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پهچي ويا، صبح کان ئي هڪ ٻئي خلاف نعري بازي جو سلسو جاري رهيو

ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي ڪاميابي جو اعلان ٿيندي ئي ٻنهي ڌرين جا ڪارڪن آپي مان نڪري ويا جنهن بعد هڪ ٻئي تي پٿراءُ شروع ڪري ڏنو جنهن سبب  علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

اطلاع ملڻ تي جماعت اسلامي جا وڌيڪ ڪارڪن پهچڻ بعد پوليس صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي جنهن تي انتطاميا رينجرز کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي پوليس ۽ رينجرز گڏيل طور ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪجهه ڪارڪنن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن

Leave A Comment