ڄامشورو انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو، 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت، 10 زخمي

آڪٽوبر 1, 2023

ڄامشورو (رپورٽر) انڊس هاءِ وي تي پيٽارو يو ٽرن وٽ سيوهڻ کان ڄامشوري ويندڙ ڪوچ فوجين جي گاڏي کي پٺيان کان ٽڪر هنيو

 ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ عثمان سولنگي ۽ محمد ايوب شيخ طور ڪئي وئي. موٽر وي پوليس فوتين ۽ ڪوچ ۾سوار 10 زخمين کي فوري طور تي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو

 رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو ٻڌايو ته ڪوچ فوجين جي گاڏي کي پويان کان ٽڪر هنيو آهي ٻه ڄڻا فوت ٿيا آهن ڪوچ ۾ سوار مسافرن سميت اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن،زخمين جو اسپتال ۾ طبي معائنو ڪيو پيو وڃي قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن

Leave A Comment