ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ 4 اميدوار: پ پ قيادت نالو فائنل نه ڪري سگهي

مَي 29, 2023

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي جي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ پيپلز پارٽي جا 4 اميدوار سامهون اچڻ بعد پارٽي جي مک قيادت ٻن گڏجاڻين  ٿيڻ باوجود فيصلو نه ڪري سگهي

 ذميوار ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ پ پ ضلعي ٺٽي جو سينيئر نائب صدر عبدلحميد پنهور، انفارميشن سيڪريٽري محمود عالم شاھ بخاري، اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ۽ ععبدالغني بگھياڙ اميدوار طور ميدان ۾ لٿل آهن

هي به پڙهندا

ذريعن موجب

بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ  اڳواڻ فريال ٽالپر  جي صدارت هيٺ ضلعي ٺٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين اميدوارن جي نامزدگي لاءِ  گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ ضياءَ لنجار ، سهيل انور سيال ۽ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ سميت اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي

فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيل انهن ٻنهي گڏجاڻين ۾ چئني اميدوارن جي نالن تي غور ويچار ڪيو ويو پر ڪنهن هڪ نالي تي به اتفاق نه ٿي سگهيو جنهن سبب فيصلي جو اختيار چيئرمين بلاول ڀٽو حوالي ڪيو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ، عبدالحميد پنهور ، سيد محمود عالم شاھ بخاري ۽ عبدالغني بگھياڙ جي نالن مان ڪنهن هڪ کي اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو جلد ڪندو

Leave A Comment