ميرپورخاص انتظاميا ڪڻڪ فراهميءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي ليٽر لکي ڇڏيو

جُولاءِ 10, 2023

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ خوراڪ کاتي جي بي ڌيانيءَ سبب اٽي جي اگھه ۾ لاٿ نه آئي، اٽو 20 کان 30 رپيا في ڪلو مھانگو

 ڊي سي ميرپورخاص ڪڻڪ فراهميءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي ليٽر لکي ڇڏيو. ميرپورخاص ضلعي اندر خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداريءَ جو هدف پورو نه ٿيڻ ۽ خوراڪ کاتي پاران اٽي چڪين ۽ مِلن کي ڪوٽا تحت ڪڻڪ فراھم نه ڪرڻ سبب، ضلعي اندر ٻيهر اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو آھي

 کليل مارڪيٽ ۾ اٽو في ڪلو 145 کان 150 رپيا ٿي ويو آھي. اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ، سيڪريٽري خوراڪ کي ليٽر لکي ڪڻڪ جي بحران بابت آگاھي ڏيندي گذارش ڪئي آھي

 ته ميرپورخاص ضلعي کي جلد ڪڻڪ جي فراھم ڪئي وڃي ته جيئن اٽي اگھن تي ضابطو آڻي عوام کي پريشانيءَ کان بچائي سگھجي

Leave A Comment