عمرڪوٽ: اجتماعي زيادتي ڪيس: مک جوابدار جو 2 ڏينهن رمانڊ

آگسٽ 2, 2023

عمرڪوٽ(رپورٽر) ناري سان اجتماعي لڄالٽ وارو مامرو، مُک جوابدار ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي خبر موجب کوکراپار ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيريو

 جو تڙ ۾ نوجوان ناري زينب مڱريو سان ڳوٺ جي بااثر ڪرام الدين مڱريو جي پٽن هاشم مڱريو، لال محمد مڱريو ۽ حسين مڱريو پاران مبينا طور اجتماعي زيادتي ڪرڻ واري واقعي ۾ پوليس مُک جوابدار هاشم مڱريو کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو

 جتي عدالت کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. کوکراپار ٿاڻي جي پوليس جوابدار جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ جزا ورتا ويا، واضح رهي ته ناري سان مبينا زيادتي ڪرڻ کان پوءِ متاثر ناريءَ

جي والد امام الدين مڱريو جي فرياد تي ٽي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو کوکراپار ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ مُک جوابدار هاشم مڱريو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ٻه جوابدار پوليس کي هٿ اچي نه سگهيا

Leave A Comment