شڪارپور اسپتال ۾ بيمار امڙ سان گڏ آيل ناري سان زيادتي: نوجوان گرفتار

سيپٽمبر 27, 2023

شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي سول اسپتال ۾ بيمار امڙ سان گڏ موجود ناريءَ سان مبينا زيادتي، پوليس الزام هيٺ آيل نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو

متاثر ناري جو چوڻ آهي ته امڙ ٻن ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل آهي، گذريل رات دير سان بيڊ تي سُتل هيس ته امداد اڄڻ زبردستي گهلي واش روم ۾ زيادتي جو نشانو بڻايو

پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي وارثن جي اطلاع تي الزام هيٺ آيل امداد اڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

اسپتال جي ايم ايس چيو آهي ته ناريءَ جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويندا، رپورٽ اچڻ بعد اصل حقيقت سامهون اچي ويندي

Leave A Comment