سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي تاريخي ۽ قديمي اسلاميا ڪاليج جي ايراضيءَ تي 65 سيڪڙو قبضا ٿيڻ جو انڪشاف، دڪانون، گھر ۽ ٻيون اڏاوتون ڪاليج جي ايراضيءَ تي تعمير ٿيل، تازو ئي ڪاليج جي ايراضيءَ ۾ واقع پھاڙ کي ٽڪي مبينا قبضو ڪرڻ خلاف ڪاليج انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، پرنسپل جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي مينارا روڊ تي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي
اِن موقعي تي مينارا روڊ تي قائم سکر جي قديمي تعليمي درسگاھ اسلاميا آرٽس اينڊ سائينس ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر عبدالجبار سولنگي ۽ ٻين استادن سيد ساجد علي شاھ، شعيب ميمڻ، امجد جتوئي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته 1920ع ۾ اسلاميا ڪاليج جي جيڪا پراپرٽي ھئي اُن مان 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ايراضيءَ تي قبضو ٿي چڪو آھي، جنھن تي پيٽرول پمپ، دڪان، گھر توڙيون ٻيون اڏاتون تعمير ڪيون ويون آھن
سندن چوڻ هو ته تازو ئي معصوم شاھ لائبريري سامھون مينارا تي واقعي ڪاليج پھاڙ کي ھيوي مشينريءَ جي مدد سان ٽڪي قبضو ڪيو پيو وڃي، جنھن سان ڪاليج جي عمارت کي نقصان پھچڻ جو به خدشو آھي، اندازي مطابق رھائشي ۽ ڪمرشل سرگرمين لاءِ پلازا اڏڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي
ھنن چيو ته مطالبو ڪيو ته اسلاميا ڪاليج جي ايراضيءَ تي ٿيندڙ تازو قبضو ختم ڪرايو وڃي. اِن سان گڏ ڪاليج جي مجموعي ايراضي جي 65 سيڪڙو تي ٿيل قبضو خالي ڪرڻ جي لاءِ به جوڳي حڪمت عملي جوڙي قبضا خالي ڪرايا وڃن