خيرپور جي سياست پاسو مٽائڻ لڳي، ٻانڀڻ ڪاٽا، شيراز شوڪت کي ٽڪيٽ ملندي

جُون 12, 2023

فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) خيرپور ضلعي جي سياست پاسو مٽائڻ لڳي، ساجد ٻانڀڻ جي سياسي تڏا ويڙهه، شيراز شوڪت کي پ پ ٽڪيٽ ملڻ جو امڪان، وساڻ به اگهامي سگهن ٿا، جيلاني ۽ کرل به هٿ پير هڻڻ لڳا

پيپلزپارٽي پاران ضلعي ڪائونسل خيرپور جي چيئرمين لاءِ شيراز شوڪت بدران سندس ننڍي ڀاءُ نادر شوڪت راڄپر کي نامزد ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب شيراز شوڪت راڄپر کي پي ايس 29فيض گنج، نارو ۽ ٺري ميرواهه تي ايم پي اي جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن کانپوءِ پ پ جي ضلعي قيادت ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن

ذريعن موجب شوڪت راڄپر کي پ پ ايم پي اي جي ٽڪيٽ ملڻ بعد وڏي عرصي کان فيض گنج جي سياست تي راڄ ڪندڙ ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ جا ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاٽا ٿيڻ جا امڪان واضح ٿي ويا آهن

اهي به چئوٻول آهن ته پي ايس 28 تي وساڻن کي ٽڪيٽ ملي سگهي ٿي،جنهن ۾ منور وساڻ جا وڌيڪ امڪان نظر اچن ٿا، اهڙي ريت پي ايس 29 تي شيراز شوڪت کي ٽڪيٽ ملي سگهي ٿي

پ پ پاران شيراز شوڪت کي ايم پي اي ٽيڪٽ ڏيڻ ۽ سندس ڀاءُ نادر شوڪت کي ضلعي چيئرميني ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ جيلاني، کرل ۽ ٻانڀڻ ڌرين جون ڳجهيون گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن، پارٽي قيادت جي اهڙي فيصلي سان اختلافن جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن

واضح رهي ته گذريل اليڪشن ۾ شيراز شوڪت راڄپر کي ٽڪيٽ ڏني وئي هئي ۽ سندس مقابلو جي ڊي اي اميدوار رفيق ٻانڀڻ سان ٿيو هو، شيراز 800 ووٽن تان هارائي ويو هو

ڀاءُ کي ضلعي چيئرمين بڻائي پاڻ ايم پي اي ٿيندس:شيراز شوڪت

پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪت راڄپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته گذريل اليڪشن ۾ مون کي ڌانڌلي ڪري هارايو ويو، ان باوجود فيض گنج تعلقي کي اربين رپين جون ترقياتي اسڪيمون ڏياريون آهن، هن چيو ته ضلعي چيئرمين طور پهريان مون کي نامزد ڪيو ويو هو، بعد ۾ پارٽي قيادت کي چئي ننڍي ڀاءُ نادر شوڪت کي نامزد ڪرايو آهي، شيراز شوڪت راڄپر دعويٰ ڪئي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پي ايس 29 تي مون کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي

پي ايس 28 ۽ 29 تي اسان به اميدوار آهيون: ساجد ٻانڀڻ

ايم پي اي ساجد خان ٻانڀڻ رابطي تي ٻڌايو آهي ته ضلعي چئيرمين لاءِ اسان به اپلائي ڪيو هو پر جيڪو پارٽي فيصلو ڪيو آهي اهو قبول آهي، هن چيوته پي ايس 29 ۽ پي ايس 28تي اسان به اميدوار آهيون، هن چيو ته پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن، اسان کان ڪنهن کي رنجش آهي ته اهو انهن جو ذاتي مسئلو آهي، پارٽي سان گڏ آهيون

شيراز جي والد شوڪت شڪست تي بشير ٻانڀڻ کي نا اهل ڪرايو هو

شيراز شوڪت راڄپر جو والد شوڪت خان راڄپر 2013 وارين چونڊن ۾ بشير خان ٻانڀڻ سان  مقابلو ڪيو هو، جنهن ۾ شوڪت راڄپر کي شڪست ملي هئي، جنهن بعد شوڪت راڄپر بشير ٻانڀڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو هو ته بشير خان جي ڊگري جعلي آهي، ان تي بشير خان ٻانڀڻ کي نااهلي قرار ڏنو ويو هو

Leave A Comment