بينظير آباد تعليمي بورڊ جو هڪ ٻيو وڏو اسڪينڊل، چيئرمين جو فيل ٿيل سيڪريٽري ۽ ڀيڻ پاس

جُون 3, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) شهيد بينظيرآباد تعليمي بورڊ ۾ هڪ ٻيو اسڪينڊل ظاهر ٿيو آهي، ٽيسٽ وٺندڙ اداري پي ٽي ايس جو وڏو ڪارنامو، فيل ٿيل اميدوارن کي پاس ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن موجب ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڀرتي ٿيل بورڊ جي چيئرمين جو پرسنل سيڪريٽري زوھيب افضل ٽيسٽ ۾ فيل ٿيو پر کيس پاس ڪرايو ويو، بورڊ اختيارين پاران فيل قرار ڏنل زوهيب افضل جا نتيجا روڪرائي سندس61 مارڪون ڏيکاري پاس قرار ڏنو ويو

ذريعن موجب بورڊ چيئرمين فاروق حسن پنھنجي ڀيڻ کي اسسٽنٽ سيڪريٽري بورڊ لاءِ به پاس ڪرائي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب بورڊ چيئرمين فاروق حسن ڊيپوٽييشن تي مقرر ڊپٽي ڪنٽرولر جبار آرائين کي به پاس ڪرايو

ذريعن موجب ٽيسٽنگ اداري پي ٽي ايس 11ڊسمبر 2022 تي ٽيسٽ ورتي، رزلٽ23 ڊسمبر 2022 تي جاري ڪيو ويو، واضح رهي ته وٽرنري يونيورسٽي جو وي سي فاروق حسن ٽن سالن اضافي چارج تي شهيد بينظيرآباد بورڊ جو چيئرمين مقرر آهي

Leave A Comment