تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

مڙس تشدد ڪري ٿو: ميرپور ماٿيلو ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري جي دانهن

ميرپور ماٿيلو ۾ ٻارڙي گندي پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري پئي: ٻڏي فوت

جروار ڀرسان پسند جي شاديءَ تان نوجوان جي گهر تي حملو: ٻن عورتن سوڌو 3 ڄڻا اغوا: ناري جي وارثن تي الزام

رفعت لنڊ ۽ نوجوان نيڪ محمد گذريل ڏينهن پسند جي شادي ڪئي

ناري جي مائٽن طرفان مبينا طور نوجوان جي ڳوٺ تي حملو

ڏهرڪي ۾ شراب واپرائي هنگامو ڪندڙ سب انسپيڪٽر خلاف ڪيس داخل

گهوٽڪي: ڦر مزاحمت دوران وڪيل تي تشدد، وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان

دادلغاري واسي نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

پوليس کان بس ڪئي، هاڻي وڪيل ٿيندس: ڏهرڪي ۾ نشي ۾ ڌت پوليس آفيسر جون مزيدار ڳالهيون

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ شهرين نشي ۾ ڌت پوليس آفيسر کي سوگهو ڪري ورتو، سب انسپيڪٽر جون نشي جي حالت ۾ ڳالهيون ٻڌي شهري کلندا رهيا. پوليس اهلڪار تماشو بند ڪرائڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا. شهر مان گذرڻ وقت پوليس آفيسر جي ڪار ڪنهن شهري جي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي ته شهرين کيس روڪي کانئس نالو پڇيو، هن ٻڌايو ته هو پوليس آفيسر آهي ۽ سندس نالو عبدالرشيد دايو آهي. شهرين سان ڳالهائڻ وقت پوليس آفيسر جي زبان ساٿ نه ڏنو، جنهن مان شهرين اندازو لڳايو ته هو نشي ۾ آهي، سندس ڪار مان ڇنڊ ڇاڻ دوران شراب جي بوتل به هٿ ڪري ورتي ۽ پوليس آفيسر کي چيو ته اوهان کي شراب پيتل آهي، جنهن تي پوليس آفيسر چيو ته هو شراب ڇو پيئندو، هن شراب ناهي پيتي. ڪجهه دير بعد پوليس آفيسر نشي جي حالت ۾ شهرين کي خطاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جون مزيدار ڳالهيون ٻڌي شهري کلندا رهيا، ان موقعي تي موجود ڪجهه پوليس اهلڪار تماشو بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي پوليس آفيسر کي گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ زور ڀريو پر آفيسر شهرين کي وڌيڪ مخاطب ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندو رهيو، هن شهرين کي ٻڌايو ته ايس ايس پي ڦل فراءِ ۽ هاف فراءِ ڪرڻ جو چوندا آهن، پر هو اهو ڪم نه ڪندو. هن چيو ته پوليس جي نوڪري مان بس ڪئي، ايل ايل بي ڪئي آهي، هاڻي وڪيل ٿيندو. جنهن بعد ساٿي اهلڪار کيس زوري گاڏي ۾ ويهاري وٺي ويا. ڏهرڪي پوليس جو چوڻ آهي ته عبدالرشيد دايو ڏهرڪي ۾ نه، سکر جي رينج ۾ مقرر آهي.

گهوٽڪي جي عدالت ۾ وڳوڙ ڪيس جو پڪو چالان پيش نه ٿيو: ايس ايس پي کي شوڪاز

گهوٽڪيءَ ۾ زال جي قاتل کي 9 سالن کانپوءِ موت جي سزا: 10 لک رُپيا ڏنڊ به لڳايو ويو

گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي 368 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم

اختيارين سي ايم کي خط لکي هدايت ڪئي ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد بعد رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وڃي

چيئرمين ڪائونسل ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائي2012ع کان 2014ع تائين ڀرتي ٿيل 368 ملازم کي غيرقانوني قرار ڏنو

ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي۾غيرقانوني طور ڀرتيل ڪيل368ملازمن کي عدالتي حڪم تحت برطرف ڪيو وڃي:مڪاني کاتي جو اختيارين کي حڪم

عدالتي حڪم تي عمل ڪري ذميوارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي: مڪاني کاتي جو سي ايم او ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي کي خط

غيرقانوني طور ڀرتيل ڪيل ملازمن کي برطرف ڪري رپورٽ 26 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪنداسين: سي ايم او نادر علي شاهه امروٽي

گهوٽڪي جو نوجوان 3 ڏهاڙن کان پراسرار طور گم، وارث پريشان

گهوٽڪي پوليس جي ڪارروائي، روپوش جوابدار گرفتار جي دعويٰ

سرحد ڀرسان ڪمند کڻڻ لاءِ پوليس جي مبينا چڙهائي: عورتن ۽ ٻارن تي تشدد: ڳوٺاڻن جو عورتن سوڌو احتجاج

ڳوٺ نبي بخش بوهڙ جي رهواسين عورتن سوڌو بااثر ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو

بااثر ڪمند جي ڪٽائي ڪرڻ گهري ٿو، پوليس ساڻس ٻِٽ بڻيل آهي: مظاهرين

جروار اسپتال جي بحالي لاءِ ڊي سي گهوٽڪي آفيس اڳيان ڌرڻو