تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

ڪينال ۾ ڇوڙ ٿيندڙ گندو پاڻي روڪيو ويندو: وائيس چيئرمين

انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته مال پڙي جو ڪچرو ڪينال ۾ نه اڇلايو

ٽنڊو محمد خان ۾ جر کارو، شهري ڪينالن ۾ ڇوڙ ٿيندڙ گندگي وارو پاڻي پيئڻ تي مجبور

حيدرآباد جي ڪارخانن جو ڪيميڪل، سيوريج ۽ اسپتال جو گندو مواد ڦليلي ڪينال ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو

ٽنڊو محمد خان ۾ گندو پاڻي، مال پڙي جا ڇيڻا، ڪچرو به گوني ڪينال ۾ اڇلايو وڃي ٿو

اينٽي ڪرپشن جو ٽنڊو محمد خان ۾ ورڪس، سروسز اينڊ بلڊنگ کاتي جي آفيس تي ڇاپو، 5 سالن جو رڪارڊ ضبط

گم ٿيل رڪارڊ جلد هٿ ڪري اينٽي ڪرپشن حيدرآباد واري آفيس پهچائڻ جي هدايت

بلڙي شاهه ڪريم واسي نينگري ڪينسر سان جهيڙيندي دم ڏئي ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان ويجهو خوفناڪ حادثي ماءُ ۽ پٽ کان حياتي کسي ورتي، پيءُ زخمي

شيخ ڀرڪيو ڀرسان تيز رفتار گاڏي نوجوان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

بلڙي شاهه ڪريم واسڻ نينگري پيٽ ۾ رسولي سبب اذيتون ڀوڳڻ لڳي، ڊاڪٽرن پاران ڪراچي وڃڻ جي صلاح: غريب والدين کيس گهر وٺي آيا

غريب پورهيت آهيان، ايتري سگهه ناهي جو نياڻي جو ڪراچي مان علاج ڪرائي سگهان: پيءُ

سرڪار ۽ سرندي وارا نياڻي جي حياتي بچائڻ جي مدد ڪن: غريب پورهيت جي اپيل

ٽنڊو محمد خان: گهران نڪري ويل ٻن ڀينرن مبينا طور اسلام قبولي ورتو، تحفظ جي گهر

اڳوڻو مسٽر پاڪستان پنڪچر لڳائي زندگي گهارڻ لڳو، ميڊل ڪٻاڙي کي وڪڻي ڇڏيا

ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس برآمد، سڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ماتمي جلوسن جي روٽس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي

حيدرآباد، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٻين هنڌن تي به جلوس ڪڍيا ويا، شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) خدا جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڏُهٽَي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ڪربلا ۾ عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي علائقن ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. سڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، فوج به ٻين ادارن سان گڏ سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ نائين محرم جو ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو پيپلز چورنگي، صدر دوا خانه، پريڊي اسٽريٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ کارادر کان ٿيندو حسينيان ايران امام بارگاهه پهچي ختم ٿي ويو. مک ماتمي جلوس جي رستن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس رات تائين معطل ڪئي وئي، جلوس جي روٽس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز لڳائي سيل ڪيا ويا، موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو آهي. حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين، ٺٽو، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر، جيڪب آباد، دادو، سجاول. شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ خيرپور ضلعن جي اڪثر شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، جنهن دوران سينا زني ۽ زنجير زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. سمورا جلوس پنهنجي منزلن کان ٿيندا نهر ٿي ويا. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سڪيورٽي خدشن سبب موبائيل فون سروس معطل هئڻ سان گڏ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. اسلام آباد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه اثناءِ عشري کان ڪڍيو ويو، لاهور ۾ پانڊو اسٽريٽ اسلام پوره مان جلوس برآمد ڪيو ويو. پشاور ۾ شبيهه ذوالجناح جو ماتمي جلوس امام بارگاهه حسينيه هال کان ڪڍيو ويو. ملڪ جي مختلف هنڌ تي ڪڍيل ماتمي جلوس به پڄاڻي تي پهچي چڪا آهن.

ٽنڊو محمد خان: هندو ناري جي اغوا جو ڪيس ٽن جوابدارن خلاف داخل، هڪ گرفتار

سنڌ ۾ وري وسڪارو، ڪٿي تيز ۽ ڪٿي وري هلڪي برسات موسم خوشگوار ڪري ڇڏي، بجلي بند، وڄ ڪرڻ سبب هڪ نوجوان فوت

حيدرآباد، ڪوٽڙي، ٺٽو، مڪلي، کاهي، منهڙو، سنڌڙي، ڪنڊياري ۽ ٻين هنڌن تي تيز برسات

ڪراچي ۾ سڄو ڏينهن گرمي بعد هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي

ٽنڊو محمد خان ۾ عطائي ڊاڪٽر هٿان مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نينگر حياتي وڃائي ويٺو، لاش کڻي ٿاڻي آڏو احتجاج

غلط انجيڪشن سبب نينگر شگن پٽ ڪولهي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو: ذريعا

وارثن جو ٿاڻي آڏو احتجاج، اين سي داخل ٿيڻ بعد عطائي ڊاڪٽر رجب ميمڻ گم ٿي ويو

ٽنڊو محمد خان پوليس عورت سوڌو ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو: ڪار مان منشيات هٿ اچڻ جي دعويٰ

ڏيڍ سئو گرام آئيس، ڏيڍ ڪلو چرس، پستول ۽ 2 گوليون هٿ ڪيون آهن: پوليس

ٺاروشاهه ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي نينگر مٿان چڙهي وئي، معصوم چيڀاٽجي فوت