تازا ترين
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

بڪيراشريف ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 12 ڀاتي بيهوش

ٽنڊو الهيار اسپتال ۾ ڪاري وارا ڪک، صفائي عملو علاج ڪرڻ لڳو

طبي سهولتون نه هجڻ ڪري اسپتال ريفر سينٽر بڻيل، مريض حيدرآباد منتقل

حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان کي صفائي ملازم پٽي ڪري حيدرآباد اماڻي ڇڏيو

بڪيرا شريف ڀرسان موٽر سائيڪل سِلپ: نوجوان فوت

ٽنڊو الهيار: لکين رپين جي دوائن کي مدي خارج نه هئڻ باوجود باهه ڏني وئي، شهرين فوري طور باهه وسائي ورتي

ڪنڀار پاڙي ۾ اڻڄاتل ماڻهن سرڪاري دوائن جي ڍڳ کي باهه ڏني، ڪجهه دوائون سڙي ويون

اڻڄاتل ماڻهو فرار، اطلاع باوجود صحت کاتي يا ضلعي انتظاميه جو ڪو به نمائندو نه پهتو

چمبڙ: مبينا طور گهرو اڻبڻت تان نوجوان ناري زهر پي ڇڏيو، حيدرآباد ريفر

بڪيرا شريف واسي 2 ڄڻا مبينا طور عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا

مغوين جي وارثن کان 15 لک رپيا ڀنگ طلب، ڀنگ لاءِ آيل فون ڪال ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽريس ٿي آهي: چمبڙ پوليس

ٽنڊوالهيار: اينٽي ڪرپشن جو پبلڪ هيلٿ آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

چمبڙ ڀرسان نوجوان جو مڻڪو ڀڳل لاش هٿ، وارثن جو مخالن تي الزام

ٽنڊوالهيار ويجهو روڊ حادثي ٻن نوجوانن کان حياتي کسي ورتي

ٽنڊو الهيار: ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ ڪري ڊرائيور فوت ٿي ويو

ٽنڊو الهيار ڀرسان پوليس وردي پهريل هٿياربند چنگچي ڊرائيور کي اغوا ڪري ويا

ٽنڊو الهيار ۾ پرڻيل ناري جو پراسرار موت: مڙس سميت ساهرن تي قتل جو الزام، مڙس الزام رد ڪري ڇڏيا

گهر پهتس ته زال تڙپندي ٻڌايو ته رابعا سونا زيور کڻي وئي آهي: مڙس مبشر آرائين جو موقف

اسپتال نيئندي فوزيه رستي ۾ دم ڏنو(مبشر) فوزيه کي قتل ڪيو ويو آهي: ڀائرن جو الزام

” نه ٿو وڻين مونکي، ڇو رَکان دوستي، زبردستي آ ڇا؟ “ ٽنڊو الهيار ۾ بيواه ماءُ جو سهارو بڻيل پورهيت نينگري کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪانجي ميگهواڙ موبائيل فون موڪليو ۽ نه ڳالهائڻ تان ڀاءُ ڀيڻ سميت اغوا ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون: نينگري تحفظ لاءِ حيدرآباد پهچي وئي

ٽنڊو الهيار پوليس به شڪايت باوجود جوابدار خلاف ڪارروائي نه ڪئي، ڪانجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي: نينگري روشي جي دانهن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽنڊو الهيار جي هڪ گهر ۾ پورهيو ڪري بيوه امڙ جو سهارو بڻيل نينگري کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف، نينگري دانهيو آهي ته جوابدار دوستي نه رکڻ تان اغوا سميت اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، انصاف ڪيو وڃي. گهرڀاتين سان گڏ تحفظ لاءِ حيدرآباد پهتل نينگري روشي ميگهواڙ الزام هنيو ته اشفاق ڪالوني واسي جوابدار ڪانجي ميگهواڙ کيس حراسان ۽ بليڪ ميل ڪري ذهني اذيتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هن ڇيو ته جوابدار دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رهي ٿو، ٻي صورت ۾ ننڍي ڀاءُ کي قتل ۽ ڀيڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني. نينگر وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار هڪ ڇوڪري ذريعي موبائل فون اماڻيو ۽ ڌمڪي ڏني ته فون تي نه ڳالهائيندي ته گهر تي حملو ڪري تونکي کنڀي ويندُس. نينگري روشي چيو ته ڪانجي ميگهواڙ جي ڌمڪين ۽ هراسان ڪرڻ سبب ذهني پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهيان، ٽنڊو الهيار پوليس کي به شڪايت ڪئي پر جوابدار خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي، معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن مان پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگهان. واضح رهي ته متاثر نينگري بيوه ماءُ جو سهارو بڻجي هڪ گهر ۾ پورهيو ڪندي آهي پر حراسان ۽ بليڪ ميلنگ سبب هو پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي.

حيدرآباد جي عدالت جي حڪم تي ٽنڊو الهيار پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو: ناحق باندي بڻايل 14 ڄڻا بازياب

قائم ملڪ پٺاڻ جي سرن جي بٺي تان بازياب ٿيلن ۾ 4 عورتون ۽ 3 ٻار به شامل

بٺي ملڪ بنا اجرت زوري پورهيو وٺڻ باوجود مارڪٽ ڪندو هو: بازياب ٿيلن جي دانهن

ڪاٺوڙ ويجهو ٽرڪ مٿان سوار ٽنڊو الهيار واسي نوجوان پول سان ٽڪرائجڻ سبب فوت

1 2 3 13