تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

سعودي عرب ۾ وارهه واسي پورهيت دل جو دورو پوڻ ڪري فوت

شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو

شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو هو

وڳڻ ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي

گاجي کهاوڙ واسي پورهيت نوجوان ڪراچي ۾ 2 ڏينهن کان گُم: وارث پريشان

لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ وڪيلن جا فروغ نسيم خلاف مظاهرا

قمبر ۾ زال جي قاتل کي 5 سالن کانپوءِ ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا

ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس برآمد، سڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ماتمي جلوسن جي روٽس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي

حيدرآباد، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٻين هنڌن تي به جلوس ڪڍيا ويا، شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) خدا جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڏُهٽَي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ڪربلا ۾ عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي علائقن ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. سڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، فوج به ٻين ادارن سان گڏ سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ نائين محرم جو ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو پيپلز چورنگي، صدر دوا خانه، پريڊي اسٽريٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ کارادر کان ٿيندو حسينيان ايران امام بارگاهه پهچي ختم ٿي ويو. مک ماتمي جلوس جي رستن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس رات تائين معطل ڪئي وئي، جلوس جي روٽس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز لڳائي سيل ڪيا ويا، موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو آهي. حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين، ٺٽو، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر، جيڪب آباد، دادو، سجاول. شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ خيرپور ضلعن جي اڪثر شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، جنهن دوران سينا زني ۽ زنجير زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. سمورا جلوس پنهنجي منزلن کان ٿيندا نهر ٿي ويا. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سڪيورٽي خدشن سبب موبائيل فون سروس معطل هئڻ سان گڏ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. اسلام آباد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه اثناءِ عشري کان ڪڍيو ويو، لاهور ۾ پانڊو اسٽريٽ اسلام پوره مان جلوس برآمد ڪيو ويو. پشاور ۾ شبيهه ذوالجناح جو ماتمي جلوس امام بارگاهه حسينيه هال کان ڪڍيو ويو. ملڪ جي مختلف هنڌ تي ڪڍيل ماتمي جلوس به پڄاڻي تي پهچي چڪا آهن.

قمبر مان 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل شاگرد نه مليو، وارث پريشان

قمبر ۾ زرعي زهريلي دوا کائڻ سبب 2 ٻارڙا بيهوش، لاڙڪاڻي منتقل

قمبر ڀرسان رڪشا بيهارڻ تان جهيڙي ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ماڊل ڪورٽ جوابدار نواب، غلام مصطفيٰ ۽ سليم پنهور کي سزا ٻڌائي

جوابدارن 2013ع ۾ جهيڙي دوران نوجوان سهراب پنهور کي قتل ڪيو هو

3 مهينا اڳ قمبر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ گهران تڙي ڪڍيل نوجوان ناري لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن هٿان قتل، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي

ناري کي پنهنجن سئوٽن قتل ڪيو آهي، گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن: پوليس

3 مهينا اڳ سهري ڪارنهن تهمت هڻي ڀيڻ ساجده کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو: ڪفيل

قمبر واسي ميجر سوڌو 8 فوجي جوان ملڪ خاطر وڙهندي شهادتون ماڻي چڪا

وارهه واسي ميجر تهذيب رحمان ابڙو 2008ع ۾ دالبدين ۾ ملڪ دشمنن سان وڙهندي شهادت ماڻي

غلام حيدر چانڊيو 1999 ۾ ڪارگل ۽ ارباب علي ٻرڙو 2004 ۾ مهمد ايجنسي ۾ شهادت جو رتبو ماڻيو

نصيرآباد ۾ عارف ملاڻو جي قتل تان پردو کڄڻ لڳو، دوست ملوث هجڻ جو انڪشاف

نوجوان کي عورت معاملي تان قتل ڪرڻ جا اطلاع، قاتل 3 مهينا پهرين ساڻس دوستي ڪئي

عارف کي قتل ڪرڻ لاءِ کيس گھمائڻ بهاني ميهڙ پڻ نيو ويو پر جوابدارن کي اتي موقعو نه مليو

قمبر ۾ نُنهن جي قاتل سهري کي 4 سالن کانپوءِ ڦاهيءَ جي سزا

وارهه ڀرسان معصوم ٻارڙي پير ترڪڻ سبب سِم نالي ۾ ڪري پئي: ٻڏي فوت

1 2 3 37