تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

سامارو ويجهو چئن ٻارن جي ماءُ مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو: وڏو وزير

اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: سنڌ جو وڏو وزير

عمرڪوٽ (ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه جي لاڏاڻي تي کاروڙو پهچي پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، صوبائي وزير شبير بجاراڻي، صوبائي تيمور ٽالپر، نواب يوسف ٽالپر ۽ اڳواڻ موجود هئا. اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته علي مردان شاهه جي لاڏاڻي سان پارٽي کي وڏو نقصان پهتو آهي، علي مردان شاهه منهنجي والد سان گڏ سياست ڪئي، هو اسان جو سينيئر ۽ استاد هو.
آءِ جي سنڌ جي معاملي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته آءِ جي معاملي تي هڪ پيج تي آهيون، بدلي ٿيڻ ۾ لازمي ٽائيم لڳي ٿو، انشاءَ الله ڪجهه ڏينهن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي حڪومت سان اختلاف آهن، خاص ڪري اِنهي معاملي تي ته جيترو هصو ٻين صوبن کي ملي ٿو، اُهو سنڌ کي به ملڻ گهرجي، ملڪ ۾ ٻيون ڀيرو اٽي جو بحران ٿيو آهي. پهرين نواز شريف دور ۾ ٿيو، تڏهن به ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي وئي، هن وقت عمران خان افغانستان کي امداد ڏئي بحران پيدا ڪيو آهي. پاسڪو کان ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، ٽرانسپورٽ جي ڪري مسئلو پيدا ٿيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته ٿر ڪول تي سنڌ حڪومت ڪامياب پلاننگ سان ڪم ڪيو آھي، ايندڙ 10-15 سالن دوران ٿر جي قسمت ئي تبديل ٿي ويندي، ٿر ڪول مان ملندڙ بجلي ۽ فائدن سان ٿر سنڌ سميت دنيا جو اھم خطو بڻجي ويو آھي، اھي ڪوششون اسان جي حڪومت ورتيون آھن، گئس جي معاملن سميت مختلف اشوز تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ ڪافي معاملن تي اعتراض ۽ خدشا آهن، ماڪڙ خلاف آپريشن پهرين سنڌ حڪومت ڪيو، پر ان جو ڪنٽرول وفاقي حڪومت وٽ هو، وفاق پيپلزپارٽي خلاف ڪوئليشن ٺاهيو آهي، اميد آهي ته سيوهڻ ۾ ڇوڪري سان زيادتي واري معاملي تي چيف جسٽس متاثر ڇوڪري کي انصاف ڏياريندو.

حليم عادل حملي ڪيس مان تيمور ٽالپر ۽ ايس ايس پي جا نالا خارج

عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي سرن جا بٺا قائم، ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌ، رهواسي بيمارين ۾ مبتلا

علائقن ۾ ڪيترائي سرن جا غيرقانوني بٺا قائم، ٻارڻ لاءِ پراڻين جتين ۽ گند ڪچري جو استعمال

ماحولياتي گدلاڻ تيزي سان ڦهلجڻ لڳي، خارش ۽ چمڙي جون بيماريون عام ٿي ويون

پٿورو: ماروي ايڪسپريس جي انجڻ خراب، 2 ڪلاڪ ليٽ، مسافر پريشان

عمرڪوٽ: غذائي کوٽ ۽ نمونيا وگهي مهيني اندر 6 ٻارڙا فوت، 30 اسپتال ڀيڙا

سول اسپتال ۾ هلندڙ مهيني دوران غذائي کوٽ ۽ نمونيا وگھي 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا

فوتي ٻارڙن ۾ 3 مهينن جي سنيتا، 2 مهينن جي پوجا، پرڪاش، پير بخش ۽ ٻيا شامل

ڪُنري پوليس حليم عادل شيخ حملو ڪيس ۾ جعلي شاهد پيش ڪري ڇڏيا: عدالت طرفان اصل جوابدارن جا بيان وٺي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

عدالت ۾ فريادي نشاندهيءَ ڪرائي ته پوليس جعلي شاهد پيش ڪيا آهن

پوليس جوابدار ڌُر جا ماڻهو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيا آهن: فريادي

عمرڪوٽ ۾ ٽيپ هلائڻ تان جهيڙي ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل: مڙهه دفنايو ويو

ڪُنري ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، ڊرائيور سوڌو 7 پورهيت زخمي

پٿورو ڀرسان ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت

عمرڪوٽ ڀرسان وڏي آواز ۾ ٽيپ هلائڻ تي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو: نوجوان قتل: وارثن جو شهر ۾ ڌرڻو

ملاح ۽ رانگهڙ برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان شرافت مارجي ويو

ٽالهي ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

ڍورو نارو ۾ ڳوٺاڻن ٻن ٻڪري چورن کي سوگهو ڪري ورتو: مارڪٽ بعد پوليس حوالي

حليم عادل شيخ تي حملي ڪيس ۾ 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور

ٽنڊوآدم جي ناري پسند جي شادي کانپوءِ تحفظ لاءِ عدالت پهچي وئي

1 2 3 43