تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

پوليس سيما جي مڙس ۽ ڀائرن کي گهر جو قبضو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ليکڪا جي مڙس عمران عباسي گهر جو قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي

گهر منهنجي ٻارن جو آهي سالا رڪاوٽ آهن، سيما جا زيور ۽ ڪاغذ به کڻي ويا آهن: عمران عباسي

پ پ اڳواڻن شازيه سومرو ۽ آفتاب سومرو جي گهر تي ڇاپو، بجلي جا 3 غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا

ٺڪراٺو واسي نوجوان گهوٽڪي ويندي گُم: 3 گذرڻ باوجود پتو نه پيو

سکر پوليس ۾ آفيسرن کي هراسان ڪرڻ تي 8 اهلڪار برطرف

ڊي آءِ جي سکر سب انسپيڪٽر بچل قاضي، مسلم شيخ، رحمان ڌاريجي کي هٽايو

هيڊ ڪانسٽيبل دين محمد ملڪ، اهلڪار ظهور لغاري ۽ ٻين جي به نوڪري چٽ

فاپواسا نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ سمورا وي سي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي يونيورسٽي ۾ فاپواسا جو اجلاس، هيڪ جي بجيٽ ڪٽوٽي يونيورسٽين لاءِ زهر قرار

هيڪ چيئرمين ڊاڪٽر بنوري سرڪار کي بجيٽ وڌائڻ لاءِ قائل نه ڪري سگهيو: فاپواسا

سکر پوليس موبائيل فون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ناري کي گرفتار ڪري ورتو

خانڳڙهه ۾ ٽائون ڪميٽي چيئرمين جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم

سکر ۾ بجلي چوري، ڳرا بل اماڻڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سميت مختلف شڪايتن تي نيب سکر ۾ سيپڪو جي گڏجاڻي

سي اي او سيپڪو شڪايتن جي تدارڪ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

نيب اختيارين کي بلز جي مد ۾ لکين رپين جون رهتون اوڳاڙڻ ۾ سهڪار جي اپيل

سکر ۾ ائنٽي ڪرپشن جو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل آفيس تي ڇاپو: اهم رڪارڊ تحويل ۾

رشوت وٺي سرڪاري زمين تي پلازه تعيمر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي: اختياريون

سکر - ملتان موٽر وي مڪمل ٿيڻ باوجود ٽريفڪ لاءِ نه کليو ، سکر - حيدرآباد موٽر وي لٽڪيل

سکر-ملتان وچ ۾ 2016ع ۾ شروع ٿيل موٽر وي جو ڪم مڪمل: 5 ۽ 28 آگسٽ جون تاريخون به آيون

3 ارب ڊالرن جي لاڳت سان ٺهيل موٽر وي اين ايچ اي ۽ موٽروي پوليس جي کوٽ سبب شروع نه ٿيو: ذريعا

روهڙي: هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل شوروم مالڪ فوت

روهڙي ۾ 8 ڏينهن پراڻو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ايڌي حوالي

ٺڪراٺو ويجهو نوجوان ناري فائرنگ ۾ مارجي وئي، وارثن چورن هٿان قتل قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس کي ڪارنهن الزام جو شڪ

شڪ آهي ته ناري کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس

ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس برآمد، سڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ماتمي جلوسن جي روٽس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي

حيدرآباد، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٻين هنڌن تي به جلوس ڪڍيا ويا، شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) خدا جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڏُهٽَي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ڪربلا ۾ عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي علائقن ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. سڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، فوج به ٻين ادارن سان گڏ سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ نائين محرم جو ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو پيپلز چورنگي، صدر دوا خانه، پريڊي اسٽريٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ کارادر کان ٿيندو حسينيان ايران امام بارگاهه پهچي ختم ٿي ويو. مک ماتمي جلوس جي رستن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس رات تائين معطل ڪئي وئي، جلوس جي روٽس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز لڳائي سيل ڪيا ويا، موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو آهي. حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين، ٺٽو، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر، جيڪب آباد، دادو، سجاول. شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ خيرپور ضلعن جي اڪثر شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، جنهن دوران سينا زني ۽ زنجير زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. سمورا جلوس پنهنجي منزلن کان ٿيندا نهر ٿي ويا. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سڪيورٽي خدشن سبب موبائيل فون سروس معطل هئڻ سان گڏ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. اسلام آباد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه اثناءِ عشري کان ڪڍيو ويو، لاهور ۾ پانڊو اسٽريٽ اسلام پوره مان جلوس برآمد ڪيو ويو. پشاور ۾ شبيهه ذوالجناح جو ماتمي جلوس امام بارگاهه حسينيه هال کان ڪڍيو ويو. ملڪ جي مختلف هنڌ تي ڪڍيل ماتمي جلوس به پڄاڻي تي پهچي چڪا آهن.

ايس ايس پي سکر سان صحيح هل!! صحافي کي ڌمڪي

پنجاب جي ٿاڻي تي ڌمڪي ڏني وئي ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان صحيح هل، نه ته سٺو نه ٿيندو: نديم بوزدار

سکر(بيورو رپورٽ) پنوعاقل جو صحافي نديم بوزدار آزاد ٿي ويو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون صحافي نديم بوزدار کي بيورو چيف سکر ممتاز بخاري حوالي ڪيو. ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته پنجاب جي ڪوٽ سبزل پوليس غلط فهمي جي بنياد تي نديم بوزدار کي کنڀيو هو، پنجاب پوليس سان رابطو ڪري صحافي کي واپس ڪرايو. ايس ايس پي سکر موجب پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته نديم بوزدار نالي ٻئي شخص خلاف ايف آءِ آر هئي، ساڳيو نالو هجڻ ڪري غلطي مان صحافي نديم بوزدار کي گرفتار ڪيو. پنجاب پوليس هٿان کنڀجڻ بعد آزاد ٿيل پنهنجي اخبار جي رپورٽر نديم بوزدار ٻڌايو ته ڏنڊا بردار ماڻهن آفيس تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پنجاب جي علائقي ڪوٽ سبزل نيئڻ دوران هٿيار تاڻي حراسان به ڪيو ويو. نديم بوزدار ٻڌايو ته ڪوٽ سبزل ٿاڻي تي هڪ شخص پڇيو ته اوهان جو ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان ڇا اشو آهي؟ ڇا اوهان سندس خلاف ڪا خبر وغيره هلائي آهي؟ نديم بوزدار چيو ته مون ان همراهه کي جواب ڏنو ته صحافي آهيون، خبر هلائي هوندو. هن چيو ته آخر ۾ هن شخص ڌمڪي ڏيندي چيو ته هن ڀيري توکي معاف ڪيون ٿا، ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان صحيح هل ته بهتر هوندو. جنهن بعد ڪوٽ سبزل پوليس ڪار ۾ سکر کڻي آئي ۽ پوءِ ايس ايس پي سکر عرفان سمون حوالي ڪيو.

1 2 3 96