تازا ترين
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

سنڌ جي زراعت ۾ جديد لاڙا آڻبا: سماجي براين جو خاتمو ڪنداسين : شاگرد

چاهيان ٿي ته بريڊنگ جي مددسان ميواتن ۽ ڀاڄين جانج ٻج تيا رڪريان: ثنا شازيه

جيت فصل ناس ڪن ٿا، جيتن تي تحقيق ڪريان پيو: محبوب جتوئي

زرعي يونيورسٽي انتظاميا جو ڪارنامو: هندو شاگرد کي مارڪ شيٽ ۾ سيد ڄاڻائي ڇڏيو

ايس ايس پي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ حملا ڪندڙ جوابدارن کان بي عزتي ڪرائي: حيدرآباد ۾ ناري روئي ڏنو

حيدرآباد ۾ جنسي طور هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ ناري آرزو مغل ايس ايس پي آفيس پهتي

پوليس جوابدارن جي ساٿاري آهي، ايس ايس پي اڳيان تذليل ڪئي وئي پر هو خاموش رهيو: ناري

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي ناري ايس ايس پي آفيس ٻاهران دانهيو آهي ته ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ گهرن تي حملا ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي بدران ايس ايس پي آفيس ۾ کيس هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. لطيف آباد نمبر 11 جي رجواسڻ ناري آرزو مغل دانهيو ته جوابدار علي رانا، عادل عرف ببلو رانا، ماجد رانا ۽ شاهد رانا کيس ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ زبردستي ڪري رهيا آهن، هُنن مختلف وقتن تي سندس گهر تي حملا به ڪيا آهن. ناري دانهيو ته جوابدارن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو پر ايس ايڇ او سوڌو ٻي پوليس ڪارروائي بدران جوابدارن جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. عدالت مان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، سندس ميڊيڪل رپورٽس ۽ جوابدارن خلاف ثبوت پوليس لڪائي ڇڏيا آهن. اهڙي شڪايت جڏهن ڊي آءِ جي کي ڪئي ته هُن ايس ايس پي ڏانهن موڪليو.
ناري چيو ته اڄ جڏهن هو ايس ايس پي عديل چانڊيو جي آفيس پهتي ته ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن سوڌو 10 کان 15 ماڻهو اڳ ئي موجود هئا، ايس ايس پي ڪاغذ ڏيڻ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران کيس چيو ته جوابدارن کي معاف ڪري ڪيس تان هٿ کڻا، انڪار ڪرڻ تي ايس ايس پي آڏو جوابدار کيس ڌمڪيون ڏيندا رهيا ۽ ڪردار ڪُشي به ڪئي، پر ايس ايس پي سڀ ڪجهه خاموشي مان ڏسندو رهيو، کيس آفيس مان به ٻاهر نڪرڻ نه پئي ڏنو ويو، پر هو زبردستي ٻاهر نڪري آئي آهي.
ناري چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد به جوابدارن سان مليل آهي، تنهن ڪري سندس آڏو کيس هراسان ڪيو ويو. جوابدارن 2 ڀيرا کيس ٻارن سوڌو اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هاڻي جي به جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته اُن جي ذميواري ايس ايس پي حيدرآباد سوڌو جوابدارن تي هوندي.

ٽنڊو ڄام يونيورسٽيءَ جي ڪالوني ۾ گئس جو بحران: رهواسين جو احتجاج

هوم بلڊرز اينڊ ڊِولپرز پاران نيوصدر قاسم آباد پراجڪيٽ جو شاندار افتتاح

تقريب ۾ ملڪ جي ناليوارن فنڪارن فهيم علڻ، اصغر کوسو ۽ ٻين جي پرفارمنس

منصوبن جي معيار تي سوديبازي ناهي ڪئي، اڳتي به فائدي وارا منصوبا آڻينداسين: ارشاد قريشي

حيدرآباد ۾ اڳوڻي عورت ايڊمنسٽريٽر جي قاتل مڙس کي ٽن سالن کانپوءِ عمر قيد جي سزا: عائشه جي آپگهات واري دعويٰ ڪوڙي ثابت

سيده عائشه جو 2016ع ۾ ڦاهو ڏنل لاش مليو، مڙس خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو

حيدرآباد ۾ شادي هال رات يارهين بجي بند ڪرڻ جو فيصلو

سائرا ٿهيم ڪيس: شاهدي ڏيڻ تي شاگردياڻين کي شوڪاز

حيدرآباد جي ڦليلي ٿاڻي جي حد مان ناري پراسرار نموني گم ٿي وئي، وارث پريشان

هوم بلڊرزاينڊڊِولپرز پاران نيوصدر پراجيڪٽ جي افتتاح کان اڳ ريلي ڪڍي وئي

ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر انجنيئرنگ آفيس ريسٽ هائوس بڻيل

سنڌ ۾ ڪانگو ۽ نگليريا وائرس پکڙجڻ لڳو، سال دوران 32 ڄڻا فوت

نگليريا سبب ڪراچي ۾ جنوري کان وٺي نومبر تائين 16 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن

ڪانگو سبب به 16 ڄڻن حياتي وڃائي، ڪراچي ۾ 21 مريض ظاهر ٿيا، ٿرپارڪر ۾ 2 ڪيس

آر بي او ڊي ۾ ڪرپشن جي جاچ ۾ اڳڀرائي، ڪامورن پاران ڪوڙا بل ٺاهڻ جو انڪشاف

4 ارب 64 ڪروڙ رپين جي گھوٻين جي جاچ لاءِ 10 کان وڌيڪ ايس ڊي اوز بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا

ايس ڊي اوز رحمان سومرو،عابد،نياز قريشي، طارق عرساڻي،نثارسهتو۽ٻين بيان رڪارڊڪرايا

قاسم آباد ۾ نئين ڪمرشل پراجيڪٽ جو افتتاح 15 نومبر تي ٿيندو

حيدرآباد: اينٽي ڪرپشن جو سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي سپرينٽينڊنٽ آفيس ۾ ڇاپو هنيو، رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو

ڪيشيئر محمد علي سومرو خلاف ايم ايس اينٽي ڪرپشن کي شڪايت ڪئي هئي

ڪيشيئر انڪم ٽيڪس جي رقم ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ گهوٻيون هنيون: ايم ايس