تازا ترين
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان تي تشدد، رتورت

سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص

واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي

ڳڙهي خيرو ڀرسان پورهيت جي گهر کي باهه: الهه تلهه سڙي رک

ڪريم بخش کوسو ڀرسان سارين جي فصل مان لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

ڳڙهي خيرو: پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو: فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، ٻيو زخمي

زخمي نوجوان کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز

ڳڙهي خيرو ڀرسان وڻ نينگر مٿان ڪري پيو: فوت

”ڪم تي ڇو نه ٿو هلين“ جيڪب آباد ۾ معمولي ڳالهه تان ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل

ڳڙهي خيرو ويجهو هڪ عورت کي قتل بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو اطلاع، پوليس قبر جي ڳولا شروع ڪري ڏني

ايس ايس پي جي هدايت تي ڳوٺ مراد وانڍو جي قبرستان ۾ قبر جي ڳولا لاءِ پوليس اهلڪار مقرر

اطلاع مليو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ناري کي قتل ڪيو ويو، جاچ ڪيون پيا: ايس ايس پي

جيڪب آباد ڀرسان جي يو آءِ ف جو سنڌ- بلوچستان سرحد تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو: ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون

ٿڌ ۽ برسات باوجود سرحدي دنگ تي ڌرڻو جاري رکيو ويو، پوليس به مقرر

پي ٽي آءِ جي حڪومت مان جان ڇڏائڻ کانپوءِ واپس وينداسين: جي يو آءِ ف اڳواڻ

جيڪب آباد لڄالٽ جو شڪار نينگري جي ٻيهر ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

4 جوابدارن پاران اجتماعي لڄالٽ بعد ڌيءُ کي جنم ڏيندڙ ارم ابڙو ۽ ٻارڙي جا ڊاڪٽرن ٻيهر جزا ورتا

ڪيس ۾ نامزد ظفر سرهيو ۽ ڪامران پٺاڻ جي به ٻيهر ڊي اين اي ٿيندي، جزا وٺي پوليس حوالي ڪيا ويا

جيڪب آباد: پ پ ش ڀ اڳواڻ جي پٽ جي اغوا معاملي جو جرڳو، الزام هيٺ آيل 6 جوابدارن تي 12 لک رپيا ڏنڊ

جرڳو اڳوڻي صوبائي وزير سردار منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ ٿيو

مبارڪپور واسي پورهيت ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو

جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگريءَ جي ڌيءُ ۽ ٻن جوابدارن جا ڊي اين اي جُزا لمس ڄامشورو ۾ جمع

ٻارڙيءَ جا جُزا جوابدارن جي ڊي اين اي سان ميچ ڪيا ويندا، 10 ڏينهن لڳي سگهن ٿا: انتظاميا

ڪريم بخش کوسو واسي نينگر بون ميرو جي مرض سبب فوت

جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ بعد ڌيءُ کي جنم ڏيندڙ نينگري جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار

ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا

ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد

جيڪب آباد/لاڙڪاڻو (رپورٽ: رپورٽ عبدالغني کوسو/نادر ابڙو) جيڪب آباد ۾ وحشي صفت جوابدارن جي لڄالٽ جو نشانو بڻيل نينگري کي ڌيءُ جو اولاد ٿيڻ کانپوءِ پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي. مُک جوابدار جو پتو لڳائڻ لاءِ ٻارڙيءَ جا ڊي اين اي جُزا ليبارٽري اُماڻيا ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته هي ڪيس انتهائي مُنجهيل ۽ هڪ چئلينج آهي، ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪيس جا کوڙ سارا نوان پاسا کُلي ويندا.
سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ 9 مهينا اڳ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايل 13 ورهين جي نينگري ارم ابڙو کي لاڙڪاڻو جي شيخ زيد اسپتال ۾ ڌيءُ جو ٻارپيدا ٿيو آهي. نينگري ارم ابڙو جو چوڻ آهي ته جوابدار ظفر الله سرهيو ۽ ڪامران پٺاڻ عرف ڪامي سوڌو 2 اڻڄاتل جوابدارن کيس اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو. جوابدارن ڌمڪي ڏني ته ڪنهن کي ڳالهه ٻڌائڻ جي صورت ۾ قتل ڪري ڇڏيندا، جنهن سبب هو خوف وچان خاموش ٿي وئي.
ڪيس داخل ٿيو: جوابدار رمانڊ تي آزاد
اُن موقعي تي نينگري جي والده ضميران ابڙو ٻڌايو ته ارم جڏهن 7 مهينن جي ڳورهاري ٿي ته اُن کانپوءِ کين خبر پئي، جنهن بعد هُن پنهنجي ڀيڻ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. بيواهه عورت جو چوڻ هو ته ظفر الله سرهيو ۽ ٻيا جوابدار سندس ڌيءُ کي هٿيارن جي زور تي اجتماعد لڄالٽ جو نشانو بڻائيندا رهيا ۽ کيس خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا هئا. نينگري ٻن جوابدارن کي سڃاتو، جڏهن ته باقي ٻن جوابدارن کي نه سڃاڻي سگهي. جوابدارن عدالت مان ضمانت حاصل ڪئي آهي. عورت مطالبو ڪيو آهي ته سندس ڌيءُ جي زندگي تباهه ڪندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻئي ڪنهن سان ائين نه ٿئي؟
نينگري سان لڄالٽ ۽ جوابدارن جي ملوث هجڻ جي تصديق
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نينگري ارم سان اجتماعي زيادتي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جاچ ڪئي وئي، جنهن ۾ ثابت ٿي ويو هو ته ظفر الله ۽ ڪامران سوڌو ٻين جوابدارن نينگريءَ کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. ڇاڪاڻ ته نينگري اُن وقت 7 مهينن جي حمل سان هئي، تنهن ڪري نينگري جي ڊي اين اي ذريعي ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ تصديق ٿيڻ ممڪن نه هو. ايس ايس پي جيڪب آباد به پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي اهڙي تصديق ڪئي آهي.
ٻارڙيءَ جو والد ڪير؟ پوليس اِن سوال تي پريشان
نينگري ارم کي ڄايل ڌيءُ جا ڊي اين اي جُزا ورتا ويا آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته هي ڪيس انتهائي پيچيده آهي، جنهن ۾ 2 ڄاتل ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته ڊي اين اي رپورٽ کانپوءِ اهو ته پتو پئجي ويندو ته نينگر جو والد ڪير آهي؟ پر جاچ دوران ثابت ٿيو هو ته 4 جوابدارن نينگري سان زيادتي ڪئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڊي اين اي رپورٽ کانپوءِ ٽن جوابدارن جو ڇا ڪرڻو آهي؟ ان حوالي سان به جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو آپشن به غور هيٺ آهي ته جيڪڏهن ارم جي ڌيءُ جو ڊي اين اي ڪيس ۾ نامزد ٻن اڻڄاتل جوابدارن مان هڪ جوابدار سان ميچ ٿيو ته پوءِ ڪهڙي ريت جاچ کي اڳتي کڻي هلجي، اِن تي به صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ جنهن ماڻهو جو نالو ايندو، اهو مُک جوابدار هوندو. اُن ئي بنياد تي جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو ته ٻيا جوابدار ڪير ڪير هئا؟
ايس ايس پي جيڪب آباد
ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته جاچ دوران ثابت ٿي ويو هو ته نينگري لڄالٽ ٿي آهي، نينگري جڏهن ڪيس داخل ڪرائڻ آئي ته 7 مهينن جي حمل سان ٿي هئي. هُن تصديق ڪئي ته ٻارڙيءَ جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جُزا ورتا ويا آهن، هڪ هفتي اندر رپورٽ اچي ويندي. پوليس پاڻ هن ڪيس کي گهرائيءَ سان ڏسي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو جاچ ۾ تصديق ٿي وئي هئي ته ظفر الله ۽ ڪامران پٺاڻ نينگري سان لڄالٽ ڪئي هئي.

مظفر آباد ۾ برفاني ڇِپ ڪرڻ سبب ٺل واسي پاڪ فوج جو جوان دٻجي فوت

1 2 3 62