تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

برساتن بعد لاڙ جي راڻي نريڙي ڍنڍ آباد، روزگار بحال، مهاڻا مرڪي پيا، هر پاسي ساوڪ جا منظر

ايشيا جي ٽين وڏي ڍنڍ نريڙي برساتن بعد ٻيهر ڀرجي وئي، هر پاسي ساوڪ

ڍنڍ جي ڪناري تي وسنديون آباد ٿي ويون، لڏي ويل مهاڻا ماڳن ڏانهن موٽي آيا

نندو ۾ ڪارخانن جي مالڪن طرفان گهٽ اُجرت ڏيڻ خلاف پورهيتن جو احتجاج

سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جي بيحسي: ڪڙيو گهنور ڀرسان اسڪولي ٻارڙا واهه مٿان ڪاٺ جي موريءَ تان لنگهڻ تي مجبور

امام واهه جاگير تي پُل نه ٺهي، روزانو ٻارڙا زندگيون داءُ تي لڳائي موريءَ تان گذرن ٿا

ماتلي اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، لکن جي آبادي لاءِ فقط 4 ڊاڪٽر موجود

گلاب لغاري ڀرسان مسافر بس موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي: نوجوان فوت: 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي

حادثي جي زخمين کي پوليس موبائيل ۽ پي پي ايڇ آءِ جي گاڏين ذريعي اسپتال نيو ويو

بدين ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين کي لڳاتار غيرحاضر رهڻ ۽ غيرمناسب رويي تي نوٽيسز جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيئرمين اصغر هاليپوٽو کي 13 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو

بدين ضلعي جون زمينون بنجر، ماڻهو بيروزگار، ڪاٺين جو ڪوئلو وڪڻڻ تي مجبور

نوجوان ديوين جو ڏاڪ وڍي 150 رپيا في مڻ کورن تي کپائي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا

پورهيت ديوين جو ڏاڪ ۽ پاڙون وجهي باھ ڏئي ڪوئلو تيار ڪري 7 سئو في مڻ شهرن ۾ کپائن ٿا

ٽنڊو غلام علي ۾ سڀاڻي کان گڏهن جي سالياني پڙي شروع: مختلف شهرن مان گهرايل گڏهه ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل

لاسي، برا، ٽاپر، جابلو، کودڙا، ٿري، ڪوهستاني ۽ ٻين نسلن جي گڏهن کي سينگاريو ويو

ٽنڊو غلام علي (ن پ ا) ٽنڊو غلام علي ۾ گڏهن جي سالياني پڙي سڀاڻي کان شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. مختلف شهرن کان آندل گڏهه ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻجي ويا.
سرڪار طرفان شهر جي ميرن واري ڪارخاني ۾ گڏهن جي سالياني پڙي سڀاڻي کان لڳائي ويندي، جنهن لاءِ مختلف شهرن کان ڀلي نسل جا گڏهه آندا ويا آهن. لاس، برا، جابلو، ٽاپر، کودڙا، ٿري، ڪوهستاني، لاڙي ۽ ٻين نسلن جا گڏهه ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن. گڏهن جي مالڪن پنهنجي پنهنجي حساب سان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڦلهڏيون شهر کان آيل واپاري سڄڻ مري چيو آهي ته هو پنهنجو گڏهه ٽن لکن تائين وڪرو ڪندو، ڇاڪاڻ ته اُهو لاسي نسل جو آهي ۽ بار کڻڻ جو به ڀلو آهي. اُن کانسواءِ ٽنڊو الهيار کان آندل گڏهه جو اگهه 2 لک، مقرر ڪيو ويو آهي.
پڙيءَ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته نه رڳو سنڌ، پر پنجاب ۽ بلوچستان مان به ماڻهو پنهجا گڏهه ڪاهي آيا آهن، جِن جي پڙيءَ ۾ قيمت لڳائي ويندي. گڏهه مالڪن پڙيءَ تي سهولتون مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هي پڙي پنهنجي نوعيت جي منفرد پڙي آهي. هر سال ڀلي نسل جا گڏهه هتي وڪرو ٿيندا آهن.
اُن کانسواءِ پڙيءَ تي وڪري لاءِ آيل گڏهه ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻجي ويا آهن، شهري گڏهن سان سيلفون پڻ ڪڍرائي رهيا آهن، جڏهن ته گڏهن جي گاهه ۽ هار سينگار جا اسٽالز به لڳايا ويا آهن.

ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس برآمد، سڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ماتمي جلوسن جي روٽس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي

حيدرآباد، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٻين هنڌن تي به جلوس ڪڍيا ويا، شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) خدا جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڏُهٽَي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ڪربلا ۾ عظيم قربانين جي ياد ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي علائقن ۾ نائين محرم جا ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. سڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، فوج به ٻين ادارن سان گڏ سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ نائين محرم جو ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو پيپلز چورنگي، صدر دوا خانه، پريڊي اسٽريٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ کارادر کان ٿيندو حسينيان ايران امام بارگاهه پهچي ختم ٿي ويو. مک ماتمي جلوس جي رستن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس رات تائين معطل ڪئي وئي، جلوس جي روٽس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز لڳائي سيل ڪيا ويا، موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو آهي. حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻي، بينظير آباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين، ٺٽو، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر، جيڪب آباد، دادو، سجاول. شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ خيرپور ضلعن جي اڪثر شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، جنهن دوران سينا زني ۽ زنجير زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. سمورا جلوس پنهنجي منزلن کان ٿيندا نهر ٿي ويا. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سڪيورٽي خدشن سبب موبائيل فون سروس معطل هئڻ سان گڏ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. اسلام آباد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه اثناءِ عشري کان ڪڍيو ويو، لاهور ۾ پانڊو اسٽريٽ اسلام پوره مان جلوس برآمد ڪيو ويو. پشاور ۾ شبيهه ذوالجناح جو ماتمي جلوس امام بارگاهه حسينيه هال کان ڪڍيو ويو. ملڪ جي مختلف هنڌ تي ڪڍيل ماتمي جلوس به پڄاڻي تي پهچي چڪا آهن.

ملڪاڻي شريف ۾ گاهه ڪرڻ دوران ڀاءُ پاران اڇلائي ڏنل ڏاٽو نوجوان کي ڪنڌ ۾ وڃي لڳو، نازڪ حالت ۾ ڪراچي ريفر

بدين جي ڊاڪٽرن نوجوان جي ڪنڌ مان ڏاٽو ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

نوجوان کي بدين کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو، زخمي نوجوان اذيتن ۾ مبتلا

نندو ڀرسان بيٺل وئن کي ٽرڪ جو ٽڪر: 2 ڄڻا زخمي: ڊرائيور فرار

ٽنڊو غلام علي ڀرسان عورت مبينا طور ڪهاڙيون هڻي قتل

ملڪاڻي شريف: موٽرسائيڪل کي ڪوچ جو ٽڪر: عورت فوت، سندس پٽ زخمي

ماتلي ۾ اڌڙوٽ شخص آپگهات ڪري ڇڏيو: نشو واپرائيندو هو: وارث

نندو ۾ ڳوٺاڻو ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت: فصل مان لاش هٿ

1 2 3 44