تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

5 آگسٽ کان 17 آگسٽ تائين جو سفر !

5 آگسٽ 1988ع جي صبح هئي پي ٽي وي تان ٻه ڪلاڪ صبح جي نشريات جو آغاز ڪيو ويو هو آءُ  مئٽرڪ جو شاگرد هئس گھر ۾ هوم ورڪ پئي ڪيو ۽ ٽي وي جي صبح  واري نشريات به پئي هلي ته خبرن ۾ هڪ دردناڪ خبر ٻڌائي وئي. ملڪ جي هڪ جيد عالم اتحادبين المسلمين جي داعي علامه عارف حسين الحسيني کي پشاور ۾ سندس مدرسي اندر عين فجر جي وقت مسجد ۾ گولي هڻي شهيد ڪيو ويو. آءُ فوري طور شهر ڏانهن ويس ۽ تصديق لاءِ شيعه مڪتبِ فڪر جي ذميوارن سان مليس کانئن علامه جي شهادت بابت پڇا ڪئي ته کين به ڪا ڄاڻ نه هئي  پهرين ته هنن پنهنجي ڳالھه جو اعتبار نه پئي ڪيو پوءِ فون ڪيائون. نه رڳو شيعه مڪتبِ فڪر وارن ۾ سوڳ هو پر سمورن مڪتبِ فڪر وارا به ڏکارا هئا ان ڪري ته علامه سيد عارف حسين الحسيني  اتحادبين المسلمين ۽ اتحاد بين المذاهب جا داعي هئا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آيل هئا ۽ سندس تقرير  کي ٻڌڻ لاءِ هر مڪتبِ فڪر وارو آتو هوندو هو .
هن جي تقرير آمريڪا سامراج ۽ ملڪ ۾ آمريت خلاف هونديون هيون مسلمانن جي اتحاد ۽ سمورن مذهبن جي احترام ۽ گڏيل اتحاد جو پيغام ڏيندڙ هيون . هو مظلوم جي تشريح هن ريت ڪندو هو ته مظلوم، مظلوم آهي اُهو ڪهڙي به نسل، قوم، مذهب، مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندو هجي ۽ ظالم  ظالم آهي اُهو ڪهڙي به نسل، قوم، مذهب، مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ هجي اسين مظلوم کي هڪ ئي صف ۾ سمجھيون ٿا اُهو مظلوم چاهي مسلمان هجي يا غير مسلمان ۽ اهڙي نموني ظالم کي به هڪ ئي صف ۾ سمجھيون ٿا چاهي اُهو غير مسلم هجي يا مسلمان ۽ مسلمانن ۾ شيعو هجي يا سني ! اسين مظلوم جا حمايتي ۽ ظالم جا مخالف آهيون اسين مظلوم جو ساٿ ڏيندڙ ۽ ظالم تي لعنت ڪندڙ آهيون . اوهان مذهبن کي انسانيت جي ميزان ۾ توريو جيڪو انسانيت جي ڀلائي لاءِ آهي اُهو مظلومن جو ساٿي آهي جيڪو انسانيت لاءِ هاڃيڪار آهي اُهو ظالمن جو ساٿاري آهي . 25 نومبر 1946ع تي پاراچنار جي ننڍڙي ڳوٺ ۾  سيد فضل حسين جي گھر ۾ جنم وٺندڙ  سيد عارف حسين  ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري  1964ع  ۾ مئٽرڪ پاراچنار جي هاءِ اسڪول مان ورتي ديني تعليم به اتان جي مدرسي مان  ديني عالم غلام جعفر  وٽان حاصل ڪري 1967ع ۾ نجف اشرف ويو جتان فلسفي، منطق، فقھه اصولِ فقه جي تعليم حاصل ڪئي 1973ع ۾ امام خميني جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ انقلابي لڏي ۾ شامل ٿي ويو ۽ سرگرميون ڪرڻ لڳو عراقي جي صدام حڪومت کيس گرفتار ڪري جيل وڌو ۽ اتان کيس ملڪ بدر ڪري ڇڏيو . وطن واپس اچڻ کانپوءِ درس تدريس جي ڪم  ۾ لڳي ويو انهيءَ دواران ازدواجي زندگي ۾ پڻ منسلڪ ٿيو شادي کان پوءِ به علم جي حاصلات واري تڙپ کيس تڙپائيندي رهي وري ٻيهر نجف اشرف  وڃڻ  جي تياري ورتي پر عراقي حڪومت پاران ويزا نه ملڻ جي صورت ۾ ساڳي سال ايران ۾ قم مقدس ويو  اتان جي حوزه علميه قم ۾  شهيد مرتضيٰ مطهري ۽ آيت مڪارم شيرازي  وحيد خراساني ، ميرزا جواد تبريزي ، محسن حرم پناهي ، سيد ڪاظم حائري کان ڪسبِ علم ڪيو . ايران ۾ رضا شاھه پهلوي جي خلاف هلندڙ انقلابي مهم جو حصو بڻيو ۽ احتجاجن ۾ شرڪت  ۽ قيادت ڪيائين شهنشاهي حڪومت جي ڪارندن کيس گرفتار ڪري قيد حوالي ڪري ڇڏيو ڪجھه عرصي کان پوءِ کيس قسم نامو لکي ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته هُو ڪنهن به حڪومت مخالف مهم جو حصو نه بڻبو ۽ انقلابين سان واسطو نه رکندو ساڻن ملاقاتون نه ڪندو پر! هن ان آڇ کي قبولڻ کان انڪار ڪيو کيس ملڪ بدر ڪري واپس پاڪستان موڪليو ويو. پاڪستان ۾ آمريت هئي جنر ضياءَ فوجي ڊڪٽيٽر جو راڄ هو هن هتي اچي درس تدريس جو ڪم ڪيو ۽ آمريت خلاف مهم جو حصو بڻيو  مفتي جعفر حسين جي وفات کانپوءِ کيس تحريڪِ نفاذِ فقه جعفريه جو صدر ۽ قائدِ ملت جعفريه بڻايو ويو  ايران ۾ 1979ع ۾ انقلاب اچي چڪو هو انقلابين امام خميني جي قيادت ۾ حڪومت قائم ڪري ورتي هئي  پاڪستان ۾ عارف حسين الحسيني کي امام خميني پاران وڪيل مقرر ڪيو ويو هو، امورِ حسبيه ۽ وجوهاتِ شرعيه جو حق رکي پيو .
هڪ ڏينهن ايم آر ڊي تحريڪ دواران جماعت اسلامي جي قاضي حسين احمد شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي چيو ته ملڪ ۾ خميني جھڙي انقلابي شخصيت جي ضرورت آهي  ته محترمه مسڪرائيندي کيس جواب ڏنو هو ته قاضي صاحب پاڪستان ۾ خميني ته موجود آهي جيڪو اوهان جي ئي علائقي جو آهي جنهن تي قاضي حيران ٿي ويو  ۽ محترمه کيس چيو ته وقت اچڻ تي خميني پنهنجو ڪردار نڀائيندو . محترمه جو اشارو شهيد عارف حسين حسيني ڏانهن هو . شهيد عارف حسين الحسيني سياسي ميدان ۾ به پنهنجي شخصيت جوڙي ورتي هئي ۽  سياسي حوالي سان اهم ذميواري به نڀائڻ وارا هئا پر! 5 آگسٽ 1988ع تي کيس پشاور واري مدرسي ۾ هڪ رٿابندي هيٺ تربيت يافته قاتل هٿان گولي جو کاڄ بڻايو ويو  آمريت پنهنجي پر ۾  رستي تان هڪ وڏو پٿر هٽائي ڇڏيو هو  کيس خبر نه هئي ته مظلوم جو خون به وڙهندو آهي انقلابين جو خون به انقلاب آڻيندو آهي ، شهيد پنهنجي رت سان به پلاند وٺندو آهي ! پاڪستان جي فوجي آمريت جيترا به ڪيس ڪيا هئا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ کان وٺي بيگناهن کي قتل ڪرائڻ ، ڦٽڪا لڳائڻ ، جيل  حوالي ڪرڻ  سميت سمورن حسابن ڪتابن جو وقت اچڻو هو ۽ اُهو هن هڪ باعمل باڪردار باسيرت انقلابي شخصيت ۽ قائد کي  جڏهن شهيد ڪيو ويو ته آمريت به هر وقت خوف ۾ ڏٺي وئي نتيجي ۾ مظلوم جي شهادت جي  12 ڏينهن اندر 17 آگسٽ 1988ع تي ساهيوال جي فضائن ۾  جھاز تباھه ٿيڻ  سبب  فوجي آمر جنرضياءَ آمريڪي سفير عملدارن ۽ پنهنجن آمريتي ساٿين سميت سڙي خاڪ ٿي ويو . اهڙي نموني مظلوم حسيني جي بيگناھه وهايل رت انتقام ورتو ۽ وقت جو يزيد ملعون پنهنجي انجام ٿي پهتو . ملڪ ۾ 11 سال  آمريت جي ٻوسٽ ختم ٿي عوام  سک جو ساھه کڻڻ لڳو شهيد علامه عارف حسين الحسيني کي شهيدِ جمهوريت به چوندا آهن شهيدِ اسلام ، شهيدِ قائدِ  مظلوم  به چيو وڃي ٿو .اڄ به سندس فڪر جا پوئلڳ عالمي امن جا قائل آهن ۽ اتحادبين المسلمين سان گڏ اتحاد بين المذاهب جا پڻ پرچارڪ آهن .
جيتوڻيڪ هن دور ۾ علم تعليم اڳ  جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال آهي ان باوجود به مذهبي انتهاپسندي هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ وارو عمل ٻين مذهبن جي احترام ۽ تقدس وارو رجحان ڪمزور آهي ان جو سبب اسان جي عالمن جي محدود سوچ جو هجڻ آهي جڏهن ته اسلام عالمگيريت جو قائل آهي ۽ انسانيت کي اصل معراج سمجھي ٿو اتي ضرورت آهي ته شهيد عارف حسين الحسيني جھڙا عالم سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن  جنهن جي هن دور ۾ وڏي ضرورت آهي جيڪو  دور مذهبن جي نالي دهشتگردي جو شڪار آهي انسانيت جي نالي انساني قدرن جي پائمالي جو شڪار آهي جيڪو امن جي نالي تي قتل و غارت جي ور چڙهيل آهي جيڪو جمهوريت جي نالي تي آمريت مڙهيل آهي جتي اقتدار جي نالي تي مفاد پرستي جي حاڪميت ڪندڙ حاڪم آهن  غريب عوام جي حقن جي نالي تي سرمائيدارن جو ٽولو قابض آهي  اُتي حق ۽ سچ چوندڙ حسيني  ئي سجاڳي جو سبب بڻجي سگھي ٿو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *