تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

11 ڀاتين جي قتل جي سرڪار فريادي ڇو نه ٿي ؟

اردو جي شاعر جي ھن شعر جيئن وهي قاتل وهي شاهد وهي منصف ٺهري  ، پنوعاقل ڀرسان پيش آيل  واقعي جنھن ۾ جوابدار وھاب انڍڙ سندس پٽن سان گڏجي پنهنجي گھر جي 11 ڀاتين کي ي انتھائي بي دردي سان ڳلا ڪپي قتل ڪيو ان معاملي ۾ پوليس جوابدارته گرفتار ڪري ورتا آھن جن جوابدارن ڏوھه جو پڻ اعتراف ڪيو آھي جوابدارن اعترافي بيان ۾ مختلف بيان ڏنا آھن جنھن مان ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته منصوبابندي تحت اھڙا بيان ڏياري سڀني کي ذھني مريض قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مک جوابدار وھاب انڍڙ پنھجي اعترافي بيان ۾ چيو ته ھن ڀائرن سان تلخ ڪلامي بعد صدمي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي اھڙو قدم کنيو جڏھن ته معجزاڻي طور بچي ويل مک جوابدار جي پٽ ماجد انڍڙ جي ڏنل بيان موجب ته سندس بي رحم پيءُ ان کي به قتل ڪرڻ چاھيو ٿي پر ان تي ان نينگر چيو مان تنھنجو خيال رکندس ۽ تنھنجو ساٿ ڏيندس مونکي نه مار، تنھن تي جوابدار پنھنجي پٽ کي ڇڏي ڏنو ۽ نينگر اھو به بيان ڏنو ته جڏھن ھن پنھنجي بي رحم پيءُ مک جوابدار کان گھر ڀاتين کي قتل ڪرڻ جو ڪارڻ پڇيو ته مک جوابدار وراڻيو ته ھي سڀ ڪجھه رب جي رضا سان ٿيو آھي ھي پاڪ آھن
انھن کي نه ماريان ھا ته وڏو عذاب اچي ھا. جڏھن ته مک جوابدار جي ٻئي پٽ بيان ڏنو ته زمين جي معاملي تي مخالفن سان جھيڙو ھلندڙ آھي انھن مٿان الزام لڳائڻ لاءِ اھومنصوبابندي تحت ٿيل ڪارروائي آھي. اھڙي قھري وار  جتي ھر اک آلي آھي اتي جوابدارن کي بيان ڏيڻ وقت ڪو به پڇتاءَ چھري تي نظر نه آيو پئي ، جوابدارن جي تبديل ڪيل بيانن کانپوءِ معاملو انتھائي ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي. آخر اصل ڪارڻ ڇا ھو جنھن تي جوابدارن اھڙي قھري ڪارروائي ڪري 6 عورتن پنج ٻارڙن سميت 11 گھر ڀاتين ڪھي قتل ڪري ڇڏيو سنڌي شاعر جي ان شعر جيان ٽڙيا سين دامن صحرا ۾ خوشبو ئي اجائي وئي، ھي شعر ان معصوم ٻارڙن جي موت تي آھي جن ھن دنيا ۾ اک ته مس کولي ھئي پر گلڙن کي ٽڙڻ کان اڳ مروڙيو ويو آھي.
ھن قھري ڪارروائي ۾ جيڪي جوابدار ريمانڊ تي ھن وقت پوليس تحويل ۾ آھن اھڙن قھري ڪارروائين ۾ اڪثر ٿيندو ته ايئن ئي آھي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وقت سرڪار کي فريادي ڪيو ويندو آھي پر ان ڪيس ۾ جتي پنھنجي گھر ڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي خاندان کي ئي وري به ان ڪيس ۾ فريادي بڻايو ويو آھي. 6 عورتن، 5 ٻارڙن جو قتل ڪيس ڪينٽ ٿاڻي تي جوابدار وھاب الله ۽ سندس 4 پٽن مٿان قتل ۽ دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو آھي.  ڪينٽ ٿاڻي تي ھاليجوي شريف جي رھواسي مقتولڻ رقيعت عرف رقيا جي ڀائيٽي محمود اسد ولد محمد طيب انڍڙ جي فرياد تي مک جوابدار وھاب الله پٽ حاجي محمود الحسن، محمد اقبال، حبيب الله، ڪليم الله، ماجد سڀئي پٽ وھاب الله انڍڙ مٿان  قتل 302 ۽ دھشتگردي ايڪٽ 7 اي ٽي اي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ايف آءِ آر ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته جوابدار وھاب الله گھرو اڻبڻت سبب ناراض رھندو ھو، جنھن انتھائي قدم کڻي ڇرين جا وار ڪري 6 عورتن ۽ 5 ٻارڙن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آھي ، ايف آئي آر ۾ پوليس پاران دھشتگردي جا قلم لڳائڻ ھڪ سٺو عمل آهي پر ساڃاهه وندن جو چوڻ آھي ته ان ڪيس ۾ خاندان جي ڪنھن فرد بجاءِ فريادي سرڪار کي ٿيڻ گھرجي ھا ان ڪيس ۾ خاندان کي فريادي بڻائڻ مان ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ پوليس مقتولن جي ڪيس کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪجهه سال اڳ مک جوابدار وھاب انڍڙ پنھجي ڀاءُ فتاح انڍڙ کي قتل ڪيو ھو تنھن وقت به خاندان مان ئي ڪو ڪيس ۾ فريادي ٿيو بعد ۾ ٿيو هو پوءِ وارثن ئي ضمانت ڪرائي کيس ذھني مريض قرار ڏياري ان کي آزاد ڪرايو ھو. ساڃاهه وندن جو چوڻ آھي ته ايئن نه ٿئي اڳتي ھلي ڪجھه سالن کانپوءِ ڪيس جو رخ تبديل ڪرائي وري انھي جوابدارن کي ذھني مريض قرار ڏئي آزاد ڪرايو وڃي ڇو ته ڪيس ۾ فريادي وري به ان ئي خاندان مان آھي . اھڙي صورتحال ۾ پوليس کي گھرجي ھا ته پوليس کي ايف آئي آر خاندان جي ڪنھن فرد بجاءِ سرڪار جي فرياد تي داخل ڪرڻ گھرجي ھا جيئن ايندڙ وقت ۾ ان ڪيس ۾ صلح ڪرڻ جي ڪا گنجائش نه بچي ھا. سنڌ جي وڪيل ۽ انساني حقن جي اڳواڻن پاران سرڪاري فرياد تي ايف آئي آر داخل نه ڪرڻ واري عمل تي چوڻ ھو ته پوليس کي ايف آئي آر ۾ مدعي پاڻ ٿيڻ گھرجي. ھاءِ ڪورٽ جي سينيئر قانوندان حيدر شر چيو ته جھڙي نوعيت جو ڪيس آھي ان ۾ ٿيڻ ته ايئن گھرجي ھا اسٽيٽٽ کي ئي ان ڪيس ۾ فريادي ٿيڻ گھرجي ڇو ته ان ڪيس ۾ ڪو ھڪ ماڻھو قتل ناھي ٿيو 11 ماڻھو ماريا ويا آهن. ھن اھو به چيو ته ڪرمنل ڪيس سان گڏوگڏ نفسياتي حوالي سان به هن ڪيس کي ڏسڻ گھرجي  اھو ان ڪري ته جيئن خبر پئجي سگھي ته سماج ۾ هن سان ڪھڙا مسئلا درپيش ھئا جنھن تي ھن  اھڙو قدم کنيو. 
سينئر صحافي ۽ وڪيل سھيل ميمڻ چيو ته ان واقعي تي جتي پوري ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري صورتحال پکڙيل آھي ھن چيو ته بنيادي طور تي ھي ڪيس عام ڪيس ناھي ھي سماج ۾ دھشتگردي ڦھلائڻ وارو ڪيس آھي ان ڪيس ۾ سکر پوليس کي گهرجي ھا ته ايف آئي آر سرڪار جي فرياد تي داخل ڪري دھشتگردي جا قلم لڳائي  ترت ان ڪيس کي ماڊل ڪورٽ ۾ ھلائي انھن کي سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي جيئن زماني لاءِ مثال بڻجي وڃي ، انساني حقن جي اڳواڻ ستار زنگيجو چيو ته ھاڻي به وقت ناھي ويو پوليس کي گھرجي ته ھاڻي به سرڪار فريادي ٿي سگھي ٿي. ھن چيو ته هن ڪيس ۾ جوابدارن جو آزاد ٿيڻ ممڪن ته ناھي جيڪڏھن اڳتي ھلي جوابدار آزاد ٿي به ويا ته ھي ھڪ وڏو ھاڃو ھوندو ، جڏھن ته ٻئي پاسي انساني حقن جي عورت اڳواڻ امر سنڌو چيو ته ايف آئي آر ۾ وارثن جو فريادي ٿيڻ بنيادي حق آھي اھي ٿي سگھن ٿا پر مک جوابدار جي حوالي سان جھڙي ريت خبرون ھلن پيون ته ماضي ھن پنھجي ڀاءُ کي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ وارثن طرفان ذھني مريض قرار ڏئي آزاد ڪرايو ويو ھن چيو ته پھرين ان معاملي کي ڏسجي ته آخر ذھني مريض کي ماڻھن جي وچ ۾ ڇو ڇڏيو ويو. ذھني مريض کي اسپتال ۾ ھجڻ گھرجي ھا ، جڏھن ته سوشل ميڊيا تي واقعي تي ھڪ ڏک ۽ ڪاوڙ واري صورتحال پکڙيل آھي پوليس پاران به سرڪار جي فرياد تي ايف آئي آر داخل نه ڪرڻ تي پڻ مخلتف رايا اچي رھيا آھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *