تازا ترين
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ھندي سمنڊ جي اھميت ۽ چين جو ڪردار

گذريل ڪالم ۾ اسان ايران چين معاھدي بابت ھن خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال بابت ڳالهايو ھو ۽ ھن ڪالم ۾ ھندي سمنڊ جي تيزي سان وڌندڙ اھميت بابت تي ڪجهه نظر ڦيرائينداسين.
گذريل ھڪ ڏھاڪي کان ھندي سمنڊ عالمي سياست سان گڏ عالمي واپار جو مرڪز ٿيندو پيو وڃي جنهن سان ھن خطي جي سماجي تبديلي اڻٽڻ ٿي وئي آھي.
تازو چين ۽ ايران جي وچ ۾ٿيل معاھدو جيڪو جنوري ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي دوري دوران ٿيو، انهي معاهدي سان ھن خطي ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿيڻ واري آهي ، جنهن سان ايندڙ 10 سالن ۾ 400 ارب ڊالر تائين معاشي لاڳاپا وڌائڻ جو ذڪر آهي. آخر گذريل ڏھاڪي کان چين ھن خطي کي ايتري اھميت ڇو پيو ڏئي ان لاءِ اسان کي ھندي سمنڊ جي جاگرافيائي اھميت کي ڏسڻو پوندو.
هندي سمنڊ وارو علائقو 28 رياستن تي مشتمل آهي ، ٽن براعظمن سان ملندڙ ۽ دنيا جي ايراضي جي 17.5 سيڪڙو حصي تي پکڙيل آهي.
انهن 28 ملڪن ۾ انڊين اوشن ريم ايسوسيئيشن جا 21 ميمبر به شامل آهن ،2017ع ۾ هي علائقو دنيا جي ڪل آبادي جو 35.0 سيڪڙو (2.6 ارب ماڻهو) جو گهر هو. جيڪاسال 2020ع ۾ ان کان وڌي وئي آهي آهي. آخر ھندي سمنڊ جي ايتري اھميت ڇو آهي؟
هندي سمنڊ دنيا جي ٽوٽل تيل جو 16.8 سيڪڙو ۽ قدرتي گئس جو ٽوٽل 27.9 سيڪڙو ذخيرو رکي ٿو.
ھي خطو معيشت ۾ عالمي پيداوار جي 35.5 سيڪڙو حصي جو حصيدار آهي. هي علائقو 17ـ2016ع ۾ 28 سيڪڙو کان مٿي دنيا ۾ مڇي مھيا ڪرڻ جو سبب بڻيو. جڏهن ته 1950ع واري ڏهاڪي کان وٺي ھن علائقي ۾ مڇي پڪڙڻ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي جنهن سان ھنن ملڪن جي آمدني پڻ وڌي رھي آهي ۽ اهو ڪيترن ئي ملڪن ۾ برآمداتي صنعتن لاءِ ڪامياب بنياد ٺاهي چڪو آهي. مثال طور ، انڊونيشيا ۽ ڀارت 2017ع ۾ تقريبن عالمي منڊي ۾ مڇي جو 4.5 سيڪڙو برآمد ڪيو. هي سمنڊ پاڻي رستي مڊل ايسٽ ، آفريڪا ۽ ايسٽ ايشيا کي يورپ ۽ آمريڪا سان ملائڻ جو اھم رستو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي 100کان مٿي ڪنٽينر بندرگاهن مان 23 بندرگاهه ھن علائقي ۾ اچي وڃن ٿا.
2011ع کان 2017ع جي وچ ۾ ، سنگاپور ۽ دبئي جي مشهور علائقائي بندرگاهن ذريعي ڪنٽينر ٽرئفڪ جي اوسط سالياني واڌ 2.6 سيڪڙو ۽ 3.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ھڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ھن خطي ۾ ننڍن بندرگاهن جي خطي جي وڏن بندرگاهن کان وڌيڪ ترقي ڏٺي وئي آهي ، جيئن ته سري لنڪا ۾ ڪولمبو جي بندرگاهه ۽ ڪينيا ۾ ممباسا ، جنهن جي سراسري طورترقي 6.1 سيڪڙو ۽ 8.8 سيڪڙو رھي. ان مان مراد آهي ته خطي جي اندر واپاري رابطا وڌي چڪا آهن ۽ ٻاهرين تجارتي ڀائيوارن سان رابطن کي مضبوط ڪيو ويو آهي ،چين ھن علائقي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم واپاري پارٽنر طور اڀري آيو آهي ، جنهن جي 2017ع ۾ ڪل مال جي تجارت جو 16.1 سيڪڙو ، ۽ 2000 ۾ 4.8 سيڪڙو کان مٿي ھيو.
نيويگيشن جي آزادي ھندي سمنڊ جي واپار لاءِ تمام ضروري آهي پر ڪجهه علاقائي خطرن جهڙوڪ ڪجهه طاقتور ملڪن وچ ۾ مقابلو ، غير روايتي تحفظ وارا خطرا ۽ ماحولياتي بگاڙ جھڙا خطرا ھر روز وڌي رھيا آهن ان کان علاوه سامونڊي قذاقن جا مسئلا پڻ رڪارڊ ڪيا وڃن ٿا.
چين گذريل ڪيتري وقت کان ھندي سمنڊ جي چوڌاري مختلف ملڪن کان بندرگاھ وٺي انهن علائقن ۾ واپار شروع ڪرڻ جي ارادي سان آھستي آھستي ڪم شروع ڪيو آهي. انهن بندرگاھن ۾ بنگلاديش جو چٽاگانگ ، پاڪستان جو گوادر ، سري لنڪا جو هيممبونتو ، ميانمار جوڪيوپڪي ، ملائيشيا جو ملاڪا ، ۽ ڪينيا ۾ ممباسا بندرگاھه شامل آهن. هندي سمنڊ واري علائقي ۾ تجارتي بندرگاهن ۾ چين جي سيڙپڪاري جو هڪ اهم سبب ته دنيا جي ھر ڪنڊ ۾ چيني مصنوعات جي پھچ ۽ چين جي وڌيل آبادي کي دنيا ۾ پھچائي ملڪي آبادي کي روزگار سان لڳائڻ پڻ آهي. 2018ع تائين ، چيني ڪمپنيون سلڪ روڊ منصوبي تحت 34 ملڪن جي ڪل 42 بندرگاهن جي تعمير ۽ تجارت ۾ حصو وٺي چڪيون آهن.
ھتي سوال اڀري ٿو ته چين ۽ ايران جي معاھدي کان پوءِ C.PEC جي اھميت تي ڪو اثر ته نه پوندو.
عام تاثر آهي ته پاڪستان ۽ چين ۾ CPEC معاھدو عالمي دٻاءُ جو شڪار آهي ! مگر ھن معاھدي کان پوءِ اقتصادي طور پاڪستان جي اھميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ڇاڪاڻ ايران جي بندرگاھن تائين سڌي طرح رسائ چين جي لاءِ ڏکيو ڪم ھوندو جنهن سان پاڪستاني روڊ رستا استعمال ڪرڻ سان پاڪستان ۾ واپاري رجحان ۾ اضافوٿيندو.
ڇاڪاڻ ته گوادر پورٽ ۽ ايراني مشهور بندرگاھه پورٽ عباس جي وچ ۾ صرف 650 ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي ۽ پورٽ چابھار جي وچ وارو مفاصلو 200ڪلوميٽر آهي تنھڪري چين لاءِ سڌي طرح پورٽ عباس تائين پھچ ڏکيو ڪم آهي.
چين ايران معاھدو ۽ ڀارت جي پريشاني
ھي معاھدو ڀارت جي سوچ کان گهڻو ابتڙ آهي ايران ۽ چين جا تعلقات ڀارت لاءِ پريشاني ۽ اسٽريٽجڪ منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. حقيت ۾ ھي معاھدو چين جو پاڪستان سان اتحاد ۾ وڌندڙ چيني تسلط ڏانهن اشارو سمجهي سگهجي ٿوجيڪو افغانستان سان ڀارت جي لاڳاپن لاءِ خطرو آهي.
ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت اڳ ۾ پورٽ چابهار جي ترقي لاءِ ڀارت-افغانستان-ايران تربيتي معاهدي جا افواھه ھاڻي صرف افواھه ٿي رھجي ويا ۽ ايران جو چين سان معاھدي کان پوءِ ھاڻي ھن قسم جو معاھدو ممڪن نه ٿو لڳي. ساڳي ريت چين جي پاڪستان سان ويجهڙائپ هندستان جي پريشاني جو هڪ وڌيڪ سبب آهي.
ھڪ ڳالهه اھم آهي ته ڀارت جا ايران سان لاڳاپا گھڻي حد تائين ختم ٿي چڪا آهن ڇاڪاڻ ايران مٿان آمريڪي پابنديون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هندستان ايران سان پنهنجي واپاري لاڳاپا گهٽائڻ تي راضي ٿي ويو ھو ۽ ڀارت ايران سان پنهنجا تعلقات پڻ گهٽ ڪري چڪو ھو.
صدر ٽرمپ جو دورو ۽ انڊو،آمريڪي اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ اضافو لڳي رهيو آهي. اهو ممڪن ناهي ته ايران سان تعلقات ويجهي مدت ۾ بهتر ٿي سگهن جنھن جو نقصان ڀارت لاءِ پريشاني جو سبب آهي.
ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته چين ايران معاھدي کان پوءِ ھن خطي تان آمريڪي تسلط ڪيئن ختم ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *