تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

ڳاڙهي جهنڊي ريل بيهاري!

انگريزن جي دور ۾ بلوچستان ۾ ريل جو بند وڇايو پيو وڃي. انگريز، مسلمان ۽ هندو ان ڪم ۾ رڌل هيا، انهن ۾ اردو ليکڪ مرزا هادي رُسوا به هٿ ونڊائيندڙ هو. هن جي لکڻين ۾ ناول “امرائو جان ادا” سندس شناختي ڪارڊ بڻجي ويو، ان جو ڳاڻيٽو اردو ڪلاسيڪ ۾ ٿئي ٿو. انيڪ ايڊيشن شايع ٿيا اٿس. ناول تي مختلف وقتن تي هندستان ۾ ٻه هندي ٻوليءَ ۾ فلمون ٺاهيون ويون، فلم جي سست ٽئمپو ڪري مزو نه ڪيائون.
اسان جي ديس ۾ ساڳئي ناول تي هدايتڪار حسن طارق امرائو جان ادا فلم ٺاهي، سُپر هٽ ٿي. گانا گهٽي گهٽي ۾ ٻُرڻ لڳا، اداڪار شاهد ۽ اداڪارا راني اداڪاريءَ ۾ سٺا جوهر ڏيکاريا، آغا طالش ۽ رنگيلي به پاڻ ملهايو.
راني پنهنجي وقت جي حسين جميل هئڻ سان گڏ، سٺي رقاصه پڻ هئي. هن جي ڊانس پنهنجي پراڻي دوست، مهان شاعر شيخ اياز جي فرزند سرمد اياز جو من موهيندي هئي. سرمد ميان اڄ ڪالهه باريش آهي، سٺي مرشد جو نيڪ مريد آهي. گهر تائين محدود آهي، نه ڪاڏي وڃي، نه اچي. مان ڪڏهن ڪڏهن وڃي، ڀئرو ڀڃي ايندو آهيانس. فون تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي. پراڻو سنگتي حال ڀائي ۽ آئينو هوندو آهي. پاڻ اڳيان ويٺو ٽهڪ ڏيندو ٽوڻا هڻندو، ٻيو ڪو مهمان اچي وڃي، مولانا بڻجي ويندو، حديثن ۽ درودن ۾ اهڙو شروع ٿي ويندو جو اڳلو لحد ۾ لهندو ويندو.
راني، حسن طارق جي زال هئي، هن جي وفات کانپوءِ ڪرڪيٽر سرفراز نواز سان لانئون لڌائين. زندگي جي لهندڙ سج ۽ ويندڙ ويل ڪينسر جي مرض وڪوڙيس، سرفراز وڏي پرگهور لڌس، انت مالڪ مهربان ڏانهن هلي وئي.
شاهد ٺاهوڪو هو، رنگين مزاج هو. لاهور جي هڪ قبرستان ۾ اداڪاره فردوس سان ليٽ پيٽ ڪندي، مڌ پيئندي، پوليس وارن ٻڌو هوس. ڪجهه عرصو اڳ ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پير ڄمي نه سگهيس، پوئتي موٽي ويو. لاهور ۾ پنهنجي گهر، حياتي جا ڏينهن پورا ڪري رهيو آهي. فردوس جهنم بڻيل آهي، اجڙي وئي، گلبرگ لاهور ۾ نشو پتو ڪرڻ ۾ پوري آهي.
فلم “امرائو جان ادا” جي دل جي تارن کي ڇهندڙ موسيقي، ليجنڊ موسيقار نثار بزمي صاحب سهيڙي هئي. سٺا ٻول شاعر سيف الدين سيف لکيا هيا، پنج گانا رونا ليليٰ ڳايا هيا. فلم جي پڇاڙي ۾ آخري ڏک هاڻو گانو، “جو بچا ٿا وه لٽاني ڪي ليي آئي هين، آخري گيت سناني ڪي لي آئي هين”، ميڊم نور جهان پرسوز آواز ۾ ڳايو هو. گاني ۾ طبلو اسان جي ڀڪ واري شهر ڪنڌ ڪوٽ جي طبله نواز استاد بشير خان وڄايو هو.
ريل کاتي ۾ ادبي لڏي مئون تاريخ نويس، رحيمداد خان مولائي شيدائي، اڇي ڊريس ۽ پي ڪئپ پائي، سائي جهنڊي ڏيکاري، سيٽي وڄائي، ريل هلرائيندو ۽ ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ريل بيهاريندو هو. ڪهاڻيڪار نسيم پارس گاد سول سروس ۾ ڪاميابي ماڻي، اڪائونٽس شعبي ريل کاتي سکر ۾ مقرر ٿيو. اڄ ڪلهه ملٽري اڪائونٽس ۾ آهي. ڪهاڻي ڪتاب “ڪولاز ٿي ويل شخص جو پورٽريٽ” ڇپيل اٿس. شاعر ۽ نثر نويس حبيب ساجد گارڊ ٿيو، مال گاڏي مينهُن ۽ ڳئُن سان ڀري ڏنائونس. حبيب ساجد جي مال گاڏيءَ جي انجڻ ميل پري، سيٽي وڄائڻ ۽ جهنڊي ڏيکارڻ کان ڇُٽل اصل قرار ۾. آخري گاڏي ۾ ويٺو ڪتاب پڙهي، ريل جو سگنل ڳاڙهو هئڻ ڪري، جهنگ ۾ گاڏي بيهي رهي. مينهون ۽ ڳئون پنهنجي ليکي لهي ويون، هن به گهر آءُ ڪيو، ريل جهنگ ۾ حبيب هيڊ آفيس ۾.
لاهور جو ثروت علي ريلوي جو دبنگ آفيسر ٿي رهيو. ادب ۽ موسيقي جو وڏو ڄاڻو، طبلا نواز به فس ڪلاس. هن جا ادب ۽ موسيقي تي مضمون انگريزي اخبار دي نيوز جي پنن تي زينت بڻبا رهندا آهن.
ريل خودڪشي جو رستو به بڻي آهي، انيڪ ماڻهن اڄ تائين، زندگي جي پريشانين کان پريشان ٿي، ريل هيٺيان پاڻ ڏنو آهي. نثري نظم جي سٺي شاعره ساره شگفته، ملير ڪينٽ جي بند تي پاڻ اڇلائي، ريل هيٺان انت آندو هو. هن جي لاش ڀرسان اگر بتين جو پئڪيٽ ۽ قرت العين حيدر جو ڪهاڻي ڪتاب “شيشي ڪي گهر” مليا هيا. ساڳئي پٽڙي تي سٺي اردو شاعر ثروت حسين پڻ پنهنجو انت آندو هو.
ريل کاتي ۾ اسان جي ترجي ڳوٺ جهلي ڪلواڙي جي، ڪهاڻيڪار، ناولسٽ قبول ابڙي ۽ پرويز ابڙي جي ذات ڀائي انجنيئر جلال الدين ابڙو پاڻ ملهايو، هو ذهين آفيسر ۽ نيڪ دل انسان هو.
عزيز ٻرڙو آفيسر ٿيو، پنهنجي ذات جو وڏو الڪو هوندو هيس. هن پنهنجي ذات وارا ايڏا ڀرتي ڪيا جو پاڪستان ريلوي، ٻُرڙا ريلوي بڻجي ويو. مجال آهي جو ڪراچي جي ڪينٽ ۽ سٽي اسٽيشن تي ڪو شيخ، ميمڻ نظر اچي، جيڏانهن ڪيان نظر تيڏانهن ٻُرڙو سامهون. يعقوب زرداري به آفيسر ٿي گذريو، هن جي آتم ڪهاڻي “وائي ۾ ور گهڻا” جا ٻه جلد ڇپيل آهن، نظر مان گذريا. تتُ اهو ته زرداري صاحب پاڻ ايمانداري جو مجسمو هو، باقي هڙئي ريلوي آفيسر وڏا ڪرپٽ هيا. هن جي هوندي ريل کاتو هو، هن کانپوءِ اوندهه ٿي وئي. ادب دوست هو، ڪٿي تقرير ڪندو هو، ماڻهو پنڊپهڻ ٿي ويندا هيا.، اديب رکيل مورائي هڪ ڀيري ڪتاب کڻي ويندو اَٿس، ڪينجهر تي مشاعري لاءِ برياني جي ديڳ لاءِ چوندو اٿس، ائون ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندو اٿس ته توهان اديبن پنڻ جا جديد طريقا سکيا آهن.
نوي جي ڏهاڪي ۾ ليکڪ دوست آفتاب سومرو سکر نوڪريءَ ۾ هو. ڪڏهن مان به گڏ ويندو هيومانس. شام جو گهمي ڦري شڪارپور موٽندا هياسون. هن جو سالو محمد يوسف سومرو ريل کاتي جو نالي وارو ۽ اشراف عملدار هو. ان وقت سکر ڊي ايس آفيس ۾ ڊويزنل ڪمرشل آفيسر هو. هڪ ڏينهن موٽ تي هن ڏانهن سندس بنگلي تي وياسون. شام جو ساڍي ڇهين وڳي سکر مان ريل ويندي هئي، پاڻ ٻنهي واپسي لاءِ ريل جي چونڊ ڪئي. يوسف صاحب ڪچهري پئي ڪئي. ٽائيم ٿيڻ وارو هو، مون دوست کي پُٺيءَ ۾ رُگهو هنيو. آفتاب صاحب چيس ته “سائين، هاڻ اجازت ڏيو، ريل جو ٽائيم ٿيو آهي.” چوڻ لڳس، “ويهو ويهو ٻئي چانهه پي وڃو، توهان کانسواءِ ريل نه چُرندي.” ايئن چئي اٿي ڪري پرتي رکليل فون ڦيرائي، اسٽيشڻ ماستر کي حڪم ڏنائين، “منهنجا مهمان اڌ ڪلاڪ ۾ ايندا، اڳ ۾ ريل نه رواني ڪجانءِ.” حڪم حاڪم جو ڪير ٽاري؟ اسان ستين وڳي اسٽيشڻ تي پڳاسون، ريل جو عملو اسان لاءِ در تي واجهه وجهي ايئن بيٺو هو، جيئن حاجي سڳورن لاءِ سندن مائٽ ايئرپورٽ تي بيٺا هوندا آهن، هنن کي رڳو گلن جون ڪنڍيون ڪو نه هيون، ريل کي ڳاڙهي جهنڊي بدران آفيسر جي فون بيهاريو، اسان سائي جهنڊي بڻجي ريل کي هلايو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *