تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

گڏهه، زيبرا ڪراسنگ ۽ پٽاپٽي نظام

ترڪي جي ملا نصيرالدين ۽ سنڌ جي وتايو فقير وچ ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي هئي ته ٻئي گڏهه تي سفر ڪندا هئا. گڏهه سست ۽ معصوم شڪل ضرور آهي پر صبر، برجستگي ۽ پنهنجي وت کان وڌيڪ وزن کڻڻ ڪري مشهور آهي. شاهراهه ريشم هجي يا سياچن جا برفاني پهاڙ، گڏهه هر موسم ۽ هر ميدان ۾ انسان سان ساٿ نڀائيندو رهندو آيو آهي . چون ٿا ته گڏهه انسان جي پراڻي ۾ پراڻن دوستن منجهان هڪ آهي ۽ هو گهوڙي جي مقابلي ۾ فوري حرڪت ۾ اچڻ بجاءِ ڍرائي جو مظاهرو ته ضرور ڪندو آهي پر انڪري ئي نه فقط سندس عمر گهوڙي کان وڌيڪ هوندي آهي پر ساڳئي هڏ ڪاٺ جي گهوڙي کان طاقت ۾ به وڌيڪ هوندو آهي. البت اهو درست آهي ته هن۾ تبديلي دير سان ايندي آهي. سنڌي ۾ پهاڪو مشهور آهي ته “سوٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري!” يا “گڏهه ٿجي پر ننڍو ڀاءُ نه ٿجي.”وتايو فقير سان ته جڏهن گڏهه گوهي ڪئي تڏهن ٺھه پھه کيس چئي ڏنائين ته “جيڪو توکي چوڻ چاهيان ٿو سو ته تون اڳي ئي آهين!” پر چون ٿا ته گڏهه انجي بلڪل ابتڙ ڏاڍو ذهين ۽ پاڻڀرو جانور آهي. سندس اباڻن جو تعلق ريگستانن سان آهي انڪري سندس برسات سان بلڪل به نه لڳي. سندس وڏا ۽ ڊگها ڪن نه فقط کيس پري کان ٻڌڻ ۾ مدد ڪندا آهن پر ساڳئي وقت ايئرڪنڊيشن جو ڪم ڪندي کيس گرمي، خشڪي ۽ ناموافق موسمي حالتن کان به بچائيندا رهندا آهن. سندس يادگيري به تمام گهڻي مشهور آهي ۽ هو جتان گذرندوآهي، تنهن علائقي بابت کيس 25 سالن تائين نقش ياد رهندا آهن. ملا نصيرالدين هڪ ڀيري جمعي نماز بعد گهر ٻاهران ماڻهن سان ڪچهري ۾ رڌل هو ته پري کان هڪ واقف پاڙيسري پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺائين، جيڪو اڪثر ڪري ٿورڙي دير لاءِ کانئس گڏهه اڌارو وٺي ويندو هو جيئن اڄ به ڳوٺن يا ننڍن شهرن ۾ ماڻهو هڪٻئي کان سائيڪل، موٽر سائيڪل يا ڪار اڌاري وٺندا آهن. ملا دل ئي دل ۾ پڪو پھه ڪيو ته اڄ هو هن کي گڏهه اوڌارو نه ڏيندو! هو ماڻهو جيئن ئي ويجهو آيو تيئن عليڪ سليڪ بعد عادت موجب ملا کي عرض ڪيائين ته کيس ٿورڙي دير لاءِ گڏهه گهرجي، کيس ڀر واري ڳوٺ وڃڻو آهي. ملا کيس اڳواٽ سوچ موجب چيو ته اهو ته فلاڻو ماڻهو وٺي ويو آهي. اڃان هو ڪچهري ۾ مشغول ئي هئا ته ايتري ۾ گهر اندران گڏهه جي هينگڻ جو آواز آيو جنهن تي پاڙيسري حيرت مان ملا کي فورا چيو ته “ملا! گڏهه ته اندر بيٺو آهي ، پر تو ته چيو پئي ته فلاڻو ماڻهو وٺي ويو آهي!؟”. ملا به نه ڪئي هم نه تم ٺھه پھه جواب ڏنائينس ته “توکي گڏهه تي ته اعتبار آهي، پر افسوس ملا نصيرالدين تي ناهي!” 1970ع جي ڏهاڪي ۾ لياري مان چونڊيل پيپلز پارٽي جو ايم پي اي مرحوم احمد علي سومرو هڪ ڏينهن پاڻ گڏهه گاڏو هلائيندي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ اهو چئي داخل ٿيو ته اها سندس ملڪيت آهي، ڇوته هڪ ڏينهن اڳ پوليس سارجنٽ کيس اهو چئي ٽيڪسي ۾ اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو هو ته قائدن موجب اسيمبلي بلڊنگ ۾ فقط پنهنجي گاڏي ۾ ئي داخل ٿي سگهجي ٿو. ٻئي ڏينهن اها خبر اخبارن جي زينت بڻي.
گڏهن جو هڪ ٻيو قسم جنهن کي پٽاپٽي گڏهه يا زيبرا چون ٿا گڏهه ۽ گهوڙي جو مرڪب آهي، جنهن جو اصل ۾ آفريڪا سان واسطو آهي ۽ انجا ٽي قسم ٿيندا آهن. پهاڙي ۽ ميداني قسم ته اونچا ۽ گهوڙي وانگر نظر ايندا آهن پر ٽيون قسم جنهن کي گريوي چون، گڏهه ڏانهن وڌيڪ مائل هوندو آهي ۽ سندس پيٽ مڪمل طور اڇو ۽ پٺي تي اڇا ڪارا پٽا هوندا آهن جيڪي ميداني ۽ پهاڙي قسمن جي زيبرائن جي پٽن کان ويڪر ۾ ننڍا هوندا آهن. گريوي ۽ پهاڙي زيبرا ختم ٿيندا پيا وڃن. لفظ زيبرا اصل ڪانگو مان پورچوگيز ۾ ايندي رومن زبان جو حصو ٿيو جتان انگريزي ٻولي ۾ اهو لفظ انگلينڊ ۾ رومن قبضي سان گڏ آيو، جڏهن هو پاڻ سان حملي وقت زيبرا به ساڻ کڻي آيا هئا، جنهن جي معني جهنگلي گهوڙو آهي. اسان زيبرا ته پهريون ڀيرو ڪراچي Zoo ۾ ڏٺو يا انجو عملي طور نالو شاگردي جي زماني ۾ ايلفي تي ٺهيل زيبرا ڪراسنگ پار ڪندي ٻڌو، جتان پيادن جي گذرڻ وقت ٽريفڪ ادب سان تيستائين بيٺل رهندي هئي جيستائين ان تان پيدل ماڻهون گذري نه وڃن. ان زماني ۾ايلفن اسٽون اسٽريٽ جنهن کي هاڻي زيب النساءَ اسٽريٽ سڏين پرڏيهي سياحن سان ڀريل هوندي هئي ۽ ان تي ٽيڪسين، رڪشائن، موٽر سائيڪلين، سائيڪلين ۽ گڏهه گاڏن جي اچڻ تي بندش هوندي هئي.
زيبرا ڪراسنگ جنهن کي پهريائين پئڊسٽيرين ڪراسنگ يا پنڌ گهمندڙن جي روڊ لنگهڻ جو رستو چوندا هئا تنهنجو رواج سڀ کان پهريائين انگلينڊ ۾ پيو. ٽرانسپورٽ جي وزير ليزي هارن 1934ع ۾ ان جو بنياد رکيو ۽ ان ئي سال ٺهندڙ نئين روڊ ٽريفڪ ايڪٽ تحت اهو حڪم ڏنو ويو ته جيئن ئي پنڌ هلندڙ ماڻهو ڪراسنگ تي پير رکندو تيئن ئي روڊ تي سندس حق قائم ٿي ويندو ۽ سموري ٽريفڪ ڪراسنگ کان پهريائين ئي بيهي رهندي. ٻين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي بعد خوشحالي اچڻ سبب ٽريفڪ وڌڻ سبب روڊ پار ڪندڙن خاص طور اسڪولن ويجهو ٻارن جي حادثن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ 1948ع ۾ پارليامينٽ جي ميمبر جيمس ڪئلهان جيڪو بعد ۾ وزيراعظم به ٿيو ٽرانسپورٽ لئبارٽري ۾ معائني دوران روڊ تي ان لنگھه کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ اڇن ۽ ڪارن پٽن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جيئن ته انجي شڪل زيبرا سان ملي پئي انڪري انجو نالو بدلائي زيبرا ڪراسنگ رکيوويو . بعد ۾ جرمني، سويڊن، ناروي جيڪو قانون ٺاهيو سو هاڻي سڄي دنيا ۾ قبول ڪيو ويو آهي ۽ ان تحت پنڌ هلندڙن جي زيبرا ڪراسنگ ڀرسان فوٽ پاٿ تي ٽريفڪ بيهڻ جي انتظار ۾ بيٺل هئڻ دوران ئي روڊ تي سندن پهريون حق قائم ٿي وڃي ٿو ۽ ٽريفڪ کي بيهڻ گهرجي ورنه مٿن ڏنڊ وڌو ويندو.ايئن زيبرا ڪراسنگ طاقتور ۽ ڪمزور وچ ۾ گڏيل بقا جو رستو آهي جنهن۾ ڪمزور کي طاقتور مٿان برتري آهي. اهو اصول نه فقط سڌريل سماجن جي سڃاڻپ آهي پر جمهوريت جو به اهو ئي مطلب آهي.
بدقسمتي سان اسانجي وڏن شهرن ۾ گاڏيون ٽريفڪ سگنل تي زيبرا ڪراسنگ اچڻ کان پهريائين رڪجڻ بجاءِ ان مٿان بيهجي وڃن ٿيون۽ڪنهن پانڌي جي روڊ تي حق جي اوليت کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، جنهن تي انڪري حيران نه ٿيڻ گهرجي جو ڪنهن به شهر جي ٽريفڪ اتان جي سماج، سرڪار، انصاف جي نظام ۽ شهرين جي نفسيات جو آئينو هوندي آهي. انڪري ئي هن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ زيبرا ڪراسنگ جو مطلب دنيا کان بنھه مختلف آهي. ملڪي تاريخ تي نظر وجهبي ته هتي توهان کي زيبرا جي پٽن وانگر جمهوريت ۽ آمريت جا هڪٻئي پويان اڇا ۽ ڪارا دور نظر ايندا. انهن پٽن جو عرصو توهانکي لڳ ڀڳ ڏهن سالن تي مشتمل نظر ايندو، شايد اهو اهڙو عرصو آهي جنهن۾ شيون ايتريون ته خراب ٿي وڃن ٿيون جو کين جان ڇڏڻي ئي پوي ٿي ۽ ايترو ئي عرصو هو اڇي پٽي کي برداشت ڪري سگهن ٿا جنهن کان پوءِ سندن صبر جو پئمانو به لبريز ٿي وڃي ٿو. ايوبي، ضيائي ۽ مشرفي آمريتي دور انجا مثال آهن. اهي ڪارا پٽا عالمي ايجندا تحت لاڳو ڪيا ويندا آهن پر ان جي ڇانو هيٺ مڪاني نمائيندا پنهجي ذاتي ۽ گروهي ايجندا به هلائيندا رهندا آهن. سرد جنگ جي زماني ۾ ڪوريا ۽ ويٽنام جنگ دوران فلپائين، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ ۾ آمريتن سان گڏ پاڪستان ۾ ون يونٽ، ايوبي آمريت ۽ بعد ۾ افغان جنگ ڪري ملڪ مٿان ضيائي آمريت مڙهي ننڍن صوبن جو استحصال ڪري سندن تعليم تباهه ڪرڻ ۽ بعد ۾ 9/11 بعد مشرفي آمريت جو اينگهجڻ انجا واضح مثال آهن. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته آڪٽوبر 1999ع ۾ 9/11 کان ٻه سال پهريائين مشرف جو اچڻ ان جي تياري واري منصوبي جو حصو هئي.جنهن تحت هو انهن طاقتن کي ڳجهه ڳوهه ۾ گهربل سهوليتون ڏيندا رهيا. ان بدلي اهو ٽولو ڪراچي۾ پنهنجي ايجندا به هلائيندو رهيو. ان دور کي ختم ٿئي ڏهه سال گذرڻ بعد 2018ع ۾ ٻيهر ڪاري پٽي جو ڏهه سالن جو دور شروع ٿي چڪو آهي. پر هن دفعي کيس روايتي عالمي آشيرواد حاصل ناهي. انڪري ان جو روايتي روپ بدلجي چڪو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي ۽ جمهوري ملڪي قوتن کي وڌيڪ اعتماد سان پاڻ ۾ گڏجي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ننڍن صوبن جي عوام کي هڪ دفعو ٻيهر اهو سمجهڻ گهرجي ته جمهوري جدوجهد جو قومي حقن، آئين جي بالادستي ۽ بهتر گورننس سان گهرو واسطو آهي. حڪمران ڀلي عوام کي گڏهه سمجهي سندن مٿان بجلي، گيس، مهانگائي، بيروزگاري، بي انصافي ۽ طئي ٿيل اصولن قانونن توڙي آئيني روايتن کي ٽوڙڻ جو وت کان وڌيڪ بار وجهندا رهن پر کين ياد رکڻ گهرجي ته سندن حافظو به سندن صبر ۽ برداشت جيان بي مثال آهي ۽ جڏهن هنن گوهي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن ڪا سوٽي انجي سٽ سهي نه سگهندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *