تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

گاج ڊيم منصوبي ۾ڪنهن رنڊڪون وڌيون ؟

دادو ضلعي جي اڪثر عوام جو خيال آهي ته جيڪڏهن گاج ڊيم جو منصوبو مڪمل ٿيل هجي ها ته گاج جي بند ٽٽڻ ڪري جيڪا ڪاڇي ۽ جوهي ۾ تباهي آئي آهي اها نه اچي ها، گاج ڊائيورشن بند ٽٽڻ سان مڪمل ڪاڇي ۽ جوهي جي بئراجي علائقن جي ڪجهه يوسيز ۾ جيڪي تباهي جا منظر پيدا ٿيل آهن اهي دل کي ڏکوئيندڙ ۽درد ڏيندڙ آهن. واپڊا جو چيئرمن گاج ڊيم جو دورو ڪري چڪو آهي جنهن چيو ته گاج ڊيم جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 46ارب رپيا گهربل آهن. ماضي جي حالتن ۽ حڪومتن جي عملن کي ڏسي شڪ ٿو پيدا ٿئي ته جنهن منصوبي تي سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ ۽ حڪم ڏيڻ باوجود عمل نه ٿيو، هاڻي واپڊا جي چيئرمن جي چوڻ تي ڪيئن عمل ٿيندو؟  
بحرحال ڇا به هجي اچو ته پنهنجي پڙهندڙن کي گاج ڊيم جي منصوبي بابت آگاهي ڏيون ته اهو منصوبو ڪنهن جوڙايو، ان منصوبي کي رولڙي جو شڪار ڪنهن ڪيو.   دادو ضلعي جي ميهڙ ،خير پور ناٿن شاهه ، دادو ۽ جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري جابلو علائقي ۾ انگ اکرن موجب 80 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نئين گاج ڊيم جو منصوبو پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ سال 2007ع ۾  جوڙيو ويو ۽ آگسٽ 2007ع ۾ ان وقت جي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي افتتاح ڪيو هيو ۽ ان دوران گاج ڊيم جو منصوبو جوڙيندڙ واپڊا جي ماهرن گاج ڊيم جي مڪمل تعمير جي لاءِ 11 ارب رپين جي خرچ جو ڪاٿو لڳائي چئن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪرڻ جي بريفنگ ڏني هئي،  جيڪو سال 2011ع جي آگسٽ مهيني ۾ مڪمل ٿيڻو هيو پر 2008ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومتون ٺهڻ ۽ لياقت علي جتوئي جي چونڊون هارائڻ کانپوءِ اهو گاج ڊيم جي منصوبي کي پ پ پ حڪومت پنهنجي مخالف لياقت علي جتوئي جو منصوبو  قرار ڏئي ان تي ڌيان نه ڏنو ۽ ان منصوبي کي 14 سال گذرڻ باوجود 50 سيڪڙو به ڪم مڪمل نه ٿيو آهي.  ان منصوبي تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري گاج ڊيم جو منصوبو وقت سر مڪمل نه ٿيڻ ڪري هاڻي ان تي خرچ 11 ارب رپين کان وڌي 64 ارب ٿي ويو آهي
گاج ڊيم منصوبي جو افتتاح ڪندڙ اڳوڻي بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي جتوئي گاج ڊيم منصوبي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته هن ان منصوبي جو آگسٽ 2007ع ۾ افتتاح ڪيو هيو ۽ اهو منصوبو 11 ارب رپين جي خرچ سان چئن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر 2008ع ۾ اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ ۽ وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومتون ٺهڻ ڪري ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو جنهن ڪري اهو منصوبو پنهنجي مدت ۾ پورو نه ٿي سگهيو نه ئي وري ان منصوبي تي ميان نواز شريف جي وفاقي حڪومت ڌيان ڏنو جنهن ڪري 14سال گذري وڃڻ باوجود اهو منصوبو مڪمل ٿي نه سگهيو آهي. لياقت علي جتوئي ٻڌايو ته پ پ پ وارن ۽ مسلم ليگ نون وارن گاج ڊيم نه ٺاهي دادو ضلعي  وارن سان خاص طور تي ڪاڇي وارن سان ظلم ڪيو آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان کي به نقصان ڏنو آهي. لياقت علي جتوئي ٻڌايو ته گاج ڊيم پنهنجي مدت ۾ پورو ٿئي ها ته ڪاڇي واري  علائقي جي تقريبن 80 هزار ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿئي ها ۽ 4.5 ميگاواٽ بجلي به ٺهي ها  جنهن سان نه رڳو ڪاڇي جي علائقي ۾ رهندڙ غريب مسڪين ماڻهن ۾ خوشحالي اچي ها پر دادو ضلعي ۽ سنڌ ۾ به معاشي ترقي ٿئي ها. جڏهن ته گاج ڊيم جي آس پاس ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن ٻڌايو ته منصوبي تي 50 سيڪڙو ڪم ٿيڻ واري دعوا به غلط آهي ڇاڪاڻ ته ڊيم ٺاهيندڙ عملدارن ۽ پ پ پ جي با اثر علائقي جي اڳواڻن ان  گاج ڊيم جي منصوبي کي  ڪاڇي ۾ رهندڙ انساني آبادي لاءِ فائديمند منصوبو بنائڻ بجاءِ ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيوجنهن سبب ئي گاج ڊيم تي مختلف تعمير ڪيل شاخن ۾ انتهائي ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي جو منصوبو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ان ڊيم مان ڪيل  تعميري ڪم ڀڄ ڊاهه جو شڪار آهي.
گاج ڊيم منصوبو مڪمل نه ٿيڻ جو اسان جي سپريم ڪورٽ به نوٽيس ورتو سپريم ڪورٽ ۾ گاج ڊيم جي اڏاوت بابت داخل پٽيشن ۾ گاج ڊيم تي 16 ارب خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو هو ۽ باقي 46 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آهي، جنهن موجب گاج ڊيم جي مڪمل ٿيڻ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي نا اهلي ۽ وقت سر مڪمل نه ڪرڻ تي هاڻي ان منصوبي تي 62 ارب خرچ ايندا.  ان وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو هو ته ڊيم جو ڪم 51 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي باقي 49 سيڪڙو ڪم رهيل آهي  جنهن تي سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت ،واپڊا ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته  خرچ ڪيل 16 ارب ضايع نٿا ڪري سگهجن گاج ڊيم لاءِ جنهن کي به پئسا ڏيڻا آهن ڏئي ۽ منصوبو مڪمل ڪيو وڃي.  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڏنل حڪم کي 2سالن جو عرصو ٿي ويو آهي پر ان وقت توڙي هاڻوڪي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گاج ڊيم جي رهيل ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيندڙ ڪمپني جو ڪو ماڻهو نه آيو ان لاءِ  نه وفاقي ۽ سنڌ حڪومت نه ئي واپڊا وارن ڪو تحرڪ ورتو.  ڊيم جا معاملا جيئن سالن کان رولڙي جو شڪار ٿيل آهن ايئن ئي رولڙي  ۾ آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي نه وفاقي حڪومت نه سنڌ حڪومت نه ئي واپڊا وارن عمل ڪيو . گاج هن سال پنهنجي موجن ۾ وهي آئي جنهن اڳ ئي معاشي طور بدحال جوهي واسين کي ٻوڙي نه رڳومعاشي طور ڪنگال ڪري ڇڏيو پر گهر ڊاهي بيگهر ڪري ڇڏيو آهي. دادو ضلعي جي ڪاڇي جي لکين ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪندڙ ۽ بجلي پيدا ڪندڙ هي منصوبو سياست جي ور چڙهي وڃڻ ڪري سندس ٺهڻ خواب نظر اچي رهيو آهي ان ڪري جيئن هن وقت واپڊا جي چيئرمين اعلان ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ شامل دادو ضلعي سان واسطو رکندڙجتوئي ڀائر ۽ پ پ پ جا جيالا سياست کي ٿورو پاسيرو ڪري گاج ڊيم منصوبي کي دادو جي خوشحالي جو منصوبو سمجهي ان کي مڪمل ڪرائين منصوبي ۾ شامل بجلي گهر ٺهرائڻ کان وٺي غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ منصوبي ۾ شامل ڪئنالن جو ڪم به مڪمل ڪرائين ۽ منڇر ڍنڍ ڏانهن ويندڙ پاڻي جي ڇوڙ کي به بهتر ڪن ڇو ته گاج جو پاڻي پوڻ سان منڇر جو پاڻي مٺو ٿيندو ۽ ڪاڇي واسين سان گڏ منڇر جا ملاح به خوشحال ٿيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *