تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

گاج جي ٻوڏ ۽ ساڳئي خاندان جا ٻه وڏا وزير

نئين گاج جابلو پھاڙي سلسلن جي برساتي پاڻي جي نيڪال جو سنڌ ۾ سڀ کان وڏو قدرتي ذريعو آھي. خضدار ضلعي جي اوڀرندي طرف کان کيرٿر جي گاج جي اولھه وارن علائقن ۾ برسات پوڻ بعد نئين گاج ۾ پاڻي جا وڏا وڏا وھڪرا ايندا رھيا آھن سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار وهڪرا 1995ع ۾ آيا جنھن ۾تقريبن ھڪ سئو ويھه ماڻھو فوت ٿي ويا ھئا جيتوڻيڪ انھي لسٽ ۾ ھيرا ڦيري ڪئي ويئي ھئي، ٻيو وڏو وھڪرو 7 آگسٽ تي آيو آھي جتي 22 جولاءِ 1995 کان پاڻي وڌيڪ ھيو ليڪن تير ڀت محفوظ رھڻ سان نئين گاج جو پاڻي ٽن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو جنھن ۾ ابتدائي گھاري مان ھڪ وھڪرو نئين سڪ ٻيو وھڪرو ڊرگھه بالا واري طالباڻي ۾ ۽ ٽيون نئين شول/ سول ذريعي ٽڙي پکڙجي ويا جنھن سبب جتي جتي پاڻي جو گذر ٿيو اتي اتي تڪڙي تڪڙي محفوظ ھنڌ منتقل نـه ٿيڻ تي وڻن کي آکيرو بڻائي 36/48 ڪلاڪن تائين ويھي ماڻھن جان بچائي ورتي آھي. 1936ع ڌاري سنڌ م آبپاشي نظام ٺھڻ بعد جابلو پھاڙي علائقن مان ايندڙ پاڻي کي بئراج جي وھڪرن کي مضبوط رکڻ لاءِ گاج جي پاڻي کي Divert ڪرڻ لاءِ ڪجھه حصي تي گاج ڊائيورشن بند تعمير ڪيو ويو. وقتن بوقتن پاڻي جي تباھي ٿيندي رھي ۽ گاج ڊائيوريشن بند ۾ به واڌارو ٿيندو رھيو ھن وقت 32 آر ڊين تي گاج بند تعمير ٿيل آھي. انھي بند مان ٽن آرڊين جي آر سي سي ديوار کي عرف عام ۾ تير ڀٿ چيو ويندو آھي. نئين گاج ۾ خضدار ڪرڪ /ڪرخ زيدي ۽ نئين ڪولاچي علائقن ۾ برسات پوڻ بعد پاڻي جا ننڍا ننڍا وھڪرا کيرٿر کي پاڻي جي وھڪرن سبب قدرتي نموني سان ڏنل ڪٽ مان ٿيندا سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيندا اچي گاج جي زيرو پوائنٽ وٽ تير ڀت / گاج ڊائيورشن بند سان ٽڪرائجي ويندا آهن.
1995ع جي ٻوڏ دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد عبدالله شاھه ھو ۽ ھاڻوڪي ٻوڏ دوران سنڌ جو وڏو وزير سندس پٽ سيد مراد علي شاھه آھي ٻنھي ٻوڏن جي رپورٽنگ جو تجربو رهيو آهي. جوھي جي ھر عوامي اشو زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ھجي، ڦرون ڌاڙا ھجن، قدرتي وسيلن تي شخصي بالادستي ھجي اھڙن عنصرن لاءِ هاڻوڪي حڪومت ڪي به جوڳا قدم ناھن کنيا. ان جي ڀيٽ ۾ 1995ع جي ٻوڏ ۾ سيد عبدالله شاھه بيوروڪريسي جو ساھه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو ھو. صوبائي وزير ،سيڪريٽري ،ڪمشنر، ڊي سي سڀني کي عوامي شڪايت تي ڏڪڻي وٺي ويندي ھئي ۽ جڏھن 1995ع ۾ گاج بند تعمير ڪرڻ جو ٺيڪو ٿيو ته ھڪ طاقتور شخص ٺيڪيدار طور ڪم ڪرڻ لڳو ۽ جڏھن ان ٺيڪيدار غير معياري ڪم ڪيو ته ان جو ٺيڪو رد ڪري مشينري ضبط ڪئي وئي ۽ کيس گاج تي پوليس ڊوڙايو پر ٺيڪيدار ڀڄي ويو، ھاڻي فرق ھي آھي ته آبپاشي جي بندن جي حالت حڪومتي پت وائکي ڪري ٿي جتان گاج بند کي گھارو پيو آھي انھي ڪم جو ٺيڪيدار سنڌ جي وڏي ڪرسي کان به وڏي در جو دربان سڏجي ٿو ۽ ھاڻ ڪير ڪنھن جو چوڻ نٿو مڃي. ايف پي بند کي ٽن مختلف ھنڌن تان گھارا پيا آھن ابتدائي روڻيون لڳيون، خلق خدا انجنيئر آفيس تائين ڪوڪو ڪري پھتي ته اتان ملندڙ جواب مان مايوس ٿي ڊي سي دادو کي فونون کڙڪايون ويون ايم پي اي ايم اين اي تائين دانھون ڪيون ويون ته بند بچايو ،ان تي ھڪ نااھل بيوروڪريٽ وراڻيو ته جوھي وارا پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو جون دانھون ڪيو ٿا ھاڻ جڏھن پاڻي آيو آھي ته وري چئو ٿا بچايوبچايو ؟ نئين گاج جي ٻن وڏين ٻوڏن ۾ سنڌ جا حاڪم ھڪ ئي گھر جا آھن، فرق صرف ٿورو آ ته 1995ع ۾ ٻوڏ جي ٻئي ڏينھن سيد عبدالله شاھه جوھي شھر جي ذوالفقار چونڪ تي منھجي ڪئبن سامھون جيالي بشير ٿھيم سان گڏ عام ڪرسي تي ويهي انور جي ھوٽل جي چانھه پيتي ۽ عوام سان عوامي نمائندي وارو حق ادا ڪيو. ٻوڏ بابت عالمي خابرو اداري بي بي سي حيدر آباد جي صحافي منھجي نالي سان 65 ماڻھن جي فوت ٿيڻ جي خبر ڏني ۽ ان تي ضلعي انتظامياخبر کي رد ڪيو. سيد عبدالله شاھه ذوالفقار چونڪ تي ويھي اٺن ڪلاڪن ۾ رپورٽ گھرجي جو حڪم ڏنو ۽ رات ديرسان رپورٽ ۾ 48 ڪلاڪن ۾ فوتي ماڻھن جو انگ 70 تائين پهچي چڪو ھو. ھن واقعي کي بيان ڪرڻ جو مقصد ته ھاڻي مختيارڪار، ڊي سي جو چوڻ ۽ ڊي سي وري سنڌ جي حڪمرانن جو چوڻ نٿا ڪن. وقت تبديل ٿيو سال مٽجي ويا 25 سالن جي وٿي ۾ گھڻو ڪجهه تبديل ٿي ويو صرف عوام جي زندگي ئي آھي جنھن ۾ ڪا به تبديلي ناھي آئي. جوھي تعلقي جي 11 يونين ڪائونسلن جي 80 ديھن کي بغير سروي جي آفت سٽيل / متاثر ڏيکاري ڇڏيو آھي جنھن ۾ به سڀ کان وڌيڪ متاثر يونين ڪائونسل ساوڙو جو نالو لسٽ ۾ شامل ناهي،ايئن ڇو ٿيو اهو به سوال آھي. نئين گاج جي پاڻي ۾ جوھي تعلقي جي سڀ کان وڌيڪ متاثر يونين ڪائونسل ساوڙو آھي جنھن کي بـه گاج ۽ ايف پي بند جيان ليٽر ۾ ھٿراڌو گھارو ھڻي ڪاٽا ڪيو ويو ۽ ڪجھه ديھن ۾ ٻوڏ جو پاڻي ناھي پھتو انھن کي لسٽ ۾شامل ڪيو ويو آھي جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته آبپاشي جا ماھر انجنيئر کان داروغن تائين روينيو ۾ ڊي سي تپيدار تائين جي سرڪاري مشينري ڇڙواڳ ڍڳي جيان پير پيران جي رفتار سان ھلڻ جي عادي ٿي وئي آھي جنھن سبب سنڌ جي وڏي وزير چار ڏينھن اڳ ٻوڏ متاثر علائقن جو دوري ڪري رليف جا انتظام نه ھجڻ ۽ ايف پي بند کي گھارا پوڻ تي تپي ويو۽ چيو ته جاچ ڪرائيندس،ڀلي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي پر في الحال ته ماڻهن جي اجهي ۽ کائڻ جو مسئلو آهي ان طرف به ڌيان ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *