تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪڻڪ جو بحران ٿيو ته سنڀالڻ ڏکيو هوندو

ملڪ مان هڪ بحران جو خاتمو ٿئي ئي نه ٿو ته وري ٻيو ڪو بحران ڪر کڻي بيهي ٿو رهي، لڳي ايئن ٿو ته حڪمران مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جو پائيدار حل ڪڍڻ بدران ايڊهاڪ ازم کان ڪم وٺي رهيا آهن جنهن ڪري روز ڪو نه ڪو بحران سامهون ٿو اچي وڃي.زرعي ملڪ هجڻ باوجود ڪجهه مهينا اڳ اوچتو ئي اوچتو ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو هو ۽ ڪڻڪ مارڪيٽ مان غائب ٿي وئي هئي، سڄي ملڪ ۾ اٽي جون قيمتون في ڪلو تي 10 کان 15 رپين تائين وڌي ويون هيون،اهو معاملو جيئن تيئن ڪري اڪلايو ويو ته وري کنڊ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو، انهي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿيون ته هتي به عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اگهه گهٽايا ويا پر عوام کي رليف ملڻ بدران رهندو معاملو ئي ڳچي ۾ پئجي ويو جو پيٽرول سستو ته ڇا ملڻ ئي محال ٿي ويو. هاڻي وري ڪڻڪ جي بحران جو خطرو ۽ امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
ڪورونا واري وبا کي منهن ڏيڻ جو مسئلو هجي يا ڪنهن بحران کي حل ڪرڻ جي ڪوشش انهي دوران هڪ ڳالهه سدائين هڪجهڙي نظر آئي آهي ته صوبن ۽ وفاق ۾ ڪا هم آهنگي يا ڪوآرڊينيشن نه هوندي آهي، وفاق پنهنجي ليکي فيصلا ڪري ڇڏيندو آهي صوبا ان تي عمل ڪرڻ بدران پنهنجا عذر ڄاڻائڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي معاملا حل ٿيڻ بدران وفاق ۽ صوبن ۾ ئي نوان معاملا ۽ مسئلا آڏو اچي ويندا آهن.هاڻي به ايئن ئي نظر اچي رهيو آهي ته جڏهن هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڪڻڪ بابت وزيراعظم وٽ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اٽي جي بحران جو خدشو ظاهر ڪيو ويو ته وفاق ۽ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن. وفاقي حڪومت جي مرضي آهي ته سنڌ وقت کان اڳ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ لاهي ته جيئن انهي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي جيڪو هن وقت پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پيدا ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌ جو موقف آهي ته سنڌ سدائين سيپٽمبر ۾ ئي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ لاهيندو آهي جيڪڏهن وقت کان اڳ اها مارڪيٽ ۾لاٿي وئي ته ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سنڌ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيندو،سنڌ حڪومت جي اها ڳالهه جائز به آهي جڏهن پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتون پنهنجي گهرج مطابق ڪڻڪ جي خريداري ممڪن بڻائي نه سگهيون ته ان جو بار سنڌ تي ڇو وجهڻ گهرجي جو ٿوري وقت کانپوءِ اتان جي صوبي جي عوام کي ڪڻڪ جي بحران کي منهن ڏيڻو پوي. هن وقت به لڳي ايئن رهيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻاهرين ملڪن خاص ڪري افغانستان ڪڻڪ اسمگل ٿيڻ کان روڪي نه سگهي آهي ۽ اسمگلنگ جي ڪري ڪڻڪ جا اگهه وڌڻ ڪري ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ذخيرا اندوزن ڪڻڪ لڪائي ڇڏي آهي جيئن پيٽرول جي بحران وقت نظر آيو. مطلب ته وفاقي حڪومت وري به پنهنجون ذميواريون نڀائڻ بدران سڄو بار سنڌ حڪومت تي رکڻ چاهي ٿي ۽ اهو ساڳيو ئي ايڊهاڪ ازم واري فارمولي تي ڪم ڪندي مسئلي جو عارضي حل ڪڍڻ چاهي ٿي پر ان سان ٿيندو اهو ته هڪڙي هنڌ تان مسئلو ختم ٿي ٻئي هنڌ شروع ٿي ويندو.حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته زرعي ملڪ هئڻ ۽ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ باوجود به جيڪڏهن ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿئي ٿو ته اهو بحران ته سڌو سنئون حڪمرانن جي نالائقي ۽ نااهلي کي ظاهر ڪري ٿو. اسمگلنگ ۽ ذخيرااندوزي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ڪهڙي مرض جي دوا آهن جو اهي انهن کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهن .
اسان سمجهون ٿا ته ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو ته اهو پيٽرول ۽ کنڊ جي بحران کان ڪيترائي ئي ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هوندو ڇو ته کنڊ ۽ پيٽرول جو معاملو سڌوعوام جي پيٽ سان ڳنڍيل ناهي انهن جي نه هوندي به ماڻهو جو گذارو ممڪن آهي پر جڏهن ملڪ مان ڪڻڪ غائب ٿيندي ته اها هر ماڻهو کي متاثر ڪندي ۽ جيڪڏهن ماڻهن کي ڪڻڪ نه ملندي ۽ اگهه به وڌندا ته اهاڳالهه حڪمرانن لاءِ ڪي سٺا نتيجا ڏيندڙ نه هوندي. تنهن ڪري حڪوت هينئر کان ئي تڪڙو تحرڪ وٺي ڪڻڪ ٻاهر سمگل ٿيڻ ۽ منافعي خورن طرفان ذخيرو ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *