تازا ترين
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

ڪچرا ڪارڊ جي پڌري ٿيل اصل ڪهاڻي!

حڪومتون سياسي هجن يا آمراڻيون، سڀني جو رويو سنڌ ۽ سنڌي عوام ڏانهن ٿوري گھڻي تبديلي سان هڪ جهڙو رهيو آهي. انهن ۾ اهي حڪومتون به شامل آهن جن جا وزير اعظم سنڌي رهيا پر انهن جو رويو پنهنجي اقتداري مفادن جي بنيادن تي ٻين کان مختلف نه رهيو. اقتدار کان هٽڻ بعد سندن دانهون اهي رهيون ته اسان جيڪڏهن سنڌ جي عوامي مفادن لاءِ وڌيڪ ڪم پيا ڪيون ته سنڌي هجڻ جي ناتي اسان جي حڪومت کي خطرو هو. ياد ٿو اچي ته جڏهن نواز شريف ۽ محترمه جي اقتدار جي رساڪشي هلي رهي هئي تڏهن محترمه جو هيءُ بيان اخبارن جي سرخي بڻيو هو ته “لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي وزير اعظمن ۾ تمام گھڻو فرق آهي” پر اقتدار جي گنگا سڀني کي ساڳئي پاڻي ۾ وهنجرايو پوءِ جي حڪومتن جا ڪمال به ساڳيا ئي رهيا. اقتدار جي حوس ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جي اجتماعي مفادن کي رسايو ويو آهي، مثال طور ملڪ جي قيام کان وٺي سنڌ دٻاءَ هيٺ رهي آهي، اهو آباديءَ جو هجي يا لڏپلاڻ ڪري آيل گروهن جو. جيتري والار سنڌ جي شهرن جي ٿي ايتري پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ نه ٿي، ايتري حد تائين جو بنگال يعني اڳوڻو اوڀر پاڪستان به انهيءَ ٻوڏ کان گھڻي حد تائين بچيل رهيو ۽ پوءِ ٻيو حملو سنڌ جي وسيلن مٿان ان صورت ۾ ٿيو جو ڪليمن جي بنياد تي جيڪي ملڪيتون ورهايون ويون انهيءَ جو مثال پوري دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي. هڪ لڏي آيل ٻئي جي گواهي ڏيندو هو ته هن پوئتي هيتري ملڪيت ڇڏي. انهيءَ کان وڌيڪ قانون جي لتاڙ هن انداز سان ڪئي وئي ته جنهن ماڻهو کي انگريزي ۾ لکڻ پڙهڻ اچي پيو ان پنهنجي مرضي سان پنهنجو پاڻ کي ڊگري هولڊر سڏيو ۽ هو پرائمري پاس هوندي به گريجويٽ ۽ پوسٽ گريجويٽ بڻجي ويا. کين بيوروڪريسي ۾ بنا ڪنهن انٽرويو وٺڻ جي ڪجهه سٽون لکرائي ٿوڪ جي حساب سان ڀرتي ڪيو ويو. انڊيا ۾ جيڪي وڪيلن جا منشي هئا اهي هتي وڪيل بڻجي ويا، ڪيترا چالاڪ ته ججن جي عهدن تي پهچي ويا ڇو ته لٽجي آيلن وٽ نه ملڪيتن جا کاتا هئا نه تعليمي اهليت جون ڊگريون هيون. هنن جي ڊگري بس اها ئي هئي ته کين ڪجھ لکڻ پڙهڻ اچي ٿو. مقامي ماڻهن يعني سنڌي ماڻهن تي اها به پابندي هئي ته هو هندن جي ڇڏي ويل ملڪيت خريد نه ڪري سگھندا ۽ پوءِ اهو سلسلو وڌندي ان حد تائين پهتو جو پهريان انهن مظلوم ڀائرن پنهنجو پاڻ کي پاڪستان جو ٺاهيندڙ سڏيو ۽ پوءِ پوري پاڪستان جا ۽ سنڌ جي وڏن شهرن جا دعويدار سڏائڻ لڳا.
1970ع جي اليڪشن کان پوءِ بنگال ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي انهن ۾ مغرور حڪمرانن سان گڏ انهن جو به ڪردار هيو جيڪي اڄ ڍاڪا جي ڪيمپن ۾ رهن ٿا. ڪنهن کي شڪ هجي ته مرحوم ميجر صديق سالڪ جو ڪتاب “مين ني ڍاڪا ڊوبتي ديکا” لازمي پڙهي. 70ع کان پوءِ انتشار ۽ گوڙ جو شهر ڪراچيءَ کي ئي سڏيو ويو، ان پوري دور ۾ هر پارٽي کي پنهنجي سياسي حيثيت مستحڪم رکڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙ جي شهري حاڪميت کي تسليم ڪرڻ مجبوري بڻجي پيو. پر ذوالفقار ڀٽي جي قتل کان پوءِ ضياءَ جي آمريت لوڪل باڊيز اليڪشن ڪرائڻ کان پوءِ محسوس ڪيو ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي مستقبل جي اتحادي نه رهي سگھندي ڇو ته جماعت اسلامي جو سياسي دائرو رڳو ڪراچي نه هو ۽ آمريت جي هر قدم کي سپورٽ ڪرڻ جماعت اسلامي لاءِ وڌيڪ ڏکيو هيو پوءِ دهشت جو جھرلو ڦريو يعني 1985ع جي غير جماعتي چونڊن کان پوءِ مهاجرن جي نام نهاد مظلوميت جو نعرو لڳائي فاشسٽ لسانيت جا بنياد رکيا ويا. جن پنهنجي قوميت جي نعري سان رڳو زباني مطالبا نه ڪيا، پر هر ان ماڻهو کي مخالف سمجهيو جيڪي مهاجريت جا قائل نه هئا. ڪراچيءَ جي قتل عام جي تاريخ هن دور جي پوري نسل کي ياد آهي، هنن سڀ ڪجھ پنهنجي اکين سان ڏٺو به آهي. پاڪستان ۽ پوري دنيا جي خابرو ادارن سان گڏوگڏ ادارن ۽ ايجنسين جي ساڳي راءِ آهي ته ايم ڪيو ايم اها نسل پرست تنظيم آهي، جنهن نفرت، تعصب جا ٻج ڇٽيا، جنهن خاص طور تي سنڌ جي امن ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ هم آهنگي جا بنياد کوکلا ڪيا. هن ملڪ جي هر جماعت اقتداري مفادن خاطر کين پنهنجو اتحادي بڻائي رکيو، وڌيڪ گروهي مفادن لاءِ اتحاد مان ڌار ٿي هر دفعي پنهنجي مظلوميت جو گوڙ ڪندا رهيا. اسان کي هنن جي مظلوميت جي دانهن تي ته ڪوبه تعجب ناهي پر مرڪزي سياست ڪندڙ جماعتن به سندن آواز ۾ ساٿ ڏيندي کين مظلوم سڏيو.
1988ع کان سڌي يا اڻ سڌي طرح سان اقتدار ۾ رهندڙ ڀائي لوڪ مڊل ڪلاس مان ڪروڙ پتي ٿيا ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص سميت جتي جتي هنن جو سياسي اثر هو اهي علائقا ترقي ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ مسئلن جو شڪار رهيا. هن وقت تائين ڪنهن به جماعت عوام جي آڏو اهي تفصيل پيش ئي ناهن ڪيا ته ڀائي لوڪن مرڪزي حڪومت ۾ رهندي ڇا ڪيو صوبائي حڪومت ۾ رهندي ڪهڙي خدمت ڪئي ۽ لوڪل باڊيز جي ادارن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي پر پنهنجو بحث جو موضوع انهيءَ کان وڌيڪ ان نقطي تي آهي ته آخر اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا هر دور جي سياسي حڪومت ۽ غير سياسي حڪومت کي مجبور ٿي ڪري ته هو ايم ڪيو ايم کي پاڻ سان شامل رکن. هاڻي جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت سڀني ماضي جي سياستدانن سان وڇوٽي رکي آهي ۽ کين ڪرپشن جا طعنا پئي ڏئي ته پوءِ سڀني کان وڌيڪ الزامن هيٺ آيل هي ڀائي لوڪن جو سياسي ٽولو عمران خان کي ايترو پيارو ڇو آهي جو هو نه رڳو هنن کي پنهنجي سيني سان لڳائي ٿو پر پنهنجي اهم وزارت ۾ ان ماڻهو کي کڻي ٿو جنهن جو نالو فروغ نسيم آهي ۽ جيڪو اڄڪلهه سنڌ جي ورهاڱي جي تجويز ڏيڻ سبب ذڪر هيٺ آهي. ڀلي پي ٽي آءِ کي سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي ضرورت نه هجي پر ڇا هو اهو نٿا سمجهي سگھن ته تعصب جي بنياد تي پيدا ٿيل سياسي ٽڪراءُ سنڌ ۽ مجموعي طور پوري ملڪ لاءِ ڪيترا خطرناڪ ثابت ٿيندا؟ هن وقت سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو سجهي ته اقتدار جي ٿنڪ ٽينڪ شايد چاهي ٿي ته هي معاملو ايترو وڌي جو حڪومتي ڪارڪردگي يا معاشي بحران پس پرده هليو وڃي. هاڻي سنڌ ڪارڊ پ پ کيڏي ٿي يا نه اهو بحث الڳ آهي پر پي ٽي آءِ جي حڪومت هن وقت سنڌ ڪارڊ سان گڏوگڏ ڪراچيءَ جو گٽر ڪارڊ ۽ ڪچرا ڪارڊ کيڏندي تاريخ جو ايڏو وڏو گناھ پئي ڪري جنهن جو ازالو هن ملڪ جي عوام کي هڪ وڏي خونريزي سان ادا ڪرڻو پوندو. پي ٽي آءِ جي قيادت ڪيتري به تڪبر ۽ غرور سان سوچي هن کي اقتدار پنهنجي لاءِ يا ٻين جي لاءِ ڪيترو به پيارو هجي پر کيس اهو نه وسارڻ گھرجي ته سنڌ هاڻي وڌيڪ ذلت آميز رويا برداشت نه ڪندي پر هاڻ ردعمل ڏيکاريندي ۽ ان جو پهريون نشانو پي ٽي آءِ ٿيندي ۽ پوءِ انهيءَ جا سنڀاليندڙ ٿيندا. سنڌ سياسي طور ڪيتري به ڪمزور ۽ منتشر نظر اچي پر سنڌ جي وحدت جي نقطي تي پوري قوم هزارين اختلافن جي باوجود گڏ رهي آهي ۽ گڏ رهندي ڀلي تاريخ کي بوٽ جي نوڪ تي ڏسندڙ سبق نه سکن پر تاريخ جي سزا کان ڪو به بچي نٿو سگھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *