تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪينجهر حادثو، انتظامي نااهلي جو نتيجو

جتي ماڻهن لاءِ تفريح به موت جو سبب بڻجي وڃي اتي عام زندگي ۾ ماڻهو ڪيئن ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن مان گذرندا هوندا؟ ان جو ڪاٿو ڪرڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي، قدرتي حادثا ٿيندا رهندا آهن پر انهن حادثن جي سببن ۾ سرڪار ۽ انتظاميا جي ڪوتاهي،لاپرواهي ۽ نااهلي به شامل هجي ته ماڻهو جي تڪليف ٻيڻي يا ٽيڻي ٿي وڃي ٿي.پر جڏهن اهڙي ڪنهن حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي گهڻن ماڻهن جو موت ٿئي ٿو ته خاندان جي بچي ويل ڀاتين لاءِ اهو سور سنڀالڻ کان ڳروهوندو آهي،اهڙا حادثا ثابت ڪندا آهن ته انتظاميا يا سرڪار آڏو عام ماڻهو جي زندگي جي اهميت ڪيتري آهي يا انهن جو عام ماڻهو ڏانهن ڪهڙو رويو آهي.
نوري ڄام تماچي جي قصي ذريعي مشهوري ماڻيندڙ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ به اهڙي ئي حادثي ذريعي هڪ خاندان تي قيامت بڻجي ڪڙڪي آهي،ڪراچي سان واسطو رکندڙ خاندان جا 10 ڀاتي ڪنهن ناکئي جي لالچ ۽ انتظامي نااهلي جو شڪار ٿي ويا،هڪڙي خاندان تان قيامت گذري وئي ۽ بچي ويل خبر ناهي ڪيترا سال انهي سور سان گڏ ساهه کڻندا رهندا.ڪينجهر گهمڻ آيل خاندان جڏهن نوري ڄام تماچي جي مزار گهمڻ لاءِ نڪتا ته هڪ ئي ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار ٿيڻ ڪري اها ٻيڙي وچ سير ۾ ٻڏي وئي ۽ ناکئو رڳو هڪ ئي نوجوان ڇوڪري کي بچائي سگهيو باقي ٻيا ڀاتي اونهي پاڻي ۽ ڪينجهر جي لهرن جي ور چڙهي ويا.حادثا ۽ آفتون زندگين ۾ اينديون رهنديون آهن پر سرڪار ۽ انتظاميا جي نااهلي اهڙن حادثن کي سانحن ۾ تبديل ٿيڻ جو سبب بڻبي آهي. جيڪڏهن ڪينجهر جي هن حادثي کي ڏسجي ته اهو به انهي انتظامي نااهلي کي ظاهر ڪري رهيو آهي.تفريح ماڳ جيئن ته گهڻو ڪري ننڍن ٻارڙن ۽ عورتن جو مرڪز هوندا آهن تنهن ڪري حڪومتون ۽ انتظاميا اهڙن ماڳن تي حفاظتي اپائن کان وٺي ريسڪيو لاءِ جوڳا قدم کڻنديون آهن جيئن ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچي سگهجي يا حادثي جي صورت ۾ نقصان کي گهٽ ۾ گهٽ ڪري سگهجي.پر اسان وٽ حالتون ان جي ابتڙ ئي ملنديون سدائين حادثا انهن تفريحي ماڳن تي ئي ٿيندا ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اتي ڪا به ريسڪيو ٽيم نه هوندي نه ئي ڪي انتظاميا مان ڪي ماڻهو گهمڻ ايندڙ ماڻهن کي ڪي هدايتون ڏيندي نظر ايندا ته ڪٿي وڃڻ گهرجي، ڪٿي نه ،جيڪڏهن اونهي پاڻي ۾ وڃڻو آهي ته لائيف سيونگ جيڪٽ کانسواءِ نه وڃجي. جيئن عوام کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي تيئن وري اهي تفريحي ماڳ به ننڌڻڪا آهن جن جي سنڀال لهي سرڪار ڪروڙين رپيا ڪمائي سگهي ٿي. هي ڏينهن ڪي عام ڏينهن ناهن جو ڪينجهر جي اوج ۾ ڪمي هجي سانوڻي جي موسم ۾ ڪينجهر جي مستي ڏسڻ وٽان هوندي آهي پر انهي مستي کي انتظامي نااهلي مصيبت ۾ تبديل ڪري ٿي ڇڏي. گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ اتي نه ڪي سهولتون آهن، نه ڪي ٻيڙيون هلائيندڙ ملاحن کي پابند ڪيو وڃي ٿو ته اونهي پاڻي ۾ ويندڙ ماڻهن کي وٺي وڃڻ وقت لائيف سيونگ جيڪٽس ضرور پارائين،هڪ ٻيڙي ۾ جيتري گنجائش آهي اوترا ئي ماڻهو کنيا وڃن،ڪنهن حادثي وقت ڪا تيز لانچ ،موٽر بوٽ يا ٽوٻا موجود هجڻ گهرجن جيڪي ماڻهن کي ريسڪيو ڪري سگهن. ڪينجهر ۾ هلندڙ ٻيڙين جي صحت ۽ حالت چڪاسڻ گهرجي ته اهي ناڪارا ۽ خراب حالت ۾ ته ناهن جو ڪنهن حادثي جو سبب بڻجن، ۽ايمرجنسي ۾ ڪا ميڊيڪل جي سهولت موجود هجڻ گهرجي. جيڪڏهن هن حادثي کي ڏسجي ته ثابت ٿيندو ته انهن مان ڪنهن به هڪ ڳالهه تي انتظاميا طرفان عمل نه ڪيو ويو هو، هر حڪومتي ڪم وانگر سڀ ڪم رڳو ڪاغذن تائين محدود هوندا، جنهن ڪري اهڙن قيامت جهڙن حادثن مان ماڻهن کي گذرڻو پوي ٿو. جيڪڏهن مٿين شين تي سختي سان عمل ٿيل هجي ها يا انتظام ڪيل هجن ها ته ضرور انهي حادثي کان بچي سگهجي ها يا گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿئي ها ۽ ماڻهن جون حياتيون بچائڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿين ها.
اسان سمجهون ٿا ته هي حادثو ناهي پر انتظامي غفلت جو نتيجو آهي جنهن هڪڙي خاندان کي قيامت مان گذاريو آهي،سرڪار کي انهي حادثي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سزا تائين پهچائڻ گهرجي ته ڪنهن، ڪنهن پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪئي جنهن ڪري هڪڙي خاندان کي پنهنجي 10 ڀاتين جي حياتين تان هٿ کڻڻو پيو ۽ اڳتي لاءِ تفريحي ماڳن تي حفاظتي اپائن کي يقيني بڻايو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *