تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ڪيئن ! ڳالهه دل سان لڳي ني، من!

فرانس حسن، ادب ۽ آرٽ جو ملڪ آهي، فرينچ زائفان ٺهي ته ڄڻ جيئري جنت ملي وڃي. پاڻ کي هٿ نه لڳي سگهي، سو فرينچ ناول پڙهي، کوڙ راتيون هنن سان گذاري سجايون ڪري، اونداهيءَ ۾ ڏيئا ٻاري روشن ڪيون.
ويهارو ورهيه اڳ اونهاري جي موڪلن ۾، رات جو گهر جي ڪوٺي تي، ٿڌڙي هوا جي جهوٽن ۾، کير ڀت کائي، وڪٽر هيوگو جا “ڏکويل انسان”، “ڪٻو عاشق” اسٽينڊ ال جو”“ڳاڙهو ۽ ڪارو”، بالزاڪ جو “ڪراڙو گوريو” ۽ قلابيئر جو “سانئڻ بواري” پڙهي، سندن ڪردارن جي حسن، محبت، ڪنجوسائپ، سخاوت، ليٽ پيٽ، مدا هر ڏک سک ۾ شريڪ ٿي، صبح ڪيو اٿم، هنن کان هٿ ٻڌي موڪلائي، انب سان ڍٻل کائي، ننڊ ڪندي، خواب ۾ سانئڻ بواري سان باغ ۾ زيتون جي وڻن وچ ۾ ٻولاچاري، باغ ٻهاري ڪئي اٿم.
زان پال سارتر ۽ البرٽ ڪامو جا ناول، ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ پڙهي مايوسيءَ ۾ ڌٻڻ ۾ پاڻ ڦاسايو اٿم. خودڪشيءَ جي ڪوشش ان همراهه وانگر ڪئي اٿم. جنهن وڻ ۾ پوتڙو ٻڌي پاڻ مارڻ پئي چاهيو. پوتڙو ڍلو هئڻ ڪري، ڦهڪو ڏئي ڪريو ته چوڻ لڳو: “الله سائين! شڪر بچايئه نه ته ذري گهٽ مئو هيم”.
مائي سائمن ڊي، بوار به لک لهي. هن جي آتم ڪهاڻي، ناول يا عورتن جي حوالي سان نورنچو ئي (SECOND SEX) لکيل شاندار ڪتاب . بنا نڪاح جي سارتر جي وفادار رهي. اسان پارا شاعر، ليکڪ ۽ ليکڪائون شرعي نڪاح هوندي، سورن ۾ آهن. هڪ کٽ تي ٻن وهاڻن وانگر آهن.
آندري مارلو (Andre Marlaux) فرانس جو منفرد ليکڪ هو. هن جو جملو آهي “آزادي ڏي وٺ نه هوندي آهي، آزادي بس آزادي هوندي آهي” شنگهائي ۾ ڪميونسٽن جي شڪست تي سندس شاهڪار ناول (Man s Fate) آهي. ان تي کيس انعام مليو هو. هن جي هڪ ناول جو مسودو گسٽاپو وارن گم ڪري ڇڏيو هو. 1930ع ۾ هن ايران ۽ افغانستان جي ياترا ڪئي هئي. جنرل چارلس ڊيگال سرت ڀريو هو. ليکڪن کي مان ڏيندو هو. سارتر الجيريا جي حمايت ڪئي. جنرل جي پاڻ سنڌي ليکڪ جهڙي ڪرنل ڪن ۾ ڦوڪ ڏني: “جنرل صاحب! سارتر کي ٻڌڻ جو حڪم ڇو نٿا ڏيو؟” چارلس مرڪي وراڻيس: “من! سارتر فرانس آهي. فرانس کي جيل ۾ نٿو وجهي سگهجي”.
جنرل چارلس ڊيگال ناول نويس آندري مالرو کي پهريائين سنڌ سماءَ جو وزير ڪيو. ان کانپوءِ ثقافت کاتو سندس حوالي ڪيائين. هن اڪيڊمي آف ليٽرس ٺاهي، شاعر ۽ قلمڪارن جي پرگهور ڪئي. ليکڪ، شاعر به مان مريادا وارا هيا. اسان وانگر نه جو کٽ اونڌي ڪري، ماما لالوءَ جهڙي منڍي ڪري، فوٽو ڪڍائي، طمطراق سان خبر ڇپرايون. تن درست هوندي به سٽ هوندي.“ اعليٰ ڙي! شاعر جي ثقافت کاتي سار نه لڌي ته صفا مئو کڻ” چيڪ جو اعلان ٿيڻ سان بانس جي لڪڙي وانگر ٽپ ڏئي بيهي رهندو.
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پنهنجي اقتدار مهل فرانس جي اڪيڊمي آف ليٽرس جي ديکا ديکيءَ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ 1976ع ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس ٺاهي. اردو جي سٺي ليکڪ، ريٽائرڊ ڪرنل، شفيق الرحمان کي چيئرمين مقرر ڪيائين. هو نهايت شريف ۽ ايماندار ماڻهو هو. سرڪاري گاڏي آفيس کان گهر، گهر کان آفيس تائين استعمال ڪيائين. ڪڏهن نه ڪو هن جا ٻار اسڪول ان ۾ چڙهي ويا.
زمانو بدليو، سفارش ۽ جناح صاحب جي فوٽوءَ ڪمال جا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا. اڃان به انهن جو بول بالا آهي. شفيق صاحب کانپوءِ سياسي ماڻهن ۽ استادن جي ٻيگهي متي. هنن حال هيڻا ڪري ڇڏيا. پنهنجا مال مڏيون ٻيڻا ڪري ڇڏيا. هاڻي به استاد محترم براجمان آهي. اڪيڊمي جا ڪم اڪابريءَ وارا. اسان جي سنڌ جي شاعر سنڌي ناول ترجمو ڪيو. ترجمي ڪندڙ کي معاوضو ٻه هزار، پروف ريڊر کي ست هزار!. ڪتابن جو حال گودام ۾ پورو آهي. وظيفو جن کي ملي ٿو، گهڻي ڀاڱي سفارشي، ڏنڊا ڏوٽا ۽ امير آهن. غريب بک مرندو آهي، هٿ نه ٽنگيندو آهي.
2014ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي ۾ پنهنجو شاعر ۽ ليکڪ وزير ٿيو. پاڻ کي ايڏي خوشي ٿي جو لاهوتيءَ جي شربت جا ٽي گلاس پي ڪري، جهمريون پائڻ لڳاسون پر اڳتي هلي ڇير ڇڄي پئي.
سائين سڳورو سنڌ جي دوري تي نڪتو، قلمڪارن سان ملڻ لڳو، شڪارپور آيو. سڪندر علي خشڪ ڊپٽي ڪمشنر هو. ادب ذوق، اهل دل، صوفي منش هو. سڏ ڪيائين. زبير سومرو، عديل مهر، نسيم بخاري، سجاد مهر ۽ ٻيا سرت ڀريا گڏجي وياسون. سائين سڳورو قرب ۽ محبت سان مليو. ٻٽي سٺا ليکڪ ۽ شاعر ساڻ هيس. هنن کي آقا پويان ٻڌي ٻانهي وانگر ڏسي ڏک ٿيو. سولزي نٽسن جي جملي “هڪ سچو ليکڪ ٻي حڪومت برابر هوندو آهي” تي منڌيئڙو پائي ڇڏيم. سائين جي گاڏي جو در کولڻ جي صدقي هڪ استاد ڊائريڪٽر ٿي ويو. پاڻ گاڏيءَ جو شيشو ڪپڙي سان صاف نه ڪرڻ ڪري، شان مان سان “الف انب، ب بدڪ” پڙهائڻ لڳاسون. مون کي فخر آهي، ڳاٽ اوچو آهي جو الف انب پڙهي ويل ڊپٽي ڪمشنر، پوليس آفيسر ۽ سيڪريٽري آهن. سٺو استاد اتي ئي هوندو آهي، هنن جا شاگرد اڳتي وڌي ويندا آهن. اها ٻنهي جي ڪاميابي آهي.
سائين سڳوري کي سڀني سٺيون تجويزون ۽ رايا ڏنا. هن جو آزاد پني تي نوٽ ڪندو ويو. پنا آفيس وڃي ڳاڙهي لٽي ۾ بند ڪري، ڪٻٽ ۾ رکيا ويا. هاڻي کڻبا ته ڪلو دز لڳل هوندن.
پنهنجي سنڌ فرانس ناهي، نه ئي سائين آندري مارلو، جهڙو ديس، تهڙو ويس، منهنجي ڳوٺائي ۽ ذات ڀائي کاتي وارن آفيسرن جا بحريا ٽائون ۾ پلاٽ آهن، ته پاڻ ڇو گهٽايون، ڪاميٽيون ٺهي ويون. ميلا شروع ٿي ويا. خزانا کلي ويا. هو جمالو. وزير موصوف سلڇڻو، پڙهيو ڪڙهيو ۽ مان ڏيندڙ آهي. هن جي زبان ڪڏهن ترڪي ويندي آهي. سائين جن مهينو اڳ ٻولي اداري جي ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو. پاڻ کي هن جي ڳالهه تي خوشي ٿي جو برابر اهل ماڻهو بادشاهي تخت جي در ٻاهران پنهنجي ڪچي ڪوٺيءَ ۾ شهنشاهه بڻيو ويٺو هوندو آهي.
عجب ان ڳالهه تي ٿيو ته هيڏي وڏن ۽ معتبر ليکڪن ۽ شاعرن اکر نه ڪڇيو جن جي شعر يا مضمون تي ڪو ڏاهو ۽ دليل سان لکندو آهي ته چنبا هڻي، پٺي ڳاڙهي ڪري ڇڏيندا اٿس. ويچار کان پوءِ مغز ۾ ڳالهه ويٺي وزير مان ڪجهه نه ڪجهه هڙ حاصل ٿيو هوندن جو ڀت بڻجي ويا. واهه ڀٽائي صاحب! “طلب جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا! ڌڪي ڪندٰءِ ڌار، موتي ڏئي مٺ ۾”.
ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بڪ تي حسن درس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سائين جن ڳائڻي سرمد سنڌيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي. جنهن وقت سرمد سنڌي ڳائي پيو ته حسن درس اڃان اڀري رهيو هو. ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو، سرمد جي وفات پڄاڻان جا نظم آهن. سرمد سنڌي ڪو ايڏو وڏو ڳائڻو نه هو. هن نعريبازي واري شاعري ڳائي، شهرت حاصل ڪئي. حال اهو جو شيخ اياز جو نظم “مارو اڪيلڙا” ڏک وارو نظم اسٽيج تي ڳائيندو هو ته ماڻهو تاڙيون وڄائي نچندا هيا. ان عمل تي اياز صاحب ڏک جو اظهار ڪيو هو. سرمد جنهن مهل سکي پيو. مان مڙيو ئي ڪراچي هوندو هيم. هو منهنجي بئنڪر سنگتي، راڳ جي ڄاڻو ۽ ادب دوست ارباب منگيءَ سان موسيقار شاهد ڀٽو ۽ راڳي بيدل مسرور ڏي ويندا هيا. ارباب صاحب چواڻيءَ اهي کين سينڍ ئي نه ڏيندا هيا. نصيب ڀلا هيس جو شاعر، راڳي ۽ نيڪ دل زاهد شيخ ملي ويس. هن رحمان مغل مان سرمد سنڌي بڻايس. چوٽ چڙهي ويو ته ارباب منگي صاحب کي سڃاڻي نه پيو. اهڙو حسن درس ڏي اچي شاعري گهري، کوڙو ئي نٿو لڳي. محفل ۾ ويٺل معتبر سائينءَ جي ڳالهه کي آمنا صدقنا ايئن پيا ڪن ڄڻ حسن درس سان گڏ هيا.اها ڳالهه ايئن جو مان چوان، ڪراچي ۾ رهڻ دوران 1995ع ۾ شيخ اياز صاحب فون ڪري فليٽ تي گهرائي، چانهه پيئاري، پنهنجا رات جو لکيل نثري نظم مون کي ڏيئي چوندو هو “پٽ هنن کي درست ته ڪر.”
ڪيئن؟ ڳالهه دل سان لڳي ني، من!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *