تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

ڪورونا ۽ ٽياس تي ٽنگيل سنڌ جي تعليم

ڪورونا جيتوڻڪ عالمي وبا  آھي جنھن تقريبن سڄي دنيا ۾ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي مفلوج ڪري ڇڏي، نه صرف ماڻھن جون زندگيون متاثر ٿيون پر ھن وبا ڪيترن ئي ملڪن جا ذري گھٽ معاشي حوالي سان گوڏا اچي زمين تي کوڙايا آهن. ڪوروناکان وڌيڪ  خطرناڪ وبائون ماضي ۾ اينديون رھيون آھن،  جيڪي يقينن فطري ھجن ٿيون،  جن ۾  زندگيون به متاثر ٿيون ۽ موت جو کاڄ به  بڻيون.
ڪورونا جنھن دنيا جي ملڪن جي ڪيترن ئي شعبن کي منڊو ڪري ڇڏيو اتي ملڪن ۾ تعليم جا در به ڪجهه وقت لاءِ بند رهيا پر زندھه قومون ڪنھن معجزي يا ڪرشمي جو انتظار ناھن ڪنديون، اھي ڏينھن رات ھڪ ڪري پنھنجي بقا خاطر ميدان عمل ۾ ھونديون آھن ۽ اڄ دنيا جي ھڪ سئو ملڪن کان مٿي ملڪ پنھنجا تعليمي ادارا کولي چڪا آھن ۽ پنھنجي زندگين جو ڪاروھنوار عام معمول مطابق آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آھن. 
نه تبديل ٿي نه مٽي ته فقط سنڌ جي تقدير جيڪا ڪيترن ڏھاڪن کان بس ھڪڙو اڻپورو خواب بڻيل آھي. سنڌ جي شاگردن کي اسڪولن جو منھن ڏٺي  خيرن سان پنج مھينا ٿي چڪا آھن پر ڪا خبر ناھي اڃان الائي ڪيترو عرصو بند رھندا. 
سنڌ جا شاگرد جيڪي پھريان ئي ناقص تعليمي نظام ، ڪاپي ڪلچر، ميرٽ جي لتاڙ پئسن عيوض گريڊن ، نوڪرين ، وسيلن ، ٽيسٽنگ سروسز ، ادارن جي وڪري  ۽ سفارشي ڪلچر جي ٽياس تي ٽنگيل ھجن اتي وري بنا امتحان ۽ چڪاس جي پروموٽ ڪرڻ واروڪلچر متعارف ڪرايو آھي جنھن سان ھي ھٿ وٺي شاگرن مان چٽاڀيٽي ۽ تخليق کي دفن ڪري رھيا آھن جيڪو اسان جي لا ھڪ وڏو فڪر جو لمحو آھي. ڇاڪاڻ ته ھڪڙي پاسي جتي سنڌ جا ھزارين اسڪول ھن جديد ۽ ايڪھين صدي جي دور ۾ بند ھجن، جتي اڪثر اسڪول جوا جا اڏا، اوطاقون، مال جا واڙا، گودام ۽ ڀانڊا بڻيا پيا ھجن ۽ ھزارين شاگرد اسڪول  وڃڻ کان محروم ھجن اتي بنا امتحان جي پروموٽ ڪرڻ وارو ڪلچر يقينن سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ آھي.
حيرت جهڙي ڳالھه ھي آھي ته ڪورونا جي ڪري متاثر ٿيندڙ تعليم جو ازالو  سنڌ حڪومت کي پروموٽ ڪلچر ۾  ئي مليو جڏھن ته دنيا ۾ ٻئي ھنڌ ڪٿي به ڪلاس پروموشن(Class Promotion) جو تصور ئي ناھي پر ٻين  ملڪن   پنھنجي تعليمي پاليسين ۾ بنيادي تبديليون آڻي ، ڪافي حد تائين پنھنجي تعليم کي معمول مطابق آڻڻ ۽ ھڪ وڏي نقصان کان بچڻ ۾  ڪامياب ٿيا ڇو جو انھن ڃاتو ٿي ته تعليمي ادارن جو بند ھجڻ قومن زوال پذيري جي علامت آهي. سنڌ حڪومت کي به  گھرجي ته عيد کان پوءِ فورن تعليمي ادارا کولي امتحانن کي يقيني بڻايو وڃي ان سان گڏو گڏ پنھنجي تعليمي سال (Academic Year) کي ٻيھر ترتيب (Re-shedule)  ڏئي ٿيل تعليمي نقصان جو پوراءُ ڪيو وڃي.
    سنڌ حڪومت آن لائن ڪلاس ھلائڻ جو غير سنجيدہ  فيصلو ڪيو ھنن کي ھتي اھو ضرور ٻڌڻ کپي  ته توھان جيڪو سنڌ سان حشر ڪيو آھي ان ۾ آن لائن ڪلاس ممڪن ناھن . 
اچو ڏسون ته  سنڌ سان  حشر ڪھڙو ٿيل آھي؟؟
سنڌ ھر بنيادي سھولت کان وانجھيل آھي جتي سنڌ کي گٽرن جو پاڻي پياريو
وڃي جتي توھان بيروزگاري سبب نوجوانن خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور هجن جتي سنڌ جا بچيل سچيل اسڪول زبون حالي جو شڪار ھجن، جتي مائرون پنھنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور ھجن، جتي اڃان سنڌ جي ڳوٺن ۾ بجلي جي فراھمي ممڪن  نه ٿي ھجي ۽ جتي غريب ٻن وقتن جو اٽو نه وٺي سگھي اھي غريب شاگرد ڪٿان اينڊرائيڊ موبائل وٺن  ڪٿان  نيٽ پيڪيج ڪرائين. 
تازو سنڌ حڪومت درگاھون عوامي پارڪ ۽ شاپنگ مال کولڻ جو اعلان ڪيوآهي . 
گڏيل فيصلي تحت 15 سيپٽمبر تي اسڪول کولڻ جو به لولي پاپ مليو آھي اھو به ڪو خاص مطمئن ڪندڙ ناھي ڇاڪاڻ جو ان لولي پاپ ۾ شرط اھو آھي ته جيڪڏهن حالتون بھتر ٿيون ته ادارا کوليا ويندا.
مطلب جيڪڏهن حالتون ڪنٽرول نه ٿيون ته پوءِ بس، ھاڻي اھو ته طئه آھي ته ھنن کان حالتون بھتر ٿيڻيون ناھن اھو انڪري جو ھي بھتري ڏانھن وڃڻ جون ناڪام ڪوششون ڪندا ٿا رھن جنھن جو اندازو سنڌ حڪومت واري ڪورونا ٽيسٽنگ ڪٽس          مان لڳائي سگھو ٿا جيڪي مڪمل طور ناڪام ۽ ناڪارا آھن جنھن جي رپورٽ قابل اعتماد ناھي. 
حڪومت طرفان حالتون واضح نه ھئڻ ڪري انھن شاگردن جو به مستقبل داءُ تي لڳل آهن جيڪي موجودہ صورتحال ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت رات ڏينھن ھڪ ڪري سنڌ جي مختلف يونيورسٽين “جنھن ۾ نمايان ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيز آھن” ۾ داخلا پري انٽري ٽيسٽ(Pre-entery test) جي تياري ڪري رھيا آھن.  انھن ۾ تمام گھڻي مايوسي ڇانيل آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *