تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ڪورونا کانپوءِ جي دنيا ڪهڙي هوندي ؟ عالمي مفڪر ڇا ٿا سوچين !

جڏهن هيءَ وبا ختم ٿي چڪي هوندي ته هن دنيا جا رهواسي ڪهڙي شڪل صورت ۾ هوندا؟ عالمي سطح تي ڪهڙا سياسي ۽ معاشي انقلاب اچي چڪا هوندا؟
فارين پاليسي دنيا جي 12 بهترين مفڪرن کان اهو سوال پڇيو ته سندن نظر ۾هن وبا کان پوءِ دنيا جي شڪل ڪهڙي هوندي؟
اسٽيفن ايم والٽ
دنيا جي خوشحالي، ڇوٽ ۽ آزاديءَ ۾ گھٽتائي ايندي
هن وبا سبب رياست ۽ قوم پرستي کي هٿي ملندي، هن بحران دوران ايمرجنسي ۾ ملندڙ اختيار وبا جي ختم ٿيڻ تي به رياست ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندي.
ڪورونا وائرس طاقت جو مرڪز اولهه کان اوڀر طرف منتقل ڪري ڇڏيندو ڇو ته هن وقت تائين ڏکڻ ڪوريا ۽ سنگاپور ان جو بهترين انداز ۾ مقابلو ڪيو آهي جڏهن ته چين جو رد عمل به بهتر رهيو آهي. ان جي ابتڙ آمريڪا ۽ يورپ جو ردعمل سست ۽ افراتفري تي ٻڌل نظر ٿو اچي جنهن ڪري اولهه جو قائم ٿيل تاثر دنيا ۾ خراب ٿيندو.
جيئن ماضيءَ ۾ وبائن باوجود عالمي طاقتن وچ ۾ مخالفت قائم رهي هئي، ڪورونا وائرس به ان کي ختم نه ڪري سگھندو ۽ نه ئي دنيا عالمگيريت طرف سفر ڪري سگھندي، هي صرف رياستن کي مضبوط ڪندي ۽ عالمگيريت جي لاڙي کي مايوسي ملندي.
رابن نبليٽ
عالمگيريت جي هاڻوڪي شڪل جو خاتمو
21 هين صديءَ جي شروعات معاشي سطح تي عالمگيريت جي گوڙ گھمسان ۾ ٿي هئي پر ان کي ڪورونا وائرس خراب طرح متاثر ڪندي، چين جي وڌندڙ فوجي ۽ فني ترقي آمريڪا کي ان خلاف متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. هو پنهنجي اتحادين کي به چين جي ترقي روڪڻ لاءِ پاڻ سان ملائي ڇڏيندو.
سياسي قيادت ڪورونا وائرس بابت پنهنجي شهرين جي سامهون اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته انهن وبا جو بهترين انداز ۾ مقابلو ڪيو ، جيڪي اڳواڻ ناڪام ٿيندا اهي ان جو بار ٻين تي وجھڻ جي ڪوشش ڪندا.
ڪشور محبوباڻي
چين عالمگيريت جو مرڪز
ڪورونا وائرس دنيا جي معاشي رخ ۾ ڪا تبديلي نه آڻي سگھندو. عالمي معيشت جو رخ اڳ ئي آمريڪا بدران چين ڏانهن ٿي چڪو آهي، هاڻوڪي وبا ان کي وڌيڪ طاقت ڏيندي.
هن وقت صورتحال اها آهي ته آمريڪي عوام جو عالمگيريت ۽ بين الاقوامي واپار تان ايمان کڄي چڪو آهي، جڏهن ته چين جو اهو معاملو نه آهي. چيني قيادت سمجھي چڪي آهي ته 1842ع کان 1949ع دوران کين جنهن بيعزتيءَ سان منهن ڏيڻو پيو هو ان جو سبب پاڻ کي دنيا کان الڳ ٿلڳ رکڻ جي سوچ هئي.
گذريل ڏهاڪن کان چيني معيشيت کي عالمگيريت جي ڪري ترقي ملي آهي جنهن ڪري ان جو اعتماد وڌندو.
هاڻي آمريڪا وٽ ٻه رستا آهن، جيڪڏهن ان کي پنهنجي عالمي سرسي برقرار رکڻي آهي ته ان کي سياسي ۽ معاشي سطح تي چين جو کليل مقابلو ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف جيڪڏهن هو پنهنجي عوام جي ڀلائي جي واٽ وٺڻ چاهي ٿو ته ان کي چين سان سهڪار وارو رستو وٺڻو پوندو.
جيتوڻيڪ عقل ۽ سمجھه اهو ئي ٿي چوي ته چين سان سهڪار هڪ بهترين چونڊ آهي پر امڪان اهو ئي آهي ته آمريڪا جي چين ڏانهن زهر ڀريل سياسي ماحول ۾ ان جي ابتڙ ئي فيصلو ڪيو ويندو.
جي جان آئيڪن بيري
جمهوريت پسند پنهنجي خول مان ٻاهر نڪري ايندا
ٿورڙي وقت جي لاءِ اولهه ۾ موجود مختلف نظريا رکندڙ سمورا گروهه ڪورونا جي وبا جي اثر کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پر جنهن قسم جا نقصان سامهون اچي رهيا آهن انهن کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه يقيني نظر اچي ٿي ته آمريڪا قوم پرستي ۽ سپر پاورز واري لاڙي ڏانهن ويندو.
پر 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن وانگر هڪ سست رفتار مخالف نظريو اهو به جنم وٺندو جيئن فرينڪلن روز ويلٽ ۽ ٻين سياستدانن ٻين مهاڀاري جنگ جي ويجھو پيش ڪيو هو. 1930ع جي ڏهاڪن ۾ عالمي معيشت جي تباهي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي هئي ته جديد معاشرا ڪيئن پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. جنگ کان پوءِ آمريڪي قيادت هڪ نئون کليل نظام ترتيب ڏنو هو جنهن وسيلي بچاءَ جون نيون صورتون ۽ هڪٻئي تي ڀاڙڻ کي هڪ نظام تحت آڻڻ اڻٽر هو.
ڪورونا وائرس کان پوءِ آمريڪا ۽ ٻيون اولهه جون جمهوريتون شروع ۾ ته قوم پرستي طرف وينديون پر ڊگھي مدي واري منظرنامي ۾ هي پنهنجي خول کان ٻاهر نڪرنديون ۽ عمليت پرستي ۽ خود حفاظتي بين الاقوميت ڏانهن سفر شروع ڪنديون.
شان ڪي اونيل
گھٽ نفعو پر وڌيڪ استحڪام
ڪورونا وائرس هاڻي عالمي مينوفيڪچرنگ جي بنيادي اصولن کي کائي رهيو آهي ان جي لاءِ نيون ڪمپنيون هاڻي پنهنجي سپلاءِ چين لاءِ محدود ڪنديون جيڪي هن وقت مختلف ملڪن ۾ ڦهليل آهن.
عالمي سپلاءِ چين اڳ ئي تنقيد جي ور چڙهيل هئي ان جي بنيادي سببن ۾ اقتصادي سطح تي چين جو سستو ليبر، ڊونلڊ ٽرمپ کي اقتصادي جنگ، روبوٽ ٽيڪنالاجي ۾ نيون ايجادون، آٽوميٽڪ نظام ، ٿريڊي پرنٽنگ ۽ سياسي سطح تي حقيقي ۽ فرضي بيروزگاري شامل آهن. ڪورونا وائرس هاڻي ان زنجير جون ڪيتريون ئي ڪڙيون ٽوڙي ڇڏيون آهن ڇو ته متاثر علائقن ۾ ڪارخانا بند ٿيڻ سبب ٻيا مينيو فيڪچرر ۽ گڏ وگڏ اسپتال، فارميسرز، سپر مارڪيٽس ۽ دڪان کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ٻئي طرف ڪمپنيون به اهو ڄاڻڻ جو مطالبو ڪنديون ته انهن جون شيون ڪٿان پيون اچن. اهڙيءَ ريت حڪومتون به مداخلت شروع ڪنديون ته جيئن اهميت وارين صنعتن جي لاءِ ملڪ ۾ موجود بيڪ اپ منصوبا۽ ذخيرا موجود هجن.
ان سان نفعو گھٽ ٿي ويندو پر سپلاءِ جي مضبوطي وڌي ويندي.
شيو شنڪر مينن
هن وبا سبب آخرڪار بهتري اچي سگھي ٿي
پهرين ڳالهه اها آهي ته ڪورنا وائرس اسان جي سياست کي اندروني ۽ ٻاهرين سطح تي بدلائي ڇڏيندو. هن وقت معاشرا رياستي طاقت طرف موٽي رهيا آهن
هن وقت تائين اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته تائيوان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي جمهوريتن هن وبا جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪيو جڏهن ته آمراڻي ۽ پاپولسٽ قيادت ان حوالي سان نمايا ڪم نه ڪري سگھي.
ٻي ڳالهه اها آهي ته ڪورونا وائرس ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ان ڪري هن وقت سمورا ملڪ پنهنجي بقا ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آهن جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان هڪ غربت سٽيل، خود غرضاڻي ۽ ننڍي دنيا طرف وڌي رهيا آهيون.
آخر ۾ اهو چوڻ ضروري آهي ته اميد ۽ سٺائيءَ جون علامتون به سامهون اچي رهيون آهن. ڀارت سارڪ ملڪن سان گڏ وڊيو ڪانفرس شروع ڪئي آهي جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا سان گڏجي ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي خواهش اڀري آهي.
جوزف ايس نائي
آمريڪا کي نئين حڪمت عملي جي ضرورت پوندي
2017ع ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ نئين نيشنل سيڪيورٽي اسٽريٽجي جو اعلان ڪيو جنهن جو فوڪس وڏين طاقتن سان مقابلو ڪرڻ هو، ڪورونا وائرس ڏيکاري ڇڏيو ته اها حڪمت عملي ڪيتري قدر غير مناسب هئي.
آمريڪا جيڪڏهن سپر پاور طور غالب به رهي ٿو تڏهن به هو پنهنجي حفاظت اڪيلي سر نٿو ڪري سگھي. رچرڊ ڊينزگ 2018ع ۾ چيو هو ته 21 هين صدي جي ٽيڪنالاجي نه رڳو پنهنجي ورهاست ۾ عالمي نوعيت جي آهي پر پنهنجي نتيجن جي اعتبار کان به عالمگيريت واري آهي. جراثيم، هٿرادو ذهانت، ڪمپيوٽر وائرس ۽ تابڪاري اهڙا معاملا آهن جيڪي حادثاتي طور ڦهلجي سگھن ٿا ۽ اهي سڀني جو مسئلو بڻجي سگھن ٿا.
ڪورونا وائرس ۽ ماحولياتي تبديلين جھڙن خطرن جي معاملي ۾ آمريڪا جي ٻين تي برتري واري انداز ۾ نٿو سوچي سگھجي. ڪاميابي جي ڪنجي ان ڳالهه سان سلهاڙيل آهي ته ٻين سان گڏ طاقت جي ڀائيواري جو سبق سکيو وڃي.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هر ملڪ پنهنجا مفاد پهريان ڏسندو آهي پر اهم سوال هي آهي ته مفادن جي وضاحت ڪيتري قدر تنگ نظري يا ڊگهي نظر سان ڪئي ٿي وڃي.
ڪورونا وائرس ڏيکاري ڇڏيو آهي ته اسان آمريڪي هڪ نئين دنيا سان پنهنجي حڪمت عملي کي ڳنڍڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.
جان ايلن
ڪورونا وائرس جي تاريخ صرف فاتح لکندا
ڪورونا وائرس واري بحران جي تاريخ فاتح لکندا، هر قوم، ۽ آهستي آهستي هر فرد، هڪ نئين ۽ طاقتور انداز ۾ هن وبا جي دٻاءَ جو تجربو ڪري رهيو آهي.
اها ڳالهه اڻٽر آهي ته بهتر سياسي، معاشي ۽ طبي سهولتون رکندڙ ملڪ ان جي مقابلي ۾ ڪامياب ويندا جيڪي هن وبا جي مختلف ۽ تباهه ڪندڙ نتيجن سان منهن ڏيندا.
ڪجھه ماڻهن جي لاءِ هيءَ جمهوريت، گهڻ رخي ۽ عالمي هيلٿ ڪيئر نظام جي فتح آهي .
جيڪو به هجي، هي بحران عالمي پاور اسٽريڪچر ۾ وڏي تبديلي آڻيندو. شروعات ۾ معيشت جي رفتار گھت هوندي ۽ مختلف ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي. هڪ ڊگھي وقت تائين عالمي معيشت جي پيداواري صلاحيت گھٽ ٿي ويندي. عاولمي نظام سخت دٻااءَ ۾ اچي ويندو جنهن ڪري ملڪن اندر ۽ انهن جي وچ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو.
لاري گيٽ
عالمي سرمائيداراڻي نظام ۾ هڪ نئون ڊرامائي مرحلو
ڪورونا وائرس جا ڊگھي وقت تائين اثر هوندا ۽ هي عالمي معيشت ۾ بنيادي تبديليون آڻيندو.
عالمگيريت جي ڏس ۾ مخلتف ڪمپنين جو دنيا جي مختلف علائقن ۾ ميني فيڪچرنگ جو ڪم ڦهلايل هو جيئن مارڪيٽس ۾ پنهنجون شيون فوري طور موڪلي سگھن. ڪورونا وائرس نه رڳو انسانن کي متاثر ڪيو آهي پر پوري نظام کي ئي زهريلو ڪري ڇڏيو آهي.
رچرڊ اين هاس
وڌيڪ ناڪام رياستون
ڪورونا جي ڪري ايندڙ ڪيترن ئي سالن دوران ملڪن جو ڌيان پنهنجي اندرين معاملن تي رهندو. وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي سخت مخالفت ٿيندي ۽ علائقائي يا عالمي مسئلن جي حل جي خواهش ۽ ارادو ڪمزور ٿي ويندو. سمورا ملڪ پنهنجي نئين سر اڏاوت ۽ بحران جي معاشي نتيجن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندا.
اندازو اهو ئي آهي ته تمام گھڻن ملڪن کي ان بحران مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوي جنهن جي نتيجي ۾ رياست ڪمزور ٿيندي ۽ ناڪام رياستن جو انگ وڌندو.
ڪورونا وائرس جي وبا جي نتيجن مان آمريڪا چين لاڳاپن ۾ خرابي ۽ يورپي ملڪن جي اتحادن ۾ ڪمزوري شامل هوندي.
ڪوري شيڪ
آمريڪا قيادت جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو آهي
پنهنجي محدود ذاتي مفادن ۽ وڌندڙ نااهليت جي ڪري آمريڪا بين الاقوامي قائد طور وڌيڪ نه ڏسي سگھبو. هن وبا جي بين الاقوامي اثرن کي گھٽ ڪري سگھجي پيو جيڪڏهن عالمي تنظيمون وقت تي گھڻي ڄاڻ فراهم ڪن ها جنهن ڪري مختلف ملڪن کي تياريءَ جي لاءِ وقت ملي وڃي ها.
اهو ڪم آمريڪا ڪري سگھيو پئي پر هو قيادت جي هن امتحان ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.
نڪولس برنز
هر ملڪ ۾ انساني روح جي طاقت ڏسي سگھجي ٿي
ڪورونا وائرس هن صديءَ جو سڀ کان وڏو بحران آهي، ان جي گهرائي ۽ ويڪر تمام گھڻي آهي. پبلڪ هيلٿ جي بحران سبب دنيا جا 7.8 ارب ماڻهن مان هر ڪنهن کي خطرو آهي
جيڪڏهن دنيا جون ٻه وڏيون طاقتون آمريڪا ۽ چين ان موقعي تي به لفظي جنگ کان پرهيز نٿا ڪن ته انهن ٻنهي جي ساک متاثر ٿيندي.
جيڪڏهن يورپي يونين پنهنجي 50 ڪروڙ شهرين کي مدد فراهم نه ڪري سگھي ته مستقبل ۾ قومي حڪومتون برسلز کان وڌيڪ اختيار واپس وٺي سگھن ٿيون.
پر هر ملڪ اندر انساني روح جا اڻ ڳڻيا مثال سامهون آيا آهن. ڊاڪٽر، نرسون، سياسي اڳواڻ ۽ عام ماڻهو لچڪ، اثرائتو انداز ۽ رهنمائي ڏيکاري آهي.
ان مان اميد پيدا ٿي آهي ته دنيا جا مرد ۽ عورتون ان غير معمولي چئلينج جي جواب ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا.
( فارين پاليسي جي ٿورن سان)

Bookmark the permalink.

One Response to ڪورونا کانپوءِ جي دنيا ڪهڙي هوندي ؟ عالمي مفڪر ڇا ٿا سوچين !

  1. وفا معشوق علي کوکر says:

    اسان کي پنهنجي اخبار نظرانداز ڪري پئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *