تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪورونا وائرس، ڏاهپ ۽ مستقبل جو سماج

دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ وائرس ڪورونا جو اصلي نالو سارس ڪوو 2 (SARS-COV-2 ) وائرس آهي، جنهن کي دنيا ووهان وائرس پڻ چئي ٿي. صحت جي عالمي اداري ( WHO ) هن وائرس مان پيدا ٿيندڙ بيماري جو نالو ڪووِڊ 19 ( Covid-19) رکيو آهي، جيئن ان کان اڳ ۾ هن ئي اداري پاران ايچ آءِ وي (HIV) وائرس جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيماري جو نالو ايڊز ( AIDS ) رکيو هو. پاڪستان ۾ به هي بيماري پکڙجي رهي آهي جنهن سبب روزانو ڪووڊ 19 جا مريض وڌي رهيا آهن. هن بيماري جي پکڙجڻ جا چار ذريعا يا ( Stages ) آهن جن مان پهرين ذريعي جا اهي مريض آهن جيڪي ڪنهن ٻئي ملڪ کان پاڪستان ۾ آيا آهن، ٻئي مرحلي جا مريض اهي آهن جن کي ٻاهران ايندڙ ڪورونا جي مريضن سان ملڻ جي ڪري اها بيماري لڳي، ٽين اسٽيج جا اهي مريض آهن جيڪي لوڪل ٽرانسميشن يا هتي موجود ڪورونا جي مريضن جي ڪري هن بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ چوٿين اسٽيج جا مريض چين ۾ پيدا ٿيا هئا جتي وائرس ڪيترن ئي سببن جي ڪري اتان جي ماڻهن کي لڳي رهيو هو جنهن جو هڪ سبب اتان جو ماحول به هو جنهن ۾ ڪورونا جي مريضن جي اڪثريت هئي جنهن سبب ماحول ۾ به سارس ڪوو 2 وائرس اچي ويو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو ان وقت چين ۾ ڪووڊ 19 جا مريض وڌي رهيا هئا. پر چين ڏاهپ ۽ قومي شعور جي بنياد تي ڪورونا وائرس جي بيماري ڪووڊ 19 تي ضابطو ڪري ورتو.
ڪورونا وائرس جي مريضن جا هاڻوڪا انگ اکر اصلي تعداد کان گھٽ آهن ڇاڪاڻ ته هن وقت رڪارڊ تي اهي مريض موجود آهن جن جي ڪورونا جي سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن طرفان چڪاس ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪيترائي اهڙا مريض ٻيا به آهن جن جي اڃاتائين چڪاس نه ٿي سگهي آهي، جيڪي ديسي ٽوٽڪن ذريعي گهر ۾ ئي علاج ڪن ٿا، اهڙي طرح ڪيترائي اهڙا مريض به آهن جن ۾ علامتون ظاهرنه ٿي سگهيون آهن ۽ اهي پنهنجي قوت مدافعت جي ڪري ڪورونا جي بيماري کي محسوس نه ڪري رهيا آهن. ڪيترائي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ڪنهن خوف جي ڪري ڪورونا وائرس جي چڪاس نه پيا ڪرائين . اهڙي قسم جا مريض صرف پاڪستان ۾ نه پر پوري دنيا ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ اهي مريض پاڻ کي ته لڪائي رهيا آهن يا ديسي ٽوٽڪن ذريعي علاج ڪري پاڻ کي مطمئن ڪري رهيا آهن پر اهي مريض ٻين ماڻهن تائين ڪورونا وائرس پهچائي رهيا آهن. تنهنڪري سڀ کان وڌيڪ خطرو اهڙن مريضن مان آهي. هن وقت دينا ۾ ڪورونا وائرس جي بيماري جي ڪري صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد تقريبن 81 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان بيماري جي ڪري مرڻ وارن جو تعداد اٽڪل 19 سيڪڙو آهي. دنيا جي ملڪن ۾ ڪورونا وائرس بيماري مان صحتياب ٿيڻ وارن مريضن ۽ مري وڃڻ وارن جو تعداد ڏسون ته هر ملڪ ۾ موجود مريضن جو تعداد ۽ ان مان صحتياب ٿيندڙن ۽ مري ويندڙن جو تعداد به مختلف نظر ايندو. جيئن ته چين ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي تنهنڪري اتي صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي جڏهن ته برطانيا ۾ مريضن جي صحتياب ٿيڻ جو تعداد سڀني کان گهٽ آهي. اهڙي طرح مري ويندڙن ۾ آمريڪا اٽلي ۽ اسپين جي مريضن جو تعداد گهڻو آهي. تنهنڪري مريضن جي صحتياب ٿيڻ ۽ مري وڃڻ جو تعداد هڪ جهڙو نه آهي. مختلف ملڪن ۾ صحتياب ٿيڻ ۽ مري وڃڻ جي تعداد جي فرق تي تحقيق جاري آهي . تحقيق ڏکڻ ايشيا ، آمريڪا ۽ يورپ جي مريضن تي به ٿي رهي آهي جنهن مان ثابت ٿيندو ته ايشيا خاص ڪري ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جو اثر گهٽ ڇو ٿئي پيو؟هن وقت تائين ٿيندڙ تحقيق اهو ظاهر ڪري چڪي آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري پوري دنيا ۾ وڏي عمر، قوت مدافعت جي گهٽتائي ۽ علاج نه هجڻ مري وڃڻ جا اهم سبب آهن. صحت جي عالمي اداري ڪيترن ئي غير تحقيقي عملن، ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن کي في الحال ته رد ڪيو آهي، جن ۾ گرم يا گهڻي ٿڌي علائقن ۾ هي وائرس ختم ٿي وڃي ٿو، گرم پاڻي سان وهنجڻ جي ڪري هي وائرس ختم ٿي وڃي ٿو، مڇر وغيره هن وائرس کي هڪ کان ٻئي ماڻهو تائين پهچائين ٿا، الٽراوائليٽ لائيٽ هن وائرس کي ختم ڪري ٿي، پنهنجي جسم تي الڪوحل يا ڪلوروڪوئين جو محلول مهٽڻ يا هارڻ سان هي وائرس ختم ٿئي ٿو ۽ پنهنجي نڪ ۾ سيلائين وجهڻ سان هي وائرس ختم ٿئي ٿو. مٿيون سموريون ڳالهيون عالمي صحت جي اداري رد ڪيون آهن پر انهن سڀني ڳالهين تي تحقيق جاري آهي. تنهن ڪري هي تحقيق ايندڙ تحقيق لاءِ ڪافي حد تائين ڪارائتي ثابت ٿيندي ۽ مستقبل ۾ ٺهندڙ ويڪسين يا ڪا دوا ٺاهڻ ۾ گهڻي مدد ڪندي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ به تحقيق جاري آهي جنهن جا مثبت نتيجا اچڻ جي اميد آهي. اها تحقيق ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿي رهي آهي. جنهنڪري مختلف قسم جي علاج جا ماڊل پڻ تيار ٿي رهيا آهن. ان جي مڪمل چڪاس کان پوءِ انهن دوائن کي ظاهر ڪيو ويندو ۽ ڪووڊ 19 جي مريضن تي استعمال ڪيو ويندو.
ڪنهن به چڪاس ڪرڻ لاءِ مخصوص ماڊل هوندا آهن جن جي بنياد تي بيمارين جي چڪاس ڪئي ويندي آهي تنهنڪري ڪورونا وائرس جي چڪاس کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ چار مرحلا اهم آهن. مثال طور ڪورونا جي چڪاس سچ ۾ مثبت آهي جنهن کي انگريزي ۾ ( True positive ) چون ٿا، يا غلط مثبت يا ( False positive ) آهي، اهڙي طرح ڪورونا جي چڪاس سچ ۾ منفي يا ( True negative ) آهي يا غلط منفي يا ( False negative ) آهي. ڪورونا وائرس جي صحيح چڪاس اها هوندي جيڪا ٽرو پازيٽو يا ٽرو نيگيٽو هوندي ٻي صورت ۾ زڪام، کنگهه، ڳلي جي خرابي، ساهه ۾ مختلف سببن جي ڪري تڪليف ۽ بخار وارا مريض به ڪورونا جا مريض ظاهر ٿيندا. اهڙي طرح انهن مريضن جي صحيح علاج نه ڪرڻ جي ڪري اهي مريض بي سبب مري ويندا ۽ ڪورونا جي مريض طور ظاهر ٿيندا. ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن هڪ دفعو ڪنهن ماڻهو جي ڪورونا جي چڪاس اصلي مثبت يا ٽرو پازيٽو اچي ٿي ۽ ان کان پوءِ اهو مريض ٺيڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي ڪورونا جي چڪاس به اصلي منفي يا ٽرو نيگيٽو اچي ٿي ته به ڪورونا وائرس جا اثر ڪجھه ڏينهن لاءِ ان مريض ۾ رهن ٿا. تنهنڪري مريض کي ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ به تمام گهڻو احتياط ڪرڻو آهي ۽ گهروارن ۽ عام ماڻهن کان فاصلو ڪرڻ کانسواءِ ٻيا ٻڌايل احتياط به ڪرڻا آهن.
ڪورونا وائرس پوري دنيا جي معشيت تي برواثر وڌو آهي. ترقي يافتا ملڪ به معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن ڪورونا وائرس جي ڪري پاڪستان کي به اربين کربين رپين جو نقصان ٿئي پيو ۽ جيڪڏهن ڪورونا وائرس مئي يا جون تائين هلي ٿو ته معاشي حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وينديون جيڪو ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ڪري سگهي ٿو. ڪورونا وائرس جي ڪري اڳ ۾ ئي انساني سماج ۾ ويڇا پئجي ويا آهن. ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ويتر معاشي حالتون ته ماڻهن کي گهڻو پري ڪري ڇڏينديون. سماجي مسئلن جي ڪري اڳتي هلي سياسي مسئلا پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا جن جو اثر سياسي پارٽين تي پئجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽيون ماڻهن جي اميدن مطابق ڪم نه ڪنديون جنهن سبب عوام جو انهن جي مٿان اعتماد ختم ٿي سگهي ٿو، تنهن هوندي به وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي دٻدٻو برقرار رهندو ۽ انساني سماج کي ويتر غلام بڻائيندا. ساڃاهوند ۽ ڏاهن ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا ختم ٿيڻ کان پوءِ سماجي نظرين ۾ تبديلي ايندي ۽ نوان نظريا به پيدا ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح طب جي فيلڊ ۾ پڻ گهڻي ترقي ايندي جيڪا ملڪن کي مجبور ڪندي ته هو طب ۽ ان تي تحقيق لاءِ پنهنجي بجيٽ جو چڱو حصو رکن ڇاڪاڻ ته مستقبل جون جنگيون ايٽمي هٿيارن سان نه پر حياتياتي يا بايولوجيڪل هٿيارن سان وڙهيون وينديون تنهنڪري ان لاءِ مختلف شعبن ۾ تحقيق کي گهڻي ترقي ڏيارڻي پوندي. جيڪي ملڪ طب، بايولاجي، ڪيمسٽري، ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽيڪنولاجي ۽ انهن شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ڀڙ هوندا اهي ملڪ ئي مستقبل ۾ مضبوط، ڪامياب ۽ ترقي يافتا ملڪ رهندا. ڪورونا وائرس دنيا جي هاڻوڪي سوچ، دفاع جي نظرين، سماجي ساخت ۽ سماجي نظرين کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *