تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪورونا جا پويان پساهه ۽ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان

ملڪ ۾ فيبروري 2020ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ سبب لاڳيتا ست مهينا گذرڻ کان پوءِ به هن عالمي وبا جو خطرو ٽري نه سگهيو آهي البته ايترو چئي سگهجي ٿو ته انهي جا پويان پساهه آهن پر تنهن هوندي به محتاط رهڻ ۽ احتياطي تدبيرون ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت طرفان 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ واري قدم جي آجيان ڪجي ٿي پر ان سان گڏوگڏ تعليمي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ تمام ضروري آهي. سڀ کان پهريائين پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولس، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز سطح تائين ڊاڪٽرن جي مقرري کي اوليت ڏني وڃي جيڪي معمول مطابق ادارن ۾ شاگردن ۽ استادن جو طبي معائنو ڪندا رهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ماسڪ، سينيٽائيزر ۽ ترت علاج لاءِ فرسٽ ايڊ باڪسز جو جوڳو بندوبست هجڻ گهرجي، مسلسل تعليمي ادارا بند هجڻ واري خال کي ڀرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي به گهرج آهي. ان ڏس ۾ وقت جو صحيح استعمال بنيادي قدرن مان هڪ آهي، تنهن ڪري شمسي توانائي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. درسگاهن ۾ سماجي فاصلن جو خيال رکندي مرحليوار مختلف ڪلاسن جي شاگردن کي تعليم ڏني وڃي. ان لاءِ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ متبادل ڏينهن تي ڪلاسز هلايا وڃن مثال طور هڪ ڏينهن تي پهريون، ٻيون درجو ۽ ڇهون، ستون درجو ايئن ئي ٻئي ڏينهن تي ٽئين کان پنجين درجي ۽ اٺين کان ڏهين درجي تائين پڙهايو وڃي. اهڙي طرح ترتيب وار ڪاليجز ۾ ساڳئي متبادل طريقي سان پهرئين ڏينهن تي فرسٽ ايئر يعني ڪلاس يارهون (بنيادي ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪامرس ۽ ڪمپيوٽر) ۽ ٻيا مضمون رکڻ وارا شاگرد ۽ ٻئي ڏينهن تي انٽر ميڊيئيٽ (ڪلاس ٻارهين) وارن شاگردن کي پڙهايو وڃي. مادر علمين يونيورسٽيز ۾ هڪ ڏينهن تي گريجوئيٽ جي پهرئين ۽ ٻئين پارٽ وارن شاگردن جا ڪلاسز۽ ٻئي ڏينهن تي ٽيئن کان پنجين پارٽ جا ڪلاسز هلايا وڃن ۽ ان سان گڏوگڏ ساڳئي ڏينهن تي پوسٽ گريجوئيٽ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي اسڪالرس کي به پڙهايو وڃي. استاد صاحبان تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي ڪلاسز ۾ شاگردن درميان سماجي وٿي کي برقرار رکن ۽ ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي، سينيٽائيزر سان هٿن کي صاف ڪرڻ پنهنجو معمول بڻائي ڇڏين. اسڪولس ۽ ڪاليجز ۾ مختلف ڪلاسز وارن شاگردن کي هڪ ڏينهن جو جيڪو وقفو ملي ٿو ان ۾ استاد صاحبان پاران کين ٻئي ڏينهن لاءِ سڀني مضمومنن جي گهربل عنوانن ۽ مشقن کي حل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون وڃن. اهڙي طرح يونيورسٽيز ۾ گريجوئيٽ جي شاگردن کي پنهنجن مضمونن ۾ چونڊ عنوان تجويز ڪري اسائنمينٽ ڏني وڃي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جي شاگردن کي ريسرچ ميٿاڊولوجي (Research Methodology) ۽ موجوده خاص مسئلن تي تحقيقي مقالا لکڻ بابت رويو پيپر (Review Paper) تيار ڪرايو وڃي. جنهن سان هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران گهربل سليبس (Syllabus) جا ڪريڊٽ آورس به پورا ٿي سگهندا ۽ مختصر عرصي دوران ڪورونا کان حفاظتي اپائن تحت امتحانن جي مرحلي کي به آساني سان پورو ڪري سگهبو.
ان سموري تعليمي ڪارج جي پورائي ڪرڻ ۾ اها به رٿ ويچار هيٺ رکڻ گهرجي ته قومي موڪلن وارن ڏهاڙن تي به ڪلاسز هلايا وڃن ۽ جيڪڏهن ايندڙ ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سردي جي شدت گهٽ رهي ٿي ته ان موڪل کي به ختم ڪري تعليمي ميدان ۾ اڳڀرو ٿيڻ گهرجي ڇو ته پاڻ وٽ باقي وڃي 15 سيپٽمبر 2020ع کان 15 مارچ 2021 ع تائين 06 مهينا بچيا آهن. ان سلسلي ۾ هڪ ٻي تجويز ڏئي سگهجي ٿي ته نصاب ۾ موجود بابن ۽ سبقن کي گهٽايو وڃي ته جيئن شاگردن کي پڙهائي دوران آساني ٿي سگهي ۽ استاد به جامع ۽ عملي طريقي سان درس ۽ تدريس ڏئي سگهن. جنهن جو مثال ايئن ڏئي سگهجي ٿو ته بائلاجي ۾ جيڪڏهن تيرنهن باب آهن ته انهن مان چار باب علم نباتات ۽ چار باب علم حيوانيات يعني جملي اٺ (8) باب پڙهايا وڃن. اڃان جيڪڏهن وڌيڪ مطمئن ٿيڻ جي ضرورت آهي ته وضاحت سان سمجهاڻي ڏئي سگهجي ٿي ته علم حيوانيات ۾ ڏيڏر ۽ ڪاڪروچ جي هاضمي جو سرشتو پڙهايو ويندو آهي، ان ڪري اهو بهتر ٿيندو ته ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جو هاضمي وارو سرشتو پڙهايو وڃي. اهڙيءَ طرح علم نباتات ۾ سرينهن ۽ شرم ٻوٽيءَ جي گل جا حصا پڙهايا ويندا آهن ته پوءِ ڇو نه انهن مان ڪنهن به هڪ ٻوٽي جي گل وارن حصن کي وضاحت سان پڙهايو وڃي. ان مان اهو مقصد حاصل ٿيندو ته ٿوري وقت ۾ شاگرد پنهنجي منزل کي بخوبي سان ماڻي سگهندا.
هاڃيڪار وبا ڪورونا سبب طويل عرصي دوران جيڪو تعليم کي وڏو ڇيهو رسيو آهي ان جي پوراءُ لاءِ حڪومت کي کوڙ سارا اقدام کڻڻ جي ضرورت پوندي ڇو ته اڃان تائين سرڪاري اسڪولن ۾ نصابي ڪتاب مڪمل طور تي پهچي نه سگهيا آهن، انهيءَ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اختيارين کي پابند بڻايو وڃي ته جيئن ڪلاسز ۾ پڙهائي دوران سڀني شاگردن وٽ سمورن مضمونن جا ٽيڪسٽ ڪتاب موجود هجن ڇو ته سرڪاري پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ وڌ کان وڌ تعليمي اڻاٺ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪجهه نه ڪجهه آن لائين ڪلاسز هلايا ويا پر سرڪاري اسڪولن ۾ آن لائين ڪلاسز جو بندوبست ڏکيو ثابت ٿيو اهو انهيءَ ڪري ته غريب ۽ ٻهراڙين جا شاگرد جن لاءِ ٽچ موبائيل يا ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ مشڪل هو ته ساڳئي وقت انٽرنيٽ جا مسئلا ۽ بجلي جي غير موجودگي کين ورثي ۾ مليل آهي. انهيءَ ڪري سرڪار کي نماڻي گذارش رکجي ٿي ته تعليمي ادارن جي کولڻ دوران درسگاهن ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪلاسز ۾ ايئر ڪنڊيشنر ته موجود نه آهن پرگهٽ ۾ گهٽ بلب ۽ پکا ته هلي سگهن ته جيئن پڙهائي ۾ رخنو پيدا نه ٿئي ۽ ان سان گڏ اهو به بهتر ٿيندو ته ليباريٽريز ۾ سائنسي سامان وقت سر مهيا ڪيو وڃي ته جيئن شاگرد سائنس جي مضمونن فزڪس، ڪيمسٽري، زولاجي ۽ باٽني جا تجربا ۽ مشاهدا ڪري اڳڀرا ٿي سگهن. آخري اهم گذارش اها آهي ته جيڪا پرائيويٽ ٽرانسپورٽ شاگردن کي اسڪولن تائين کڻي اچي ٿي، انهن لوڪل گاڏين جي مالڪن کي اسڪول اچڻ ۽ موڪل کان پوءِ واپس وڃڻ وارو وقت صرف شاگردن لاءِ مخصوص ڪرايو وڃي. ان دوران رستي ۾ ڪنهن به عام ماڻهو کي گاڏيءَ ۾ نه ويهاريو وڃي ۽ شاگردن کي وٿيرڪو ڪري گاڏين ۾ ويهاريو وڃي ۽ انهن گاڏين جي مالڪن کي ماهوار معاوضو سرڪار پاران ڏنو وڃي ڇو ته هي نوجوان ئي هن وطن، ڌرتي ۽ قومن جا اڏيندڙ ۽ سرجيندڙ آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *