تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

ڪورونا جا سبق

ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دنيا ۾ 2 لک 77 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي بيمار ڪري چڪي آهي جن مان 92 هزار ماڻهو صحتياب ٿيا آهن ۽ 12,000 کان وڌيڪ مري ويا آهن جن ۾ اڪثريت بزرگن ۽ بيمارن جي آهي. چين جي ووهان صوبي مان ٿيندو ڪورونا هاڻي يورپ ۽ آمريڪا پهچي چڪو آهي. اٽلي ۽ ايران کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندي تفتان رستي پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي. دنيا جا وڏا شهر لنڊن، نيويارڪ، پئرس جن جو نعرو هو ته شهر ننڊ نه ڪندا آهن اهي ڏينهن جو به بند پيا آهن. ووهان ۾ اربع کانپوءِ ڪو نئون مڪاني مريض سامهون نه آيو آهي. پر ڊاڪٽرن کي خطروآهي ته صحتياب مريضن مان ڪجهه واپس نه موٽي اچن. آسٽريليا، نيوزيلينڊ، انڊيا، عرب امارات ۽ ٻين ملڪن پرڏيهي جهازن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ڪويت، قطر، عرب امارات ۽ وچ اوڀر جي مسلمان ملڪن مسجدن ۾ عبادت عارضي طور بند ڪئي آهي ، ڪعبت الله ۽ مسجد نبوي کي به عارضي طور بند ڪيو ويو آهي . ڪئليفورنيا جي چار ڪروڙ ۽ ٻن ٻين رياستن جي ساڍن ٽن ڪروڙ ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خدشو آهي ته اڌ آبادي ۾ ڪورونا نه هجي . کين صلاح ڏني وئي آهي ته هو اهو سمجهي گهرن ۾ رهن ته کين ڪورونا آهي. آمريڪا ۾ خاص طورنوجوان جوڙا انهن صلاحن تي عمل نٿا ڪن ۽ هو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سامونڊي ڪنارن تي تفريح ۾ مشغول آهن. باقي دنيا جي ابتڙ آمريڪي اسپتالن ۾ 40سيڪڙو ڪورونا جا مريض ويهن کان چاليهن سالن جي وچ۾ يعني نوجوان آهن.
آمريڪا ۾ وبائي بيمارين تي ڪم ڪندڙ مشهور آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ڊيوڊ هو جنهن ايڊز جي دوا دريافت ڪئي هئي ۽ جيڪو هاڻي ڪورونا جي علاج لاءِ چئن ٽيمن جي قيادت ڪري رهيو آهي تنهن مشهور ليکڪ والٽر آئيزڪسن سان CNN تي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪورونا وبا جو پهريون حملو چين، ٻيون اٽلي، ڪوريا ۽ ايران، ٽيون يورپ ۽ آمريڪا تي ٿيو آهي ۽ هاڻي چوٿون حملو انڊيا تي ٿيندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته سموري دنيا وائرس ڪري يا ته جسماني طور بيمار ٿيندي يا معاشي طور ۽ ڪورونا کان ڪو مشڪل سان بچي سگهندو. هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ نقصان اٽلي جو ٿي چڪو آهي جتي چين کان به وڌيڪ 4000 ماڻهو مري چڪا آهن جن ۾ 17 ڊاڪٽر به شامل آهن ۽ جن ۾ اڪثريت لومبارڊي علائقي ۾ اولڊ هائوس ۾ رهندڙ ٻڍڙن جي آهي جن جي عمر ستر سالن کان مٿي هئي. اٽلي دنيا جي پراڻي تهذيب آهي جتي مجموعي طور 23سيڪڙو آبادي 65 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي آهي حالانڪه جپان جي ٻڍڙي آبادي انکان به وڌيڪ يعني 28سيڪڙوآهي پر جپان جي مقابلي ۾ اٽلي جي آبادي شروعات ۾ گهرن ۾ رهڻ ۽ ساڻن نوجوانن جي ملاقات نه ڪرڻ جي حڪم کي نظرانداز ڪيو. پاڪستان ۾ 65 سالن کان وڏي عمر جو تناسب 5سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر هتي دل، مٺن پيشابن ۽ هيپاٽائيٽس جي مريضن ۽ سگريٽ پيئندڙن جو وڏو تعداد موجود آ هي ۽ هن وقت تائين 510 کان وڌيڪ مريض ظاهر ٿي چڪا آهن جن مان 3 فوت ٿي ويا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته سراسري طور هر ڏهن سالن بعد وبا ايندي آهي ڪورونا جي عالمي وبا کان پهريائين 2009ع جي H1N1 وبا ۾ اندازو آهي ته ڏيڍ سال ۾ ڇهه ڪروڙ ماڻهون متاثر ٿيا جن مان اٽڪل 15,000 تائين مري ويا جن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ نوجوانن جي هئي. انڪري ڪورونا جي نقصان جوصحيح ڪاٿو هڪ سال کان پوءِ ڪري سگهبو.1918ع کان 1920ع ۾ اسپيني زڪام جي عالمي وبا ۾ دنيا جي ان وقت جي چوٿون حصو آبادي يا 50 ڪروڙ ماڻهو بيمار ٿيا هئا جن مان اٽڪل ڏهون حصو موت جو شڪار ٿيا هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا جي ڀيٽ 1957ع جي H2N2 جي وبا سان ڪري سگهجي ٿي جيڪا سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ مان ٿيندي آمريڪا پهتي هئي جنهن۾ سڄي دنيا ۾ 11 لک ۽ آمريڪا ۾ 116000 ماڻهو مري وياهئا. هن سال خطرو آهي ته اولمپڪس 2020ع جيڪا جپان ۾ ٿيڻي آهي ۽ جنهن جي ڏياٽي خميس ڏينهن يونانين جپانين حوالي ڪري ڇڏي آهي سا ملتوي نه ڪرڻي پوي ۽ جي وبا ڊيگهه پڪڙي ته حج به متاثر ٿي سگهي .
دير يا سوير انسانذات ڪورونا مان ته پار پئجي ويندي پر پويان ڪيئي سبق سکڻ لاءِ ڇڏي ويندي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته چين جي حڪومت انڪري جلد ڪامياب ٿي جو هو ٻن مهينن تائين 93 ڪروڙ ماڻهن کي گهرن ۾ هڪٻئي کان الڳ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ حڪومت اهو فيصلو ترت ڪيو. سنڌ جي حڪومت ان سلسلي ۾ پيش قدمي ڪئي آهي. بلوچستان، گلگت بلتستان به سنڌ جي نقش قدم تي هلڻ جو اعلان ڪيوآهي پر باقي صوبا اڃان ٻڏتر جو شڪار آهن.
اٽڪل 25 سال اڳي پنهنجي دوست نصير شيخ جي گهر پروجيڪٽر تي ڏٺل انگريزي فلم ياد اچي وئي جنهن جونالو Demolishing Man هو ۽ جنهن۾ اسٽالون سلويسٽر هيرو ۽ ويسلي سنائيپس هيروئن هئي. اها لاس اينجلس جي ڏوهن تي فلمائي وئي هئي . هيرو ڏوهن جو بي تاج بادشه هو ۽ کيس پوليس آفيسر جنهن جو ڪردار هيروئن ادا ڪيو هو پڪڙي جنم ٽيپ ڏياري هئي پر کيس جيل ۾ وجهڻ بدران 36 سالن لاءِ ٿڌ ۾ ڄمائي قيد ڪري مٿس تجربا ڪيا ويا. 2032ع ۾ جڏهن سندس سزا پوري ٿيڻ تي کيس پگهرائي آزاد ڪيو ويو تڏهن دنيا بدلجي چڪي هئي. لاس اينجلس ۽ سان ڊائيگو گڏجي نئين رياست سان اينجلس بنجي چڪي هئي. شهر ڏوهن ۽ دونهين کان پاڪ هو ۽ ماحول صاف سٿرو هو. ڪارون بي آواز بنجي چڪيون هيون ۽ ماڻهن هٿيار ڪونه ڏٺا هئا ڇوته اهي ميوزيم جي زينت بنجي چڪا هئا. قسم کڻڻ ۽ ماڻهن کي ڇهڻ قانوني طور ڏوهه هيو. ڇوته هڪٻئي کي ڇهڻ سان بيماريون پئدا ٿي رهيو هيون. پر ننڊ ۾ ستل قيدي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي هئي ۽ هو سزا پوري ٿيڻ بعد ميوزيم تي حملو ڪري هٿيار کڻي شهر ۾ پنهنجي ڪرت سان لڳي ويندوآهي.
چين الزام هنيو آهي ته ڪورونا وائرس آمريڪا جي ليبارٽرين مان ٺاهي فوجين ووهان ۾ ڦٽو ڪيو آهي ۽ ٽرمپ پريس ڪانفرنس ۾ انکي ڪورونا بجاءِ چائنا وائرس سڏيو آهي جنهن تي مٿس صحافين نسل پرستي جو الزام پڻ هنيو ۽ سوالن جي بوڇاڙ ڪئي. انجي ابتڙ ڪن ماهرن جي ڪٿ موجب اهو ماحولياتي گدلاڻ جي پئداوار آهي. هن بحران جي دور ۾ هوائي سفر۽ ماحول دشمن فيڪٽريون بند ٿيڻ سبب فضا صاف ٿي رهي آهي. هڪ آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ڊاڪٽر ٿامس ڪومين جو چوڻ آهي ته جڏهن حياتياتي سيل يا گهرڙا زهريلي مادي سان ڀرجي وڃن ٿا تڏهن هو ماحول ۾ زهر خارج ڪرڻ شروع ڪن ٿا جنهن کي اسان وائرس سڏيون ٿا. هن دعوي ڪئي آهي ته گذريل ڏيڍ صدي جي عالمي وبائن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي وبائون ڌرتي تي ڪنهن نئين اليڪٽرو ميگنيٽڪ شعائن جي متعارف ڪرڻ کان پوءِ نمودار ٿيون ۽ ڪورونا وائرس جي وبا 5G جو نتيجو آهي ۽ ووهان دنيا جو اهو شهر آهي جيڪو 5G سان راس آهي پر ٻين ماهرن ان کي رد ڪيو آهي.
ڪورونا جي نمودار ٿيڻ جو سبب ڪهڙو به هجي پر ڪورونادنيا کي بيهاري انسانن کي هڪٻئي کان الڳ ٿلڳ ڪري اڪيلائي ۾ ڪجهه سوچڻ تي مجبور ضرور ڪيو آهي ته وڌندڙ آبادي، ٻڍڙن جي وڌندڙ تعداد، عالمگيريت، ماحولياتي گدلاڻ، غربت، ڳتيل شهر، اميرن ۽ غريبن وچ۾ وڌندڙ معاشي فرق، حڪومت ڪرڻ جا موجودهه مدي خارج طريقا، هٿيارن ۽ جنگين تي وڌندڙ خرچ، صحت۽ تعليم تي ٿيندڙ معمولي خرچ ۽ زندگي گذارڻ جا غير سائنسي دڳ جٽاءُ ڪري نه سگهندا ۽ انهن کي لازمي تبديلي مان گذرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

4 Responses to ڪورونا جا سبق

  1. nisar ahmed says:

    Dr very informative article

  2. Dr. Saeed Memon says:

    Dear Bakhat,
    Your this topic is also time tested and highly valuable as usual,
    Hope you will continue such writings for our youngsters and our fallen-asleep society.

    Looking forward for your new topic.

    Best regards
    Dr. Saeed Memon

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *