تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪنھن در ڏجي دانھڙي

ويچاري ننڌڻڪي سنڌ، جنھن تيرھن سالن جي جمھوري دور ۾ جيڪي ترقيون ڪيون، انھن جو پول ھن مون سون ۾ پڌرو ٿي پيو آھي. ڪاڇي جي ٻوڏ ھجي، ڪراچي ھجي يا وري سنڌ جي پوئتي پيل ضلعن بدين يا ميرپورخاص جا پراڻ جي ڪنڌيءَ وارا ڳوٺ ھجن، جمھوري دورن جي ترقي جا جلوا جرڪي اٿيا آھن. اڌ کان وڌيڪ سنڌ ٻوڏ ۾ غرق لڳي پئي آھي، ڪاڇو، ڪراچي، بدين ۽ ميرپورخاص جا ماڻھو دربدر خاڪ بسر آھن.
ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال وارين گذرگاھن، نئين، ندين ۽ نالن تي لساني تنظيم ۽ طاقتور ڌرين پاران قبضا ڪري گھر ن جون عمارتون ۽ بلڊنگون ٺاهي پاڻي جي نيڪال جا لنگھه بند ڪيا ويا آھن، جنھن سبب برساتن ۾ سامونڊي ڪناري وارو سنڌ جي راڄڌاني جو ھي ميٽروپوليٽن سٽي پاڻ سمنڊ بڻجي ويندو آھي، پر گھڻن سالن تائين برساتون نالي ماتر ٿيڻ ڪري ويجھڙائي ۾ ھن شھر سان اھڙي ويڌن نھ ٿي ھئي، جھڙي ھن مون سون ۾ ٿي آھي. ھڪ طرف نسل پرست تعصبي اردو ميڊيا پنھنجي پراڻي راڳ کي برساتن جي بھاني وري زوروٺرايو آھي ته ٻئي طرف وري اسان جي سنڌي پ پ جي حامي ليکڪن ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽن ان جي جواب ۾ پنھنجون سموريون توانايون ايم ڪيو ايم ۽ اردو ميڊيا جي پروپيگنڊا جو جواب ڏيڻ ۾ لڳائڻ شروع ڪيون آھن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ اردو ميڊيا جي پروپيگنڊا پويان ھڪ خاص سنڌ دشمن ايجنڊا آھي جنھن کي طاقتور ڌرين جي مدد حاصل آھي ۽ ان تي ھر سنڌي جو رت ٽھڪڻ فطري ڳالھه آھي، پر ھن وقت لساني تضاد کي اڀارڻ انھن ڌرين جي ايجنڊا کي ڪامياب ڪرڻ برابرآھي، جيڪي سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن کي ويڙھائي پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاھن ٿيون. بظاھر نظر ايئن اچي رھيو آھي تھ پ پ توڙي ايم ڪيو ايم امڪاني بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ پنھنجي عوام جي جذبن کي ٻارڻ طور ڪتب آڻي رھيون آھن.
اگر پ پ کي سنڌ جي وسيلن جي حفاظت ڪرڻي آھي تھ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جي مالڪي ڪري جن تي وفاق قبضو ڪرڻ جي تيارين ۾ آھي، پر پ پ ان تي ھڪ حرف بھ ناھي ڪڇيو. ٻئي طرف پ پ جو ميڊيا وسيلي فوڪس رڳوڪراچي تي آھي، پر اتي بھ سنڌ حڪومت جوڪم نظر نٿو اچي. چڱو ڀلا ڪراچي ۾ اوھان بيوس آھيو، پر باقي سموري سنڌ ۾ اوھان کي ڪم کان ڪنھن روڪيو آھي؟
اوھان تيرھن سالن ۾ پنھنجي وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ ڀوتارن وسيلي سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪئي، ان تي پردو وجھڻ لاءِ اوھان رڳو ھڪ ثقافت کاتي جي وزارت کي استعمال ڪري سنڌ جي قلمڪارن جي قلم کي مڏو ڪرڻ جو ڪم ڪيو ۽ انھن جا وات بند ڪرڻ لاءِ چوڳو کارايو، پر قدرت جي نظام سڀ پول پڌرا ڪري ڇڏيا. ميرپورخاص ۽ بدين جي شھرن توڙي ٻھراڙين جي آبادي جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن. 24 ۽ 25 آگسٽ تي 23 ڪلاڪن تائين بدين، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن ۾ لڳاتار ھلندڙ 200 ملي ميٽرن تائين برسات تباھي مچائي ڇڏي آھي. ميرپورخاص ڊويزن ۾ فصل سڀ پاڻي ٿي ويا آھن ھاري ناري ٻڏي ويا ۽ اھي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آھن. جھڏي تعلقي مان پراڻ ندي لنگھي ٿي، مين ايل بي او ڊي جي اسپائنل ڊرين جھڏي ۽ نبي سر روڊ سيلھور وٽان گذري روشن آباد بعد پنگرئي وٽان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان ۾ سانگھڙ، ٽنڊي الھيار، نوابشاھ، خيرپور جون سم ناليون، سنڌڙي وٽان داخل ٿين ٿيون. ھاڻي ڊرينيج ۽ اريگيشن کي الڳ ڪيو ويو آھي. ڊرينيج وارن پاران نيون ننڍيون سم ناليون ڪڍيون ويون آھن. ميرپورخاص مين ڊرين، پراڻ ۽ ايل بي اوڊي سرائي گاڏ ڪوٽ مير جان محمد وٽ ھڪ جاءِ تي گڏ ٿين ٿا، انھن جي ڪيپيسٽي ايتري پاڻي جي نھ ھجڻ ڪري اھو پاڻي اٿلي واپس وري ٿو ۽ پوءِ سم نالن ۽ شاخن ۾ گھارا پون ٿا. اڳ ۾ علائقي ۾ جيڪي قدرتي ڍورا، ڇنڊڻون ۽ پراڻ جا پاڻي لنگھه ھئا، اھي برسات جو پاڻي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائيندا ھئا ۽ اڳ ڪڏھن بھ ائين ٻوڏون نھ اينديون ھيون، پر جڏھن 88ع کان ايل بي او ڊي شروع ٿي تھ ان انھن قدرتي ڍورن کي ڊسٽرب ڪري ڇڏيو. ان جو مثال ھي آھي تھ جھڏي وٽان ڍوري پراڻ کي ڪوٽ مير جان محمد وٽ مين اسپائنل ڊرين سان ملايو ويو آھي. جڏھن تھ اھا اتان سڌو پنگرئي وٽان گذري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي، اتان بند ڏنو ويو آھي ھيٺ پراڻ ۾ ڪو ڇوڙ ڪونھي. سڄو پاڻي مين اسپائنل ڊرين ۾ وڃي ٿو، جنھن ۾ ايتري پاڻي جي ڪيپيسٽي ڪانھي، جنھن ڪري بند ٽٽي پون ٿا ۽ ٻوڏون اچن ٿيون.
2011ع جي ٻوڏ کان پوءِ آصف زرداري پنھنجي دور ۾ پروگرام ڏنوھو تھ پراڻن سم نالن جي صفائي وڃي ۽ جتي سم نالا ناھن اتان نوان سم نالا ٺاھي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي. ان حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ بدين، ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ نوابشاھ ۾ غلط پلاننگ سان نوان سم نالا کوٽيا ويا، ان جو نتيجو اھو نڪتو تھ ھاڻي جڏھن برسات پوي ٿي تھ شاخن، واھن جو پاڻي انھن سم نالن مان ٿي مين سسٽم ۾ شامل ٿي وڏي پريشر سان ميرپورخاص ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ انھن سڀني ڍورن ۽ سم نالن جو لنگھه جھڏي مان ٿئي ٿو، جنھن ڪري ھر برسات ۾ ھن علائقي وارا سم نالن جا بند ٽٽڻ سبب مصيبتن کي منھن ڏيندا اچن ٿا. ٻئي طرف ڍورونارو کان ھاڪڙو ڍورو چيل بند، ٿر نبي سر ۽ نئون ڪوٽ کان اچي ان ئي اسپائنل ڊرين ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جنھن ڪري پاڻي اوور فلو ڪري ٿو. ان ڍوري جو ڇوڙ اتي ممڪن ڪونھي، جنھن ڪري نئون ڪوٽ جو ھيٺيون پاسو تمام گھڻو ٻڏي وڃي ٿو. ان کان علاوه 2011ع ڊسٽرڪٽ بدين وٽان سنجر چانگ کان ھڪ نصير ڊرين کوٽي وئي آھي، جيڪا ڦرھي ريگيوليٽر وٽان اچي ٿي، اھا بھ جھڏي وٽ ايم ايم ڊرين ۾ شامل ڪئي وئي آھي. ايڏا سارا ڊرين جا سسٽم ھڪ ھنڌ اچي گڏ ٿين ٿا، جنھن ڪري سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو آھي. سسٽم ۾ تمام گھڻي ڪرپشن آھي، تمام گھڻيون خرابيون آھن، جنھن سبب عوام سھولتن بدران تڪليفن ۾ مبتلا آھي. ان سموري تڪليف واري صورتحال باوجود اڃا تائين سنڌ سرڪار پاران علائقي جي ٻوڏ متاثر بي گھر ٿيل ۽ کليل آسمان ھيٺان روڊن تي ويٺل سوين خاندان لاءِ ڪنھن بھ رليف جو اعلان نھ ڪيو آھي. صرف ايترو ٿيو آھي تھ مين سم نالي جو ڪنٽرول آرمي سنڀاليو آھي ۽ ڪجھه گھارا بند ٿيا آھن.

،

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *