تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ڪمزور ٿيل قانون ۽ ڪچي جون ڪيٽيون

هڪ دفعو ٻيهر اتر سنڌ جي پنجن ضلعن شڪارپور، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ۾ ڌاڙيلن جي دهشت اڌ سنڌ جي هزارين ماڻهن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. خاص طور هن وقت شڪارپور ضلعي جو ڳڙهي تيغي جو اٺ ايڪڙن وارو علائقو باقي سموري سنڌ جي اٽڪل ڏيڍ لک چورس ڪلوميٽرن واري سنڌ کي يرغمال بڻايو ويٺو آهي، جتي ڏوهارين جون ڪيٽيون ۽ قانون آهي پنهنجون عدالتون ۽ پنهنجون سزائون آهن. هن کان وڌيڪ سنڌ جي عوام جي ٻي ڪهڙي بدبختي ٿي سگهي ٿي جو سندن ئي ووٽن سان چونڊيل حڪومت کين ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جتي شڪارپور جي ڳڙهي تيغي کان ڪشمور ۽ گهوٽڪيءَ جي ڪچي تائين وارا سمورا علائقا نه ختم ٿيندڙ خوف ۽ دهشت جي ور چڙهيل آهن، جتي هڪ طرف حڪومت جي رٽ ڪمزور ٿيل لڳي ٿي. انتهائي اعتماد جوڳن پوليس ذريعن وٽان مليل معلومات موجب هن وقت شڪارپور جي ڳڙهي تيغي ۽ ڪشمور جي ڪچي واري علائقن ۾ ماڻهو اغوا ڪندڙن جا ڪل 7 وڏا گروهه سرگرم آهن، جن مان وڏي اڪثريت شڪارپور جي ڳڙهي تيغي جي آهي جتي چار وڏا ٽولا سرگرم آهن. سوال اهو آهي ته سرڪار جي ايڏي طاقتور مشينري هوندي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل ڪيئن ايترا سگهارا ٿي وڃن ٿا جو اهي انتهائي بي خوفي سان رياستي رٽ چئلينج ڪندي پوليس ۽ قانون جو مذاق به اڏائين ٿا ته سر تي اچڻ وقت پنهنجي خلاف ٿيندڙ آپريشن ۾ اهلڪارن کي موت جو کاڄ به بڻائين ٿا. هن وقت به ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي مان 8 گهوٽڪي ضلعي مان 5 سکر مان 3 خيرپور مان 2 جڏهن ته جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز مان هڪ هڪ مغوين سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان 21 ماڻهو اغوا ٿيل آهن جن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي انهن ۾ ڪو به اهڙو مغوي نه آهي جيڪو وڏو پئسي ڏوڪڙ وارو هجي. هي منظرنامو ڪيئن ۽ ڇو جڙيو آهي؟ هي سنجيده سوال آهي جنهن تي پوليس قيادت کان ويندي سنڌ حڪومت کي گڏجي سوچڻ گهرجي ڇو ته هن وقت رڳو پوليس جي ساک ئي داءُ تي ناهي پر سنڌ حڪومت جي بنيادي آئيني ۽ قانوني ذميواريءَ جو به سوال ڪر کنيو بيٺو آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم معاملو عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي. ڌاڙيلن ڪيئن ٻيهر مضبوط پناگاهون جوڙي ورتيون، کين ڳرا ۽ بليٽ پروف گاڏين ۾ به سوراخ ڪندڙ هٿيار ڪهڙن ذريعن کان ۽ ڪٿان پهچن ٿا سندن سهولتڪار ڪير آهن پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏوهن جو سنڌ مان مڪمل صفايو ڪرڻ جي نيت ضروري آهي. ڇوته پراڻي دور ۾ دادو، مٽياري، خيرپور، گهوٽڪي ۽ سکر علائقن ۾ ڌاڙيلن جا انيڪ ٽولا هوندا هئا جن سنڌ واسين جو ساهه مٺ ۾ ڪري رکيو هو. پر جڏهن وقت جي حڪومت نيت ۽ ارادو ڪيو تڏهن ڌاڙيل ماضي جو قصو بڻجي رهجي ويا. هاڻي به جيڪڏهن حڪومت قانون جي ان رٽ جي بحالي خاطر بهتر رٿابندي نه ڪئي ته ڪابه ڪارروائي نتيجا ڏيندڙ ثابت نه ٿي سگهندي ڇوته ويجهڙ واري عرصي ۾ پوليس جون اهي ناڪاميون ڏسي اهو تاثر جڙڻ فطري آهي ته يا ته پوليس اهي ڪارروايون بي دلي سان ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ حڪمت عملي ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن جي کوٽ جو شڪار آهي جنهن جو زنده مثال اهو آهي جو ڪچي ۾ هن وقت ڌاڙيلن ۽ سردارن جي اڻ اعلانيل حڪومت آهي جتي ڊي ايس پي سطح جي آفيسر جي شهادت بعد به سردارن مٿان بار رکي ڏوهاري سوگها ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو پر ڌاڙيلن خلاف سڌي ڪارروائي کان لنوايو وڃي ٿو. ٻئي طرف سنڌ جا وزير مشير امن امان جي بهتر صورتحال جون وڏيون دعوائون ڪن ٿا پر شعور رکندڙ سنڌ جا نوجوان تڪ جي چونڊيل نمائندن انهن وزير مشيرن کان اهو ئي سوال ڪن ٿا ته چوريون، ڦرون، قتل، ٻارن سان جنسي ڏاڍاين جا واقعا جهڙي نموني ويجهي عرصي ۾ ٿيا آهن جيڪڏهن اهي بدامنيءَ جي دائري ۾ نٿا اچن ته پوءِ خبر ناهي بدامني ڇا کي چئبو آهي؟
شڪارپور سميت سموري سنڌ جي ماڻهن جي سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي اعليٰ ڪماني شڪارپور کي اها ئي گذارش آهي ته دعوائن بجاءِ حقيقتن جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي جيتري حد تائين بدامني آهي، گهٽ ۾ گهٽ اوترو ته اعتراف ڪرڻ گهرجي، غلطين مان سبق سکڻ سان گڏ ادارتي اهليت کي وڌائڻ، ڏوهارين جي خاتمي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ کاتي اندر موجود ڪارين رڍن جو خاتمو ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *