تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

ڪشمير- جتي موت، زندگي کان گوءِ کڻي رهيو آهي!

بارامُولا جي هڪ ڳوٺ ۾ ساجا بيگم ان وقت رات جي ماني تيار ڪري رهي هئي، جڏهن سندس پٽ رڌڻي ۾ آيو، هن جي چهري تي شديد تڪليف جا تاثرات هئا، هن چيو، “امان! مونکي نانگ ڏنگيو آهي، آئون مري رهيو آهيان.” ساجا بيگم ايمبولينس گهرائڻ لاءِ فون به نه ڪري سگهي، ڀارتي حڪومتي ڪشمير جا سمورا فون نيٽ ورڪ بند ڪري ڇڏيا هئا. اتان ئي ساجا بيگم ۽ سندس ڪٽنب جي اها 16 ڪلاڪن واري جدوجهد شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ کين پنهنجي 22 ورهين جي جوان پٽ کي بچائڻ لاءِ نانگ ڪکئي جي ويڪسين هٿ ڪرڻي هئي، نوجوان جي ڄنگهه سڄڻ لڳي ۽ هو بيهوش ٿي ويو هو.
ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ٿئي 2 مهينا ٿي چڪا آهن، ان دوران لاڪ ڊائون سبب مواصلاتي رابطا ڪٽيل ۽ فون لائينز بند هجڻ سبب ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جيڪي ڪئنسر مريض آن لائين دوائون گهرائيندا هئا، اهي هاڻ آرڊر نٿا نڪري سگهن. فون سروس بنا ڊاڪٽر هڪٻئي سان ڳالهائي نٿا سگهن ۽ موت جي منهن ۾ پيل مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪنهن اسپيشلسٽ کان راءِ نٿا وٺي سگهن ۽ جيئن ته ڪشميرين جي اڪثريت وٽ لينڊلائين فون ناهن، ان ڪري هو مدد لاءِ ڪنهن کي ڪال به نٿا ڪري سگهن.“گهٽ ۾ گهٽ درجن کان وڌيڪ ماڻهو ايمبولينس لاءِ ڪال نه ڪرڻ توڙي وقت سر اسپتال نه پهچڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن، انهن ۾ اڪثريت دل جي مريضن جي هئي.” ڪشمير جي اسپتال جي ڊاڪٽر سعادت ٻڌايو. ڪيترن ئي ڪشميري ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڀارتي فوجي کين حراسان ڪري ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٻئي پاسي ڀارتي عملدار اهڙن الزامن کي رد ڪندي چون ٿا ته اسپتال فعال آهن ۽ معمول جون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن. صحت جي عملي توڙي مريضن کي چيڪ پوسٽن تان لنگهڻ لاءِ خصوصي پاس جاري ڪيا وڃن ٿا. هڪ سرڪاري عملدار روهت ڪنسال جو چوڻ هو ته، “پابندين سبب هن مهل تائين ڪابه فوتگي نه ٿي آهي.” پر ڪيترن ئي ڊاڪٽرن اسپتال جي رڪارڊ مان ٻڌايو ته سوين ماڻهو ايمرجنسي مدد نه ملڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن، رابطا ڪٽيل هجڻ ۽ ايمبولينس نه هجڻ جيڪري پڻ جانيون ضايع ٿيون آهن. لاڪ ڊائون کان اڳ هڪ واٽس ايپ گروپ “سيوَ هرٽ اِنيشيئيٽو” جي نالي سان 13 هزار کان وڌيڪ دل جي مرضن ۾ مبتلا مريضن جي مدد ڪري هڪ نئون مثال قائم ڪيو هو. ان گروپ ۾ سوين ڪشميري ۽ امريڪا ۾ موجود ڊاڪٽر شامل هئا پر انٽرنيٽ بند هجڻ سبب اهو گروپ به غير فعال آهي.
سري نگر جي شري مهاراجا هري سنگهه اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته گذريل ٻن مهينن دوران دوائن جي کوٽ توڙي پابندين سبب آپريشن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ڪيترن ئي جونيئر ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته موبائل فون سروس بند هجڻ سبب هو سينيئر ڊاڪٽرن جي مدد حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن ۽ هڪ اسپتال کان ٻي اسپتال کين ڳولهڻ لاءِ ڊوڙڻ ۾ ڪيترو ئي قيمتي وقت ضايع ٿي رهيو آهي.
وقت ته ساجا بيگم جي ڪٽنب جي هٿن مان به نڪري رهيو هو.
13 آگسٽ تي عامر فاروق ڊار ڪاليج بند هجڻ سبب بارامولا ۾ پنهنجي ڪٽنب جون رڍون چاري رهيو هو ته کيس زهريلي نانگ ڏنگ وڌو. نانگ ڏنگيل اڪثر مريضن جي جان بچائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڏنگ جي ڇهن ڪلاڪن دوران کين اينٽي وينم انجيڪشن لڳائي وڃي. ساجا بيگم پنهنجي پٽ جي ڄنگهه ۾ رسي ٻڌي ته جيئن زهر کي جسم ۾ ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي. پوءِ هوءَ پٽ کي سهاري سان وٺي ڳوٺ جي صحت مرڪز پهتي. پر اهو بند هو. هن رڙيون ڪري مدد لاءِ پڪاريو ۽ سواري وسيلي بارامولا جي اسپتال پهتي پر ڊاڪٽر مدد کان لاچار هئا، کين اينٽي وينم هٿ نه آئي. پوءِ هنن هڪ ايمبولينس هٿ ڪئي ۽ پٽ کي سري نگر جي اسپتال کڻائي ويا. رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي فوجين پاران کين روڪيو ويو. عامر ڊار جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون، هن جهيڻي آواز ۾ ماءُ کي ٻڌايو ته هن کي پنهنجي ڄنگهه محسوس نٿي ٿئي. 2 ڪلاڪ گذري چڪا هئا.
5 آگسٽ تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ٿيڻ ۽ لاڪ ڊائون ٿيڻ بعد سڀ کان وڌيڪ متاثر مريض ٿيا. جڏهن عمر سليم نالي هڪ ڊاڪٽر سائيڪل تي اهو بئنر کڻي نڪتو ته فون لائين ۽ انٽرنيٽ بحال ڪريو ته کيس فوري طور گرفتار ڪري بعد ۾ انهيءَ چتاءُ سان ڇڏيو ويو ته هو آئنده اهڙي حرڪت نه ڪندو. سرينگر اسپتال جي هڪ ڪارڊيالوجسٽ ٻڌايو ته تازو ئي سندن اسپتال ۾ دل جي دوري جو مريض آيو، جنهن جو فوري آپريشن ڪرڻو هو، پر ٽيڪنيشن ڪونه هو. ٽيڪنيشن کي گهرائڻ لاءِ فون جي سهولت نه هئي سو ماڻهو ڊوڙايو ويو، جنهن کي سندس گهر جي خبر ڪونه هئي. هو پڇائيندو پڇائيندو وڃي هن تائين پهتو، اهڙي ريت مريض جي جان ته بچائي وئي پر “ڪشمير کي پٿر جي دور ۾ اڇلايو ويو آهي.”
ڪيترن ڪشميري ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻار ۽ ڳورهاريون عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. گذريل مهيني رضيه خان نالي هڪ ڳورهاري عورت کي سُور ٿيا، هو ۽ سندس مڙس بلال ڏورانهين ڳوٺ ۾ رهندڙ غريب ماڻهو هئا، جتان ويجهي اسپتال به ست ميل پري هئي پر فون بند هجڻ سبب هو ايمبولينس نه گهرائي سگهيا ۽ پنڌ روانا ٿيا. عورت جي حالت خراب هجڻ سبب کين اسپتال پهچڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويا پر جڏهن هو اتي پهتا ته ٻار عورت جي پيٽ ۾ فوت ٿي چڪو هو.
ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اينٽي وينم جي ڳولا ۾ دربدر ٿيڻ کانپوءِ عامر ڊار جو ڪٽنب آخر سري نگري جي سُورا اسپتال پهتو. جتي بري خبر سندن منتظر هئي، اينٽي وينم اتي به ڪانه هئي. سري نگر ۾ اهو ڪٽنب چرين وانگر هڪ ميڊيڪل اسٽور کان ٻئي تائين ڦرندو رهيو پر اينٽي وينم نه ملي. هو آرمي ڪئمپ جي در وٽ پهتا پر کين ٻئي ڏينهن اچڻ لاءِ چيو ويو. هر ڀيري ناڪام ٿيڻ تي ساجا بيگم رڙيون ڪري پنهنجي مڙس کي چيو ته، “هر شيءَ کپائي ڇڏ پر منهنجي پٽ کي بچاءِ!” فاروق ڊار ٻڌايو ته، “هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پاڻ کي ايترو بي يارومددگار محسوس نه ڪيو هو، هڪ خنجر هو جيڪو منهنجي سيني ۾ لهندو پئي ويو.” ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي 10 وڳي، جڏهن عامر ڊار کي نانگ ڏنگئي 16 ڪلاڪ ٿي چڪا هئا، هو فوت ٿي ويو. هن جا وارث 55 ميل سفر ڪري ايمبولينس ۾ سندس لاش کڻائي گهر پهتا.
Courtesy : NYTimes

Bookmark the permalink.

One Response to ڪشمير- جتي موت، زندگي کان گوءِ کڻي رهيو آهي!

  1. Ahaa, its fastidious dialogue concerning this piece of
    writing here at this blog, I have read all that, so at this time me also commenting here. https://khebranet.com/adobe-photoshop-lightroom-cc/

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *