تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

ڪرلائيندڙ ڪونجون، مسنگ پرسنز جون مائرون

هاڻي جڏھن سانوڻ نئين گرج سان گڙڻ شروع ڪيو  آھي، جڏھن ڀٽ ڀٽ تي  ٿوهرن ولڙين کي ڳولڻ شروع ڪيو آھي  ۽ ڪوئلون ڪنهن  گم ڪيل ڪارڪن جي ماءُ جيان دانهين دانهين ٿڪي وڻن تي ننڊ پيون آھن، جڏھن ڪارونجهر جي ڪور تي ڪڪر ڪنهن ڪاري پرچم جيان لهرائي رهيا آھن ته ان ويلي سنڌ جي گم ڪيل ڪارڪنن جون مائون سندن ٻچڙن جي موٽي اچڻ لاءِ ٻاڏائي رهيون آھن.جيتوڻيڪ ڪنهن ماءُ لاءِ سندس ٻچي جي هڪ پل جي جدائي به سالن برابر هوندي آھي ليڪن  هتي ڪيترائي اهڙا نوجوان آھن جن کي گم ٿيندي سالن جا سال ٿيا آھن انهن جي اڃان تائين ڪا به خبر ن آھي ته هو ڪٿي آھن ۽ڪهڙن حالن ۾ آھن، زنده به آھن يا مري چڪا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ڪي خوشنصيب نوجوان سالن جا سال ڀيانڪ تنهائين جو قيد ڪاٽي پوڙھائپ ۾ تڏھن موٽايا ويندا آھن جڏھن انهن جون مائرون انهن لاءِ  روئي روئي انهن گهرن جي اڱڻن مان هميشھ موڪلائي وڃي قبر جي هنجھه ۾  سمهي چڪيون هونديون آھن ۽ انهن گهرن ڳوٺن يا وري شھرن جا اڳوڻا نقشا ئي بدلجي چڪا هوندا آھن. سنڌ ۾  قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ جا واقعا جنرل ضيا جي مارشلا جي ڏينهن ۾ شروع ٿيا. جنرل ضيا جي مارشلا  ۾ ذوالفقارعلي جي ڦاسي کان پوءِ  عوام ۾ جيڪو شديد ردعمل سامهون آيو ان کي دٻائڻ خاطر نه فقط قومي ڪارڪنن ليڪن عام ماڻھو کي هيسائڻ خاطر ڳلي ڳلي ، چوڪ چوڪ ۽شهر شهر ۾ فوج چرپر ڪندي نظر ايندي هئي. ان زماني ۾  سنڌ جي يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ شاگردن جي سياسي چرپر تي مڪمل پاپندي هوندي هئي، جيڪڏھن ڪنهن شاگرد اڳواڻ ڪنهن ميڙاڪي يا درسي پروگرام ۾ سنڌ جي  ڳالھه ٿي ڪئي ته مٿس نه فقط بغاوت جوڪيس ٿي داخل ٿيو ليڪن قيد ۽ ڪوڙن جون سخت سزائون به ڏنيون ٿي ويون. ٽوڙي ڦاٽڪ ۽ پنهل خان چانڊيو ڳوٺ جا واقعا ضيا جي بدترين مارشلا جا وڏا سانحا آھن.
 ان دوران جيئي سنڌ تحريڪ جنهن جو انهن بدترين ۽ مشڪل حالتن ۾ هڪ وڏو اڀار اڀري رهيو هو ان کي ڪچلڻ لاءِ قومي ڪارڪنن کي ريسيٽيڪيٽ ڪرڻ تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏيڻ ،بغاوت جي نالي ۾ مٿن ڪيس داخل ڪري سخت سزائون ڏيڻ ۽ کنڀي گم ڪرڻ جهڙيون حرڪتون  شروع ڪيون ويون.   انهن ئي ڏينهن دوران 80 کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ نظير عباسي جو عدالتي ڪارروائي بغير پر اسرار  قتل اهڙن واقعن جي شروعات جو مثال آھي .
جنرل ضيا جي مارشلا ۾ ان وقت وڌيڪ سختي پيدا ڪئي ويئي جڏھن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿيڻ لڳي، ان دوران نه فقط مزاحمتي ادب تي لکيل ڪتاب ضبط ڪيا ويا گڏوگڏ مزاحمتي ادب لکڻ تي ان دور جي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن کي قيد ڪيو ويو جن ۾ شيخ اياز کان ويندي رشيد ڀٽي تائين طارق اشرف کان ويندي اسماعيل اداسي تائين ڪيترائي شاعر ۽ اديب جيلن ۾ واڙيا ويا. اخبارن ۽ رسالن ۾  مزاحمتي نثر يا شاعري ڇپجڻ تي پاپندي لڳل هئي جيڪڏھن ڪنهن اخبار يا رسالي اهڙو مضمون يا شاعري ڇپي ته ان کي فورن بند ڪري ان جي ايڊيٽر کي جيل موڪليو ويندو هو، جنهن ڪري اخبارون ۽ رسالا اهڙي ادب کي شايع ڪرڻ کان لنوائيندا هيا. ان دوران ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون مزاحمتي ادب شايع ڪرڻ سبب بند ڪيا ويا، ضيا جي ماشلا جو سارو دور سياسي چرپر کي ڪچلڻ ۾ صرف رهيو ۽ اهو ئي دور قومي ڪارڪنن توڙي پيپلز پارٽي جي  حامي ماڻھن لاءِ انتهائي مشڪل ۽ ڏکيو دور رهيو. ان ئي دور ۾جماعت اسلامي جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم جو بنياد وجهي ڪراچي توڙي حيدرآباد جهڙن وڏن شھرن ۾ لساني جڳهڙن جو بنياد وڌو ويو. ايم ڪيو ايم اڳيان هلي سنڌي ماڻھن جي سامهون بيهاري ويئي، مهاجر آبادي وارن علائقن ۾ مقيم سنڌي ماڻھن کي تڪليفون ڏنيون ويون ته جيئن هو اتان نڪري وڃن،  نه نڪرڻ جي صورت ۾ سندن جائيدادن يا وري گهرن تي قبضا ڪري کين اتان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. آئون سياست جي ماضي ۾ ڀٽڪڻ کان پوءِ ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ته مون کي اها پوڙھي عورت نظر ٿي اچي جيڪا پنهنجي پٽ جو فوٽو کڻي پريس ڪلب جي ٻاهران ٻاڏائيندي ٿي رهي سندس چهري جي لڪيرن ۾ درد جو عڪس  چٽو محسوس ٿيڻ ٿو لڳي.
پگهر پوڙھي جي چهري مان ايئن ٿي ٽميو  جيئن برسات وسڻ پڄاڻان شو مندر ويجهو  ڪارونجهر پهاڙي مان پاڻي سمندو آھي، گگي پاتل اڇي وارن واري پوڙھي عورت جي جهانوريل اکين بازار جي هر ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻھو کي ڏاڍي تجسس سان ٿي ڏٺو. لڳو ٿي ته هوءَ بازار ۾ سندس گم ڪيل پٽ کي ڳولڻ ويٺي آھي. هن وڏي ڪوشش کان پوءِ سندس درد جو داستان بيان ڪرڻ شروع ڪيو، هن سندن پٽ جي گم ٿيڻ کان ان جي ڳولا جون ساريون  ڪٿائون ٻڌائيندي وڃي قصو پورو ڪيو ان کان پوءِ اوچتو هوءَ الائي ڇو ايئن محسوس ڪرائڻ لڳي ته سندس پٽ موٽائي ڏيڻ سامهون ٻڌندڙن جي وس ۾ ئي ڪونهي. هڪ سال تائين  ڪيترن ئي پريس ڪلبن اڳيان توڙي احتجاجن دوران ماڻھو ماڻھو اڳيان دانهيندي رهي آھيان پر ڪٿان به  اميد جو ڪرڻو نظر ڪو نه ٿو اچي هن لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته سندس اهو اڪيلو ئي ڪمائيندڙ پٽ ھو جيڪو سياري جي ٿڌن ڏينهن ۾ روڊ ويندي گم ڪيو ويو هو جنهن کي هاڻي وري ٻيو سانوڻ ڏٺو آھي.
ايتري ۾ آسمان تي ڪڪر ڪار ٿي ويئي تيز هوا لڳڻ سان بازار ۾ مو جود ماڻھن ۾  ڀڃ ڊڪ شروع ٿي ويئي سڀني ماڻھن برسات اچڻ کان پهريائين پنهنجي گهرن يا وري محفوظ ھندن ڏانهن وڃڻ ٿي گهريو، ڏکڻ مينهن جا ڳڙا وسڻ شروع ٿيا ڪجھه دير تائين رهندڙ ھلچل کان پوءِ بازار سنسان ٿي ويئي ڄڻ ھر ڪوئي جتان آيو هو اوڏانهن ئي هليو ويو، برسات جي گجگوڙ ۾ خبر ناهي اها پوڙھي ڪيڏانھن هلي ويئي ليڪن سندس درد جا پاڇا ڄڻ ته ساري شهر مٿان ڇانئبا ٿي ويا.
هن وقت  سنڌ ۾ ان پوڙھي عورت جيان ٻيون به  ڪيتريون ئي عورتون سندن زوري وڇوڙيل ٻچڙن جي واپسي لاءِ آنديون مانديون آھن جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ عدالي نظام  موجود آھي جتي قانون موجب هر ڏوهاري کي سزا ملندي آھي ۽  بي ڏوهي کي آزاد ڪيو ويندو آھي ان ڪري ڪنهن به ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ماڻھو کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ۽ قانوني گهرج به اها ئي آھي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ ان گرفتار نو جوان جي مائٽن کي اهو انديشو نه رهندو ته گم ڪرڻ وارا سندن ٻچڙي کي ماري ڪنهن روڊ رستي جي ڪناري کان ڦٽو ڪري ويندا. 
مون کي هڪ ٻي ياد ڪارونجهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪاسبي جي ڳوٺ ڏانهن ڪاهي ٿي وڃي راما پير جي مندر جي سامهون ڊگهن نمن جي وڻن جي هيٺان هڪ نابين همراه ملهاري ڳائي ٿو مندر ۾ پوڄاري اچن ٿا ۽ وڃن ٿا، گهنڊ گڙندو ٿو رهي مندر ٻاهران ڪيترائي مرد ۽ عورتون  مقامي جڙيون ٻوٽيون، سائو ساڳ ،کنڀيون  ۽ ڦڪين  جي دٻلين ساڻ ويٺل نظر اچن ٿا. هڪ پوڙھي عورت جنهن وٽ کنڀين جي کاري ۽ جابلو بصر آھي پاڻ انهن جي فائدن سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿي ته  روپلو سامهون ٽڪري تي وڙھيو هو هوءَ وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته هن سندن وڏڙن کان ٻڌو هو ته جڏھن تروٽ صاحب ڪارونجهر جي علائقي تي چڙھائي ڪئي هئي ته هن وڏي ويڙھاند کان پوءِ روپلي کي گرفتار ڪري بنا ڪنهن عدالتي ڪارروائي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهي تي لٽڪايو هو،اهڙي طرح ان جنگ ۾ قيد ٻين به ڪيترن ئي ماڻھن کي جن کي قيد ڪيو ويو هو انگريزن جي آڻ نه مڃڻ تي وڻن ٽڻن ۾ لٽڪائي ڦاسي ڏني ويئي هئي.
ٿري پوڙھي عورت  ٻڌايو ته هن جي عمر اسي سالن کان مٿي چڙھي چڪي آھي، هاڻو ڪو زمانو اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻوخراب آھي ڪنهن کي ڪنهن تي ڪهل ئي نه ٿي اچي، پوڙھي عورت سنڌي مارواڙي گاڏڙ ٻولي ٿي ڳالهائي جنهن جو هڪ نئون چس ٿي محسوس ٿيو ايتري ۾ اڀ تي ڪڪر ڪار ٿي ويئي ۽ مينهن جو مانڊاڻ منڊجڻ لڳو،  ڪاسبي جون ڪجهه ڪامڻيون قطار ڪري هڪ ڀٽ تان هيٺ لهي ڪنهن ترائي طرف پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي رهيون هيون،  ڪارونجهر مٿان ڪونجڙين جو ولر اڏاڻو ٿي ويو، ان ويلي مون کي هن ديس جي ڪيترن ئي امڙين جو درد جيڪو کين ڏنڀيندو ٿو رهي، ڪارونجهر مٿان اڏامندڙ ڪونجڙين جي ڪرڪ جيان گهرائي سان محسوس ٿيڻ لڳو هو، مون شفق رنگي ويل اڏامندڙ ڪونجڙين کي ڏسي هٿ اڀا ڪري چئي ڏنو، ڪامهه ۾ ڪونجڙيو ترسو مان به هلان.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *