تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي ۾ مداخلت،وفاق ۽ صوبي ۾ ڇڪتاڻ وڌائيندي

گهڻو سوچيو، ڳولا ڪئي ته ڪو هڪ دليل وفاقي حڪومت جي هن ڄاڻايل تجويز جي حق ۾ ملي سگهي ته وفاق ڇو ڪراچي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي. ان جي ابتڙ ڪيترائي دليل موجود آهن ته جمهوريت جي موجودگي ۾ ڪنهن صوبي جي معاملن ۾ وفاق ڇو مداخلت ڪري؟ ڪراچي ۾ اهڙي صورتحال نٿي ملي جو وفاقي حڪومت صوبي جي معاملن ۾ آئين جو سهارو وٺندي ان حد تائين مداخلت ڪري جو سمورو علائقو ئي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. ڪراچي هڪ مسئلي مان گذري رهيو آهي جنهن جي نوعيت مڪاني معاملن سان آهي. نالن جي صفائي مڪاني معاملو آهي. هن معاملي کي صوبائي حڪومت کي ئي منهن ڏيڻ گهرجي. ڪراچي کان وڌيڪ ته ڪجهه ٻين صوبن ۾ صورتحال خراب آهي پر ان بابت وفاقي حڪومت اکيون ٻوٽي رکي ٿي. ڪراچي ته بهانو نظر اچي ٿو. وفاقي حڪومت کي صوبائي حڪومت کان ڪا ٻي شڪايت آهي جنهن جو حل اهو ڪڍيو پيو وڃي ته ڪراچي وفاقي علائقو قرار ڏنو وڃي. هن ملڪ ۾ وفاقي حڪومتون پنهنجو پاڻ کي تيستائين مطمئن نٿيون سمجهن جيستائين سمورن صوبن ۾ وفاق ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي جون حامي حڪومتون موجود نه هجن، هي ڪهڙي وفاقي جمهوريت آهي جو صوبن ۾ پنهنجي پسند جون حڪومتون ڏسڻ چاهي ٿي. ڇا جمهوريت ان جو نالو آهي؟
مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ سدائين ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي ور چڙهيل رهندو آهي. حڪمران 73 ورهين کان عوام کي اهو چئي ڊيڄاري رهيا آهن ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. اها ڳالهه ايترا ڀيرا چئي وئي آهي جو ماڻهو هاڻي ان کي اهميت ئي نٿا ڏين. حڪمران عوام کي اهي ساوا باغ به ڏيکاري رهيا آهن ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. هنن اوچين عمارتن جي اڏاوت کي ترقي سڏي سگهجي ٿو، ڇا روڊن جي اڏاوت کي ترقي جو نالو ڏيڻ سان ترقي جي خبر پوي ٿي . جيڪڏهن عوام بکايل هجي، وٽن ڪنهن قسم جي ڪا سهولت نه هجي، کين پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه هجي، روزگار جا ذريعا نه هجن، ڪنهن قسم جون سهولتون موجود نه هجن ته ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. پاڪستان چئن صوبن جو هڪ وفاق آهي. هن وفاق ۾ پهرئين ڏينهن کان ئي صوبن ۽ وفاق وچ ۾ اعتماد جو بحران رهيو آهي جنهن سبب حڪومتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون آهن. تازي صورتحال اها آهي جو وفاق ۽ وفاق جي هڪ صوبي وچ ۾ اڳ کان موجود ڇڪتاڻ ۾ وفاق جي اهڙي تجويز تي واڌ ٿي وئي آهي ته ڪراچي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت آئين جي هڪ شق جو سهارو وٺندي ڪو قدم کڻي سگهي ٿي. ايئن ته هن قسم جون ڳالهيون زباني ڪلامي ٿي رهيون هيون پر جڏهن اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي موضوع تي بيان ڏنو ته سنڌ صوبي جي ماڻهن ان جي پسمنظر ۾ سنجيدگي سان محسوس ڪيو. جوابي بيانن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به پنهنجي هڪ تبصري ۾ چيو ته وفاقي حڪومت کي چئي سگهجي ٿو ته ڪجهه ڪري. وفاقي حڪومت جي کاتن جي ڪارڪردگي ڪهڙي مثال جوڳي آهي جو وفاقي حڪومت ڪنهن ٻئي علائقي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا هنر ڏيکاري سگهي.
سوال اهو آهي ته وفاقي حڪومت جو موقف وزن رکي ٿو ته ڪراچي ۾ نالن جي صفائي کي بنياد بڻائي وفاقي حڪومت ڪو آئيني قدم کڻي؟ سنڌ ۾ حڪومت ۽ سياست ڪرڻ وارن جو دليل آهي ته آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي ته وفاق صوبي جي معاملي ۾ ڪو قدم کڻي. هي ڳالهه ۽ دليل ان ئي وقت وزن رکندو جڏهن معاملن کي ڳالهه ٻولهه سان ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ تي يقين ظاهر ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ جيڪا سياست ٿي رهي آهي ان ۾ برداشت ۽ ڳالهين جي گنجائش ذري گهٽ ختم ٿي وئي آهي . جيڪڏهن برداشت ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ يقين هجي ها ته اها ڳالهه ئي نه چئي وڃي ها ته وفاقي حڪومت ڪنهن معمولي نوعيت جي مسئلي تي ڪو قدم کڻي سگهي ٿي. ٺيڪ آهي ته ڪراچي ۾ تازو برساتن سبب عوام کي ڏکيائيون برداشت ڪرڻيون پيون آهن پر ضلعي دادو ۾ ڪاڇي جي علائقي ۾ رهندڙ عوام کي ڪا گهٽ ڏکيائي ناهي ٿي . بلوچستان مان آيل برسات جي پاڻي جي وهڪري ۾ آباديون پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويون آهن. هي ته حڪومتن جي ڪمزوري آهي، ڪوتاهي آهي جنهن ڪري ڪراچي ، دادو يا ڪنهن به علائقي ۾ رهندڙ عوام ڏکيائي جي ور چڙهن ٿا. صوبائي حڪومت کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪم ڪرڻ گهربو هو ته دادو جو عوام پريشاني جو شڪار نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن ٿئي به ها ته سندن مدد ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ صوبائي حڪومت موجود هجي ها. لاڳاپيل صوبائي وزير سهيل سيال کي پهرئين ڏينهن کان جوهي ۾ ڪيمپ قائم ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن ضلعي انتظاميا جي ڪمن تي نظر رکي سگهي ها ۽ انهن کان عوام جي مدد ۽ سهولتن لاءِ ڪم وٺي ها. اسان جو مسئلو اهو ئي آهي ته وزير ۽ علائقي جي نمائندگي جا دعويدار قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر عوام جي ضرورت جي وقت عوام ۾ موجود نه هوندا آهن. عوام کين ڳوليندو رهندو آهي. هنن ماڻهن ۾ اهو احساس ئي ناهي هوندو ته جنهن وقت ماڻهو سندن ضرورت محسوس ڪن کين ماڻهن جي پهچ ۾ هجڻ گهرجي. ووٽ وجهڻ واري ڏينهن يا عام چونڊن جي موقعي تي ئي کين عوام ياد اچي ٿو نه ته عوام کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي. دنيا ۾ اهڙا مثال گهٽ ملندا جيئن پاڪستان ۾ چونڊيل نمائندي بابت ملن ٿا ۽ جن ملڪن ۾ اهڙا مثال ملن ٿا اتي حڪومتون جلد يا دير سان ناڪامي جو شڪار ٿين ٿيون. تباهي پکڙجي ٿي ۽ عوام جڏهن کين موقعو ملي ٿو ته چڙي پوي ٿو ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو. عوام کي زباني تقريرن جي ان وقت ضرورت ناهي هوندي جڏهن هو ڏکيائي ۾ هوندا آهن، کين ته پنهنجي ڏکيائي جو فوري حل گهربل هوندو آهي. دادو جي علائقي جوهي ۾ پاڻي ۾ گهيريل ماڻهن کي هن وقت تقرير جي ضرورت ناهي. کين پاڻي مان آجپو ڏيارڻ گهرجي ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون گهرجن. اهڙن موقعن تي چونڊيل نمائندن جي پهچڻ کان اڳ ئي فوج پهتل هوندي آهي ايئن ڇو ٿيندو آهي.؟
حڪومت ڇو دير جو شڪار هوندي آهي جڏهن ته ذميواري حڪومتن جي هوندي آهي. حڪومتن جي ڪوتاهي ئي عوام کي جمهوريت کان بيزار ۽ پري ڪري ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *