تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

ڪراچي ۾ برسات ۽ نفسياتي جنگ

ڪراچي جو ڪچرو هجي يا گندي پاڻي جي نيڪالي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي هجي يا برسات، اڄڪلهه اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي سنڌ خلاف نفسياتي جنگ زور شور سان جاري آهي. شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم سول انتظاميا جي مدد لاءِ فوج جي مدد گهرائي هئي جنهن تحت NDMA برساتي نئين ۽ نالن جي صفائي لاءِ FWO کي ذميواري سونپي جنهن سنڌ سرڪار جي سهڪار سان 38 مان ٽن نالن جي جزوي صفائي ڪئي آهي. سومر 27 جولاءِ کان لڳاتار مينهن سبب ڪجهه علائقن ۾ 86 سينٽي ميٽر برسات ڪري شهر جا رستا ٻڏي ويا هئا، گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو هو ۽ 5 ماڻهو بجلي جي ڪرنٽ، کنوڻ ۽ ٻڏڻ سبب مري ويا هئا. NDMA جي چيئرمين ڪراچي ۾ گڏجاڻين ۽ نالن جي معائني بعد چيو هو ته نالن ۽ نئين تي قبضا ٿي چڪا آهن جنهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ سڀني ڌرين کي ويهي ڪو متفقه فيصلو ڪرڻو پوندو.
ڪراچي دنيا جي ڏهن وڏن شهرن جي لسٽ ۾ شامل آهي جنهنجي آبادي ٻن ڪروڙن ۽ ايراضي 4 هزار چورس ڪلو ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي. هتي روزانو 16 هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿي رهيو آهي جنهنکي ڪنهن هنڌ دفن ڪرڻ لاءِ زمين يا ريسائيڪل ڪرڻ لاءِ گهربل مشينون ناهن. ڪنهن وقت دنيا جو صاف ترين سنڌ جي گادي جو شهر هاڻي دنيا جي 15 گندن شهرن دهلي، ممبئي، ڍاڪا، ميڪسيڪو سٽي، الماٽي سان گڏ ڪراچي به شامل آهي. دنيا جا صاف ترين شهر سنگاپور، هانگ ڪانگ، سيول، نيو يارڪ، لنڊن، پئرس گهڻو ڪري هڪ ڪروڙ کان گهٽ آبادي جا شهر آهن. هونئن ته جڏهن به گند ڪچري، برساتي ٻوڏ جي ڳالهه ٿيندي آهي تڏهن ذميوار سائين سرڪار کي سڏيو ويندو آهي حالانڪه ڪراچي جي شهري سهوليتن جي ذميواري ڪي ايم سي، ڇهن ڪينٽونمينٽ بورڊز ۽ ضلعي ڪائونسل تي به آهي. ڪراچي، ڪلفٽن، ملير، فيصل، منهوڙو، ڪورنگي ڪريڪ تي مشتمل ڇهه ڪينٽونمينٽ بورڊ آهن ۽ جي ماڙيپور، فيصل ايئربيس ۽ ڪراچي سامونڊي ۽ سول ايئرپورٽن، پورٽ قاسم، ڪي پي ٽي، ريلوي، اسٽيل ملز، مشين ٽول فيڪٽري، ڪارساز ۽ نيول اسٽيبلشمينٽ کي شامل ڪبو ته اندازن 70سيڪڙو زمين وفاقي ادارن جي انتظام هيٺ آهي. انکان سواءِ ڪي ايم سي جي هيٺان 6 زونل ميونسپل ۽ 158 يونين ڪائونسلون به آهن جن جومک ڪم ميونسپل سروسز جي فراهمي آهي جن۾ صفائي سٿرائي به شامل آهي.
پر ميڊيا ڪمال خوبصورتي سان سڄي ذميواري سنڌ سرڪار مٿان وجهي بار بار انکي سائين سرڪار سڏي نه فقط سنڌين جو مذاق بڻائي رهي آهي پر ڪراچي بابت ڀانت ڀانت جا اهڙا ته خوفناڪ تبصرا ڪري رهي آهي ڄڻ ته ڪراچي جو وجود انسانن، تاريخ ۽ جاگرافي کان ڪٽيل ڪنهن ڪاغذ تي پاتل ليڪن جو ڳيجهو هجي جنهنکي “ادهر سي ادهر ڪرني مين” ڪا ڪشميري ليڪ ئي ڪافي آهي.
خميس 6 آگسٽ کا ن شروع ٿيندڙ نئين برساتي سلسلي ڪري ٻن ڏينهن ۾ ساڳي برسات وسي آهي، بجلي جي ڪرنٽ ڪري 7 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن پر ميڊيا جو اهو شور ناهي جيڪو پهريائين هو. ڇوته هن ڀيري NDMA ۽ FWO جو نالو به ذميوارن ۾ شامل ٿي ويندو، جيڪا کين کڻن جي اجازت ناهي.حالانڪه پهريان به وفاقي وزير علي زيدي جي قيادت ۾ FWO ڪجهه نالن جي “فوٽو صفائي ”ڪرائي هئي پر انجو به ڪو کڙتيل نه نڪتو هو. سوشل ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي بدستور بيٺو رهيو ۽ گرين لائين جا ٿنبا نالن ۾ کپڻ سبب به برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ مسئلو پئدا ٿيو. ان بعد واٽس ائپ تي آئين جي آرٽيڪل 149 جي حوالي سان انجي خود مطلبي تشريح ڪري ايئن افواهه ڦهلايو ويو ڄڻ ته اجهو ٿو سڀني سنڌين کي اندر ڪري، سول انتظاميا معطل ڪري سنڌ ۾ ايمرجنسي هڻي سر ريڊڪلف جي لڪير سان نقشي کي ڪيڪ جيان ڪٽي، سنڌ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري اسلام آباد جي ايوانن ۾ پيش ڪئي ويندي وغيره . حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪراچي مان نڪرندڙ هڪ سنڌي اخبار بنا ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي انکي ليڊ اسٽوري ڏئي پڙهندڙن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. ڪن چيو ته اها چين جي رٿا آهي جيئن ڪو وقت اڳي اهي فرضي تجزيا ڪرايا ويندا هئا ته 1997 ع کانپوءِ هانگ ڪنگ چين جي حوالي ٿيڻ بعد ڪراچي برطانيا کي آزاد بندر طور گهربل آهي. ايئن پروپئگينڊا جي مشين ڪو به موقعو هٿ مان وڃائڻ نٿي چاهي ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسين پاڻ به بنا سوچ ويچار جي انکي ڦهلائي پنهنجي اندر مايوسي پئدا ڪري سندن ڪم ۾ سهولتڪار بنجون ٿا.
اچو ڏسون ته آئين جو آرٽيڪل 149 ڇاٿو چوي.
آرٽيڪل149:- ڪجهه ڪيسن ۾ صوبن کي هدايتون ڏيڻ بابت.
(1) ڪنهن به صوبي جا انتظامي اختيار اهڙي نموني هلايا وڃن جيئن وفاق جي انتظامي اختيارن ۾ ڪا رڪاوٽ نه پئجي سگهي ۽ وفاق جي انتظامي اختياري ڪنهن صوبي کي اهڙيون هدايتون ڏئي سگهي ٿي جيڪي وفاقي سرڪار ان مقصد لاءِ ضروري سمجهي. (2)هي شق ارڙهين ترميم تحت 2010ع ۾ ختم ڪئي وئي. (3) وفاق جي انتظامي اختياري ڪنهن صوبي کي قومي يا اسٽريٽيجڪ مقصد لاءِ طئي ٿيل مواصلات جي ذريعن کي اڏڻ توڙي قائم رکڻ لاءِ به هدايتون ڏئي سگهي ٿي. (4) پاڪستان يا انجي ڪنهن حصي ۾ امن، هم آهنگي يا معاشي زندگي کي لاحق شديد خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي انتظامي اختياري ڪنهن صوبي کي ان مقصد لاءِ هدايتون ڏئي سگهي ٿي.
سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاه صحافين پاران پڇيل سوالن جي جواب ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته، “نابالغ سياسي يتيم آئين جي آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي.اهو گرم هوا جو بلبلو آهي جيڪو جلد ڦاٽي ويندو ۽ هن ميڊيا کي صلاح ڏني ته هو سياسي نابالغن جي ان شوشي تي ڌيان نه ڏين.”
آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته آئين موجب پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي ڪو گادي جو شهر ته پري رهيو پر ڪا ديھه به ان صوبي جي اسيمبلي جي 2/3 اڪثريت جي مرضي کان سواءِ ان کان الڳ ڪري نٿي سگهجي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 149 تحت ڪنهن به صورت۾ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي انتظامي اختيارن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي ۽ فقط انهن معاملن بابت صوبائي سرڪار کي هدايتون ڏئي سگهي ٿي جيڪي وفاق جي ماتحت ۽ انجي اختيار ۾ آهن. انڪري149 هڪ اهڙو آرٽيڪل آهي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ فقط پنهنجن معاملن ۾ مدد لاءِ وفاقي سرڪار صوبائي سرڪار کي گذارش ڪري سگهي ٿي ۽ ان تي عمل به صوبائي سرڪار کي ئي ڪرڻو آهي. انڪري ان آرٽيڪل تحت صوبائي خودمختياري کي ٽوڙڻ ممڪن ناهي. ان آرٽيڪل کي استعمال ڪرڻ بابت قانون جي ايم ڪيو ايمي وزير هڪ سال اڳ به رٿ ڏني هئي ته ان تحت ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏئي سگهجي ٿو. جنهن تي سندس بار ڪائونسل جي ميمبرشپ معطل ٿيڻ بعد هن معافي ورتي هئي.
ڪراچي جو مسئلو جيڪو گذريل ٽيهن سالن دوران بي پناهه آبادي وڌڻ ، خراب گورننس ۽ قبضه گير مافيا کي کلي ڇوٽ ڏيڻ سبب وڌيڪ ڳنڀير ٿيو آهي جن پارڪن، روڊن، رستن، خالي پلاٽن ، ريلوي بندن، نئين ۽ نالن تي قبضا ڪري شهر کي ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻائي ڇڏيو آهي تنهن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سول سوسائٽي جي هيٺين تجويزن تي سوچ ويچار ڪري انتي مناسب نموني عمل ڪيو وڃي؛
سنڌ سرڪار کي پنهنجي گورننس ۾ بهتري آڻڻ گهرجي ۽ انکي وڌيڪ شفاف بنائڻ گهرجي. مقرريون نيلام ڪرڻ بجاءِ اهليت جي بنياد تي ڪيون وڃن. تازو دل جي اسپتال، روڊن جي تعمير، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ، امن امان جي معاملن ، سنڌ روينيو بورڊ جي وصولي ۾ بهتر ڪارڪردگي جي سنڌ کان ٻاهر به تعريف ٿي آهي . ٻيهر چونڊجڻ لاءِ ٻين جزن سان گڏ گورننس ئي بهترين ضمانت آهي.
سنڌ سرڪار ميونسپل سروسز جهڙوڪ پيئڻ جو پاڻي، گند گڏ ڪرڻ، صفائي، گندي پاڻي جو نيڪال وغيره جون ذميواريون ميونسپل ادارن حوالي ڪري کين ملندڙ فنڊز بابت شفاف نموني عوام کي آگاهه ڪري ۽ انهن جي آڊٽ ڪرائي. انهن ادارن مان غير حاضر عملي کي قانون موجب نيڪالي ڏئي.
ڪراچي شهر مان غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي.
ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن تي آئين موجب ضابطوآندو وڃي.
شهر کي وڌيڪ ضلعن ۾ ورهايو وڃي.
اختيار KMC کان ZMCs ۽ ZMCs کان يونين ڪائونسل تائين پهچايا وڃن.
پارڪن، ريلوي بندن، نالن تان غير قانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن.
ڪنهن انفرا اسٽرڪچر ٺهڻ تائين ڪنهن به گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير روڪي وڃي.
بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي مها راشي آفيسرن کان پاڪ ڪيو وڃي جيڪي پئسا وٺي ريلوي بندن ۽ نالن مٿان اڏيل عمارتن جي ليز به بنا ڪنهن سوچ ويچار جي ڪري ڇڏين ٿا.
بحريه ٽائون جي غير قانوني اڏاوتن مان سپريم ڪورٽ کي ملندڙ اٽڪل 5 کرب رپيا وصول ڪري متاثر ٿيل ڳوٺن جي بحالي، آبادڪاري ۽ فلاح تي خرچ ڪيا وڃن.
سرڪاري زمينن، پلاٽن جي قانون تحت، شفاف نموني نيلام وسيلي مارڪيٽ اگهه تي الاٽمينٽ ڪئي وڃي. هزارين ايڪڙ زمين ڪنهن هڪ گروپ کي ڏيڻ جي پاليسي بند ڪئي وڃي.
سنڌ جي وجود لاءِ ضروري آهي ته اسيمبلي اسٽريٽ جي آواز کي ٻڌي، سمجهي ۽ انتي عمل ڪري. ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين جدوجهدن جي ڪاميابي اسانکي اهو ئي سيکاريو آهي ته اسٽريٽ ۽ اسيمبلي جي هم آهنگي ۾ ئي سنڌ جي ڀلائي آهي.

Bookmark the permalink.

One Response to ڪراچي ۾ برسات ۽ نفسياتي جنگ

  1. Irshad Katpar says:

    Very right
    And informative

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *