تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي ڪچري جي سياست ۽ سنڌ جا تباهه حال شهر

هاڻي جڏهن ڪراچي ۾ ڪچري واري سياسي کچڙي پچي تيار ٿي آهي ۽ سنڌ جي چونڊيل حڪومت مٿين سرڪار جي دٻاءُ تي ڪراچي جا انتظام هڪ ڪميٽي حوالي ڪيا آهن ته مونکي سنڌ جا اهي شهر ياد اچي رهيا آهن جتي ماڻهن ڪچري سان گڏ رهڻ سکي ورتو آهي ۽ صدين جي بيمارن وانگر انهن گندين گهٽين کي پنهنجو نصيب سمجهي هلي رهيا آهن.پر انهن شهرن ۾ جڏهن به ڪو ٻاهريون ماڻهو ايندو آهي ته کيس حيرت ضرور لڳندي آهي ۽ اچرج مان اهو سوال ڪري وجهندو آهي ته هن شهر کي ڪهڙي جنگ تباهه ڪيو آهي.اهڙو ئي سوال نوي واري ڏهاڪي ۾ مون سکر جي هر هڪ باشعور ماڻهو کان ڪيو هو جڏهن رشيد راڄڙ مرحوم کانپوءِ منهنجي ڊيوٽي سکر ۾ لڳي هئي.ان وقت سکر جا سمورا روڊ ٽٽل هئا ۽ گٽرن مٿان ڍڪ ڏنل نه هئا.فوٽ پاٿ تي دڪاندارن جو قبضو هيو ۽ انهن جي اڳيان موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جي لائين لڳل هئي. ڪتابن ۾ سکر جون تعريفون پڙهي پڙهي مون سوچيو هو سچ پچ ۾ سکر ڪو سون سريکو هوندو پر جنهن روڊ سان گذرندا هئاسين اتان صرف گٽرن جي بدبوءِ ايندي هئي.لڳ ڀڳ ويهه سال گذري ويا آهن پر سکر جي حالت اڃان به ساڳي آهي. سکر جي هاڻوڪي ميئر پنهنجي محسنن کي خوش ڪرڻ خاطر لب مهراڻ واري پارڪ ۾ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو جهنڊو لڳرائي ڪور ڪمانڊر کان افتتاح ته ڪرايو پر کيس وچ شهر ۾ وٺي نه آيو جتي گٽرن جون ناليون ابتيون پيون وهن.پر سکر جي شهرين کي شابس آهي انهن ڪڏهن مطالبو نه ڪيو آهي ته سکر کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي ڇو ته سکر جو ميئر شهر جي صفائي نٿو ڪرائي سگهي. ان دور ۾ اسان ڪتابن ۾ پڙهيل اها سنڌ ڳوليندا هئاسين جنهن جي باري ۾ ذڪر ڪيل آهي ته ان جا روڊ گلاب ۽ رابيل جي گلن وارين پاڻين سان ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڌورايا ويندا هئا ته جيئن شهر جا چوڪ چوراها خوشبوئن سان مهڪيل هجن.اهڙي سنڌ ڳوليندا هئاسين جنهن جي رياست خيرپور ۾ جڏهن روڊ نه هئا ته گاهه سان اهي رستا ڍڪيا ويندا هئا ته جيئن رستي تان ڌوڙ اڏامي مسافرن جي اکين ۾ نه پئي پر اهو ماضي صرف ماضي ئي رهيو هاڻي ته هٿ وٺي ميئر صاحبان شهرين جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيا آهن ته هي جيڪي ڪچري ۽ گٽر نالن جا مسئلا آهن سي صرف وفاق ئي حل ڪري سگهي ٿو.
انهن ئي ڏينهن ۾ رڳو سکر ئي نه پر جنهن به شهر ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته اتان جي شهر جي ڀرندڙ ڀتين جي حالتن کي ضرور فوڪس ڪندا هئاسين.ڀلي ته اها شڪارپور ئي ڇو نه هجي جنهن جي عروج واري زماني تي لکجي ته ڪتابن جا ڪتاب لکجي ٿا وڃن ته ڪيئن نه ان شهر جي چوڪن چوراهن تي جانورن کي پاڻي پيارڻ لاءِ حوض ٺهيل هوندا هئا ۽ شاهي باغ جي وڻن جي پاڙ ۾ پکين ۽ ڪيولين لاءِ به خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويندو هو.ان ئي شاهي باغ جي ڪڙ سان جيڪو سنڌ واهه وهي ٿو ان جي خوبصورتي هاڻي ته صرف تصور ۾ ئي اڀاري سگهجي ٿي جتي گرمين جي مند ۾ ميلا مچندا هئا ۽ مردن لاءءِ الڳ ته عورتن لاءِ الڳ سوئمنگ جو بندوبست ٿيل هوندو هو.تمام شاهوڪار ماضي رکندڙ شڪارپور جي هاڻوڪي حالت ڏسي هر اهل دل ماڻهو کي افسوس ٿيندو پر انهن حاڪمن کي هرگز افسوس نٿو ٿئي جيڪي شڪارپور جي ڇتن ڪتن لاءِ آيل زهر جا پئسا به پنهنجي ڀوتارن جي بنگلن تي پهچائين ٿا ۽ رولو ڪتا ڇڙواڳ ڇورن جيان هر ايندي ويندي معصوم کي ڏاڙهي ٿا وجهن.رڳو شڪارپور ئي ڇو توهان ان جيڪب آباد جي ماضي واري عروج کي ڪيئن ٿا وساري سگهو جتي جان جيڪب پنهنجي سر پاڻ بلوچستان سان لڳندڙ سرحد تي لٺ کڻي بيٺل هوندو هيو ته خبردار جو ڪنهن به مرد پنهنجي عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو آهي ته ان جو خير نه هوندو.جان جيڪب شهر کي آباد ڪرڻ سان گڏ ان دور ۾ به شهرين کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو پر هاڻوڪن ڀوتارن هڻي ان شاهوڪار ماضي واري شهر جي ڀينگ ڪري ڇڏي. شهر جي نصيب ۾ اهي ڀوتار اچي اقتداري ڪرسين تي ويٺا جيڪي جوا جي ٽڪرين ۽ ڏاندن جي گوءِ تان ڀتا اوڳاڙيندا هئا پوءِ ٿيو به ايئن ته شهر جي واٽر سپلائي اسڪيم کان ويندي شهر جي آمريڪي اسپتال تائين انهن صرف پنهنجي حصي جا ڀتا اوڳاڙيا باقي شهري شهولتون وڃي کڏ جي تري ۾ پون. انهن جو ڪالهه به ان سان تعلق نه هيو اڄ به ڪو تعلق ناهي.هاڻي جنهن جيڪب آباد ۾ ننڍي وڏي ڳالهه تان قتل معمول بڻيل آهي ان جيڪب آباد جي باني جان جيڪب پنهنجي آفيس جي احاطي ۾ ڪبوترن ۽ ٻين پکين لاءِ پڪ سري جڳهه تيار ڪرائي ۽ اها ڊيزائين به پاڻ ڪئي ته اهي شديد گرمين ۾ اچي آساس ڪن پر هاڻي پکي ته ڇا هر شهر جو ماڻهو لاڙڪاڻي وارن وانگر نئون پهاڪو تيار ڪيون ويٺو آهي ته هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
جيڪي شهر شاهوڪار ماضي رکندڙ هئا انهن ۾ حيدرآباد ته سڀني شهرن جي مٿي جو تاج هيو پر هاڻوڪو حيدرآباد ڏسو ته هر هنڌ گند ڪچرو هر هند گٽر نالا اٿليل.شهر جي ڦليلي هالا ناڪي يا گدو چوڪ کي ته ڇڏيو شهر جي دل يعني حيدر چوڪ تي ئي پهچي توهان حيران ٿي ويندئو ته هن شهر کي ڪنهن جي نظر لڳي آهي هي ٿڏين هوائن ۽ ثقافتي سرگرمين وارو حيدرآباد آهي يا جنگ ۾ تباهه ٿيل ڪابل ۽ قنڌار آهي.جنهن جي ڪا گهٽي ڪو روڊ سلامت ناهي.اسان ته اهو سمجهيو هو ته سکر شڪارپور يا لاڙڪاڻي جا ميئر ته ٿيا ڳوٺاڻا ڄٽ وڏيرا پر هي ته پڙهيل لکيل ڀائي لوگ يا عمران خان جا نفيس لوگ آهن انهن ته شهر کي پئرس بڻائي ڇڏيو هوندو پر انهن پنهنجي ڪاروباري ڳتيل علائقن ۾ به ڪي پبلڪ ٽوائيلٽ تعمير نه ڪرايا جيڪي شهرين کي سهولت فراهم ڪن.ها البته بلديه جي بجيٽ مان لنڊن واري بليڪ ميلر ڀائي کي ڀتو برابر موڪليندا رهيا.انهن شهري بابوئن مان ته اسان اها اميد رکي هئي ته اهي هالينڊ جي ان شهر جي ميئر جيان ڪا تخليقي ٽيڪنڪ آڻيندا جنهن سان شهر سرسبز ساوا ٿيندا.هالينڊ جي هڪ شهر جي ميئر اهڙا ٻوٽا وڏين ڪونڊين ۾ چوڪن تي رکرايا آهن جيڪي پيشاب ڏيڻ سان وڌن ٿا.هن چيو آهي ته ان سان شهري جيڪي تاريخي عمارتن يا نالين ۾ پيشاب ڪندا هئا تن کي روڪي سگهنداسين ۽ شهر به سرسبز سائو ٿي پوندو.سو ڪم ڪرڻ تي ماڻهو اچي ته گند ڪچري مان به وڏا فائدا وٺي سگهي ٿو پر هتي ڪچري جي سياست گٽر ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ڪراچي ڪميٽي ٺهي وڃي ٿي. ڪراچي جا گٽر نالا بند آهن ته سنڌ جا ٻيا شهر ڪهڙو پئرس بڻيل آهن جو انهن کي وفاقي ادارا صاف ڪرڻ نٿا اچن.گٽر نالا اگر ڪراچي ۾ مسئلو پيدا ڪن ٿا ته ساڳيا گٽر نالا ۽ گٽرن جو آزار ته حيدرآباد ، سکر ، جيڪب آباد ۾ به آهي پوءِ انهن شهرن طرف ڪڏهن ٿا اچو.اگر انهن شهرن طرف وفاقي ڪميٽي نٿي اچي ته ان جو مطلب صاف صاف اهو آهي ته توهان کي ڪراچي جي ڪچري جي نه پر ڪراچي جي سياسي ڪچري يا سياسي گجر نالي جو پيٽ ۾ سور آهي توهان کي شهرن جي صفائي سٿرائي سان ڪا غرض ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *